مواد ڏانھن هلو

ٽينوچٽٽلان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميڪسيڪو-تينوچٽٽلان

1325–1521
{{{coat_alt}}}
گلائيف
Location of تينوچٽٽلان
جو مقامتينوچٽٽلان
گادي جو هنڌ تينوچٽٽلان
19°26′N 99°8′W / 19.433°N 99.133°W / 19.433; -99.133
مذهب ازتڪ مذهب
حڪومت بادشاهت
آبادي
 1521 کان اڳ اندازو
200٬000+[1][2]
تينوچٽٽلان

ٽيمپلو مايور جا کنڊر، ميڪسيڪا قوم جو مکيه مندر
متبادل  نالو ميڪسيڪو-تينوچٽٽلان
مقام ميڪسيڪو سٽي، ميڪسيڪو
علائقو ڍنڍ ٽيڪسڪوڪو، ميڪسيڪو جي وادي
مقانيت 19°26′N 99°8′W / 19.433°N 99.133°W / 19.433; -99.133
تاريخ
بنياد پيو غير واضح تاريخ، 13 مارچ 1325ع قرار ڏنل
ترڪ ٿيو 1521ع ۾ فتح
زمانو ديرين پوسٽ ڪلاسڪ دور
ثقافتون ازتڪ
جڳھ بابت
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو
سرڪاري نالو ميڪسيڪو سٽي ۽ شوچيميليڪو جو تاريخي مرڪز
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو ثقافتي: ii، iii، iv، v
حوالو 412
داخلا 1987 (11th سيشن)

تينوچٽٽلان (Tenochtitlan [lower-alpha 1])، جن کي ميڪسيڪو-تينوچٽٽلان [lower-alpha 2] به چيو وڃي ٿو موجوده ميڪسيڪو شهر جي تاريخي مرڪز ۾ واقع هڪ وڏو ميڪسيڪي الٽيپيٽل هو. شهر جي قيام جي صحيح تاريخ غير واضح آهي، پر 1925ع ۾ شهر جي ڇهه سئو ساله سالگرهه ملهائڻ لاءِ 13 مارچ 1325ع کي چونڊيو ويو.[3]

هي شهر ان ٻيٽ تي تعمير ڪيو ويو هو، جيڪو ان وقت واديءِ ميڪسيڪو اندر ڍنڍ ٽيڪسڪوڪو ۾ واقع هو. پندرهين صدي ۾ هي شهر وڌندڙ ازتڪ سلطنت جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو[4]، جيستائين 1521ع ۾ ان کي ٽلاڪسڪالا وارن ۽ اسپينين فتح ڪيو. پنهنجي عروج تي، هي قبلِ ڪولمبس آمريڪا جو سڀ کان وڏو شهر-رياست هو. بعد ۾ اهو نئون اسپين جي وائسراءِت جو هڪ ڪابيسيرا بڻيو. اڄ، تينوچٽٽلان جا کنڊر ميڪسيڪو جي گاديءَ واري شهر جي تاريخي مرڪز ۾ موجود آهن. شوچيميليڪو جو عالمي ورثي وارو ماڳ ميڪسيڪا گاديءَ جي باقي بچيل جاگرافي (پاڻي، ٻيڙيون، ترندڙ باغ) کي محفوظ رکي ٿو. تينوچٽٽلان ٻيٽ تي موجود ٻن ميڪسيڪا āltepētl (شهر-رياستن يا سياسي وحدتن) مان هڪ هو، جڏهن ته ٻيو ٽلاتيلولوڪو هو.

اشتقاق

[سنواريو]

روايتي طور تي، تينوچٽٽلان نالي کي ناهواٽل ٻوليءَ جي لفظن "ٽيٽل" (tetl; nah: پٿر) ۽ "نوشٽلي" (nōchtli;nah; ڪاٽن وارو ناگفني/ڪنڊيالي ناشپاتي) مان نڪتل سمجهيو ويندو رهيو آهي ۽ عام طور ان جو مطلب "پٿرن جي وچ ۾ وڌندڙ ڪنڊيالي ناشپاتيون" سمجهيو وڃي ٿو. بهرحال، ديرين 16هين صديءَ جي هڪ مخطوطي ۾، جنهن کي "بينڪرافٽ ڊائلاگس" چيو وڃي ٿو، اهو ذڪر ملي ٿو ته ٻيو حرف علت مختصر هو، جنهن سبب هن نالي جي صحيح اشتقاق اڃا تائين غير يقيني رهي ٿي.[5] اهو پڻ خيال ڪيو وڃي ٿو ته شهر جو نالو "تينوچ" جي نالي تان رکيو ويو هو.[4]

جاگرافي

[سنواريو]
اٿلي ڍنڍ ٽيڪسڪوڪو جو اولهه وارو حصو. تينوچٽٽلان مکيه ٻيٽ جو ڏاکڻي حصو هو، جڏهن ته اترئين حصي ۾ ٽلاتيلولوڪو واقع هو.

تينوچٽٽلان جو اندازي موجب علائقو 8 تائين 13.5 km2 (3.1 تائين 5.2 sq mi) هو،[6] جيڪو اٿلي ڍنڍ ٽيڪسڪوڪو جي اولهه واري پاسي واقع هو. اسپيني فتحن جي وقت، ميڪسيڪو سٽي ۾ تينوچٽٽلان ۽ ٽلاتيلولوڪو ٻئي شامل هئا. شهر اتر کان ڏکڻ طرف ڦهليل هو: اتر ۾ ٽلاتيلولوڪو جي حد کان وٺي دلدلن تائين، جيڪي ان وقت آهستي آهستي اولهه طرف ختم ٿي رهيا هئا؛ شهر لڳ ڀڳ اڄوڪي Avenida Bucareli واري جاءِ تي ختم ٿيندو هو.[7] شهر کي خشڪي سان پلن ۽ بندن ذريعي ڳنڍيو ويو هو، جيڪي اتر، ڏکڻ ۽ اولهه ڏانهن ويندا هئا.[8] انهن بندن ۾ اهڙا پل هئا، جيڪي ٻيڙين ۽ ٻين آبي آمدرفت کي آزاديءَ سان گذرڻ ڏيندا هئا. ضرورت پوڻ تي اهي پل ڪڍي به سگهجن ٿيون، ته جيئن شهر جو بچاءُ ٿي سگهي.[9][10] شهر ۾ نهرن جو ڄار وڇايل هو، جنهن سبب شهر جي هر حصي تائين پيادل يا ٻيڙي ذريعي پهچي سگهجي پئي.[11] ٽيڪسڪوڪو ڍنڍ پنج پاڻ ۾ ڳنڍيل ڍنڍن مان سڀ کان وڏي هئي. ڇاڪاڻ⁠تہ اها هڪ اندروني نيڪاس واري وادي ۾ ٺهي هئي، تنهن ڪري ٽيڪسڪوڪو ڍنڍ جو پاڻي کارو هو. موڪٽيزوما پهريون جي دور ۾ “نيزاهوالڪويوتل جو بند” تعمير ڪيو ويو، جيڪو مبينا طور نيزاهوالڪويوتل جو ٺهيل هو. اندازي موجب هن بند جي ڊيگهه 12 تائين 16 km (7.5 تائين 9.9 mi) هئي، ۽ اهو ت.1453ع ۾ مڪمل ٿيو. هن بند تازي چشمي واري پاڻي کي تينوچٽٽلان جي چوڌاري محفوظ رکيو، جڏهن ته کارو پاڻي بند جي اوڀر طرف رهجي ويو.[12] ٻه ٻيڻا آبي نالا، هر هڪ 4 km (2.5 mi) کان وڌيڪ ڊگها ۽ ٽيراڪوٽا مان ٺهيل،[13] چا پلتيپيڪ جي چشمن مان شهر کي تازو پاڻي فراهم ڪندا هئا. اهو پاڻي خاص طور صفائي ۽ ڌوئڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو؛ پيئڻ لاءِ جبلن جي چشمن جو پاڻي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو. گهڻا ماڻهو ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا وهنجندا هئا؛ چيو وڃي ٿو ته موڪٽيزوما ڏينهن ۾ چار ڀيرا غسل ڪندو هو. ازتڪ ثقافت بابت ادب موجب، اهي گهڻو ڪري صابڻ طور copalxocotl نالي ٻوٽي جي پاڙ (Saponaria americana) استعمال ڪندا هئا،[14] جڏهن ته ڪپڙا صاف ڪرڻ لاءِ metl (Agave americana) جي پاڙ ڪم آندي ويندي هئي. امير طبقو ۽ حامله عورتون temāzcalli ۾ غسل ڪنديون هيون، جيڪو ساونا جهڙو هوندو هو ۽ اڄ به ڏکڻ ميڪسيڪو ۾ استعمال ٿيندو آهي. اهو طريقو ٻين ميزوامريڪي ثقافتن ۾ به عام هو.

شهر جي منصوبابندي

[سنواريو]

جڏهن اسان پاڻيءَ ۾ ٺهيل ايترا شهر ۽ ڳوٺ ڏٺا، ۽ خشڪيءَ تي ٻيا وڏا شهر، ته اسان حيران رهجي وياسين ۽ چيوسين ته اهو ڄڻ جادوگريءَ جو منظر آهي (...) پاڻيءَ مان اڀرندڙ وڏا مندر، عبادتگاهون ۽ عمارتون، سڀ پٿر سان ٺهيل. اسان جي ڪجهه سپاهين ته اهو به پڇيو ته ڇا اسان جيڪو ڏسي رهيا آهيون اهو ڪو خواب ته ناهي؟ (...) مون کي خبر ناهي ته ان کي ڪيئن بيان ڪجي، ڇو⁠تہ اهڙيون شيون نه ڪڏهن ٻڌيون ويون هيون، نه ڏٺيون، نه ئي خوابن ۾ تصور ڪيون ويون.

برنال دياز دل ڪاستيلو، The Conquest of New Spain[15]

شهر کي چار علائقن، يا ڪئمپن، ۾ ورهايو ويو هو؛ هر ڪئمپ کي 20 ضلعن (calpullis، calpōlli، nah، جنهن جو مطلب “وڏو گهر”) ۾ ورهايو ويندو هو؛ ۽ هر calpulli مان گهٽيون يا tlaxilcalli گذرنديون هيون. ٽي مکيه گهٽيون شهر کي پار ڪنديون هيون، ۽ هر هڪ خشڪي ڏانهن ويندڙ ٽن وڏن بندن مان هڪ ڏانهن ويندي هئي: Tepeyac، Iztapalapa ۽ Tlacopan.[16] برنال دياز دل ڪاستيلو ٻڌايو ته اهي گهٽيون ڏهه گھوڙن جي ويڪر جيتريون هيون. مٿي کنيل بندن جي چوڌاري مصنوعي ترندڙ باغ، نهرون ۽ ٻوٽن، جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن جا باغ هئا.[17] calpulli نهرن ذريعي ورهايل هئا، جن تي ڪاٺيون پليون هيون، جيڪي رات جو ڪڍي ڇڏيون وينديون هيون. شهر جون سڀ کان پراڻيون يورپي تصويرون ڪاٺي ڇاپ هيون، جيڪي لڳ ڀڳ 1522ع ۾ Augsburg ۾ شايع ٿيون.[18]

مارڪيٽون

[سنواريو]
شڪاگو جي The Field Museum ۾ ڏيکاريل ٽلاتيلولوڪو مارڪيٽ جو منظر.

هر calpulli وٽ پنهنجي tiyanquiztli (بازار) هوندي هئي، پر مکيه بازار ٽلاتيلولوڪو ۾ هئي، جيڪا تينوچٽٽلان جي ڀيڻ شهر هئي. اسپيني فاتح هيرنان ڪورتيز اندازو لڳايو ته اها سالامانڪا شهر کان ٻيڻي وڏي هئي، ۽ روزانو لڳ ڀڳ 60٬000 ماڻهو اتي واپار ڪندا هئا. برناردينو ڊي ساهگون وڌيڪ محتاط اندازو ڏئي ٿو: عام ڏينهن تي 20٬000 ۽ عيدن تي 40٬000 ماڻهو. ٻين مرڪزي ميڪسيڪي شهرن ۾ به خاص مارڪيٽون موجود هيون.

عوامي عمارتون

[سنواريو]
تينوچٽٽلان جو نقشو ۽ ٽيمپلو مايور جو ماڊل، ميڪسيڪو سٽي جي قومي انسانيات ميوزيم ۾

شهر جي مرڪز ۾ عوامي عمارتون، مندر ۽ محل هئا. هڪ ڀت سان گهيريل چوڪ، جنهن جي هر پاسي ڊيگهه500 ميٽر (1٬600 ft) هئي، مذهبي مرڪز هو. هتي لڳ ڀڳ 45 عوامي عمارتون هيون، جن ۾ شامل هئا: ٽيمپلو مايور، جيڪو ازتڪ سرپرست ديوتا ھُئِيْٽزِيلُوپُوچٽلِي (Huitzilopochtl) ۽ مينهن جي ديوتا ٽلَالُوڪ (Tlaloc) لاءِ وقف هو؛ڪِٽزَلڪُوٽِل (Quetzalcoatl) جو مندر؛ ٽلَاخٽْلِي (tlachtli) (ميزوامريڪي بال راند جو ميدان) جنهن سان گڏ ٽزُومپَنٽلِي (tzompantli) يا کوپڙين جو ريڪ؛ سج جو مندر، جيڪو ٽُونَاتِيُو (Tonatiuh) لاءِ وقف هو؛ عقابن جو گهر، جيڪو ويڙهاڪن ۽ حڪمرانن جي قديم طاقت سان لاڳاپيل هو؛ گليڊيئيٽري قربانين جا پليٽفارم؛ ۽ ڪجهه ننڍا مندر.[19] ان کان ٻاهر موڪٽيزوما جو محل هو، جنهن ۾ 100 ڪمرا هئا، ۽ هر ڪمري سان گڏ غسل خانو هو، سردارن ۽ اتحادي يا فتح ٿيل قومن جي سفيرن لاءِ. ويجهو ئي ڪُئِڪَلِّيْ (گيتن جو گهر) ۽ ڪَلْمَيْڪَڪ پڻ هئا.[20]شهر ۾ وڏي هم آهنگي هئي. سڀ تعميرون ڪلْمِيمِيلُوْڪاٽَلْ جي منظوري سان ٿينديون هيون، جيڪو شهر جي منصوبابندي جو ذميوار عملدار هو.

موڪٽيزوما ٻئي جا محل

[سنواريو]

موڪٽيزوما ٻئي جي محل ۾ ٻه گهر يا چڙيا گهر به هئا: هڪ شڪاري پکين لاءِ، ۽ ٻيو ٻين پکين، ريپٽائيلن ۽ مماليان لاءِ. لڳ ڀڳ 300 ماڻهو جانورن جي سنڀال لاءِ مقرر هئا. هتي هڪ بوٽانيڪل باغ ۽ هڪ ايڪويريم به هو. ايڪويريم ۾ ڏهه کارن پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ ڏهه مٺي پاڻيءَ جا تلاءَ هئا، جن ۾ مختلف مڇيون ۽ آبي پکي رکيل هئا. اهڙا هنٽيڪسڪوڪو, ڇاپُلْٽِيْپِيڪْ (Chapultepec), واڪْسْٽِيْپِڪْ (Huaxtepec),اوَڪْسْٽِيْپِڪْ (Oaxtepec), ٽِڪْسْڪُوْٽْزِنْگُو (Texcotzingo) ۾ به موجود هئا.[21]

حوالا

[سنواريو]
  1. "ازتڪ", هسٽري ڊاٽ ڪام (انگريزي ٻولي ۾), 9 سيپٽمبر 2020۔
  2. "فامسي – جان پول جي ميزوامريڪا – تينوچٽٽلان"۔
  3. ڪاستيلو ليڊون، لوئس (1925). لا فونڊاثيون ڊي لا سيوداد ڊي ميڪسيڪو 1325–1925 ايڊيٽوريل ڪلچورا، صفحا 5، 55، 56
  4. 1 2 "تينوچٽٽلان، ازتڪ گادي" (es ۾). نيشنل جيوگرافڪ (54): p. 76. http://www.historiang.com/articulo.jsp?id=1606479.
  5. فرانسس ڪارٽونن (1983) An Analytical Dictionary of Nahuatl صفحو 225، ٽيڪساس لِنگوئسٽڪ سيريز، يونيورسٽي آف ٽيڪساس، آسٽن ISBN 978-0-2927-0365-0؛ OCLC 230535203
  6. "تينوچٽٽلان", education.nationalgeographic.org (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 04 نومبر 2024۔
  7. مندي, باربرا اي. (2018). The death of Aztec Tenochtitlan, the life of Mexico City. Joe R. and Teresa Lozano Long series in Latin American and Latino art and culture. Austin (Tex.): University of Texas. ISBN 978-1-4773-1713-6.
  8. "تينوچٽٽلان جا قديم بند" (English ۾). Mexican Routes. 2025-09-23. https://mexicanroutes.com/the-ancient-causeways-of-tenochtitlan-from-aztec-roads-to-mexico-city-avenues/.
  9. Thomas, Hugh (1994). The Conquest Of Mexico. Pimlico. p. 277. ISBN 0-7126-6079-8.
  10. Biar, Alexandra (2021). "Navigation Paths and Urbanism in the Basin of Mexico Before the Conquest". Ancient Mesoamerica 34: 104–123. doi:10.1017/S0956536121000328. ISSN 0956-5361.
  11. Thomas, Hugh (1994). The Conquest Of Mexico. Pimlico. pp. 3–5. ISBN 0-7126-6079-8.
  12. Thomas, Hugh (1994). The Conquest Of Mexico. Pimlico. p. 493. ISBN 0-7126-6079-8.
  13. Cortés, H.
  14. Aguilar-Moreno, Manuel (2006). Handbook to life in the Aztec world. Infobase Publishing. p. 368. ISBN 978-0-8160-5673-6.
  15. Bernal Diaz Del Castillo, "The Discovery And Conquest Of Mexico 1517–1521", ايڊيٽ ڪيل Genaro Garcia، ترجمو ۽ نوٽس A. P. Maudslay، پهريون اشاعت 1928
  16. Coe, M. 2008، ص 193.
  17. Walker, C. 1980، ص 162.
  18. "Newspaper About the Country that the Spaniards Found in 1521, Called Yucatan", World Digital Library, 17 October 2011, حاصل ڪيل 22 June 2014۔
  19. Coe, M. 2008، ص 193
  20. Cortés, H. 1520، ص 87.
  21. Cortés, H. 1520، ص 89.
  1. nah
  2. Mēxihco Tenochtitlan nah؛ México-Tenochtitlan
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو