مواد ڏانھن هلو

ٽيلوريئم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ ٽيلوريئم (سلجھائپ) ڏسو.
ٽيلوريئم
Tellurium
52Te
ايٽمي انگ (Z) 52
ايٽمي وزن (A) 127.60
گروپ 16 (چالڪوجن)
سيريز 5
بلاڪ p-block
اليڪٽران جي ترتيب [Kr] 4d10 5s2 5p4
اليڪٽران في شيل 2, 8, 18, 18, 6
ايٽمي ريڊيس 140 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) 1st: 869.3
2nd: 1790
3rd: 2698
آڪسائيڊيشن نمبر عام: 1-,1+,2-,+2 ،3+,4+,5+,+6
اليڪٽرونيگيٽيئٽي 2.1 (پالنگ اسڪيل)
حالت (STP) سالڊ
گھاٽائي (20°C تي) 6.237 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
مايع حالت ۾ (پگھرائڻ جي نقطي): 5.70 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
Government
فزيڪل خاصيتون
 • اُبلڻ جو نقطو (1261°K), (988°C)
 • پگھلڻ جو نقطو (722.66K) (449.51°C)،
 • پگھرائڻ لاء حرارت 17.49 ڪلو جول في مول
 • ٻاڦ جي حرارت 114.1 ڪلو جول في مول
 • مولر گرميء گنجائش 25.73 جول في مول.ڪيلون

ٽيلوريئم (Tellurium) هڪ ڪيميائي عنصر آهي، جن جو نشان Te ۽ ايٽمي نمبر 52 آهي. اهو هڪ ڀُرندڙ، هلڪو زهريلو، ناياب، چانديءَ جهيڙي اڇي رنگ وارو يم ڌاتو (Metalloid) آهي. ٽيليوريم ڪيميائي طور تي سيلينيم ۽ سلفر سان لاڳاپيل آهي، جئين ته اها سڀئي چالڪوجن آهن. اهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلي شڪل ۾ عنصري ڪرسٽل جي صورت ۾ ملي ٿو. ٽيليوريم ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ پوري ڪائنات ۾ تمام گهڻو عام آهي. ڌرتيءَ جي ڪرسٽ ۾ هن جو، پلاٽينم مقابلي ۾ انتهائي ناياب ٿيڻ جو ڪارڻ، هن جو هڪ غير مستحڪم هائيڊرائيڊ جي ٺهڻ جي ڪري آهي. هن ڪارڻ ٽيليوريم ڌرتيءَ جي گرم نيبولر جي ٺهڻ دوران، گئس جي طور تي خلا ۾ گم ٿي ويو هو.

ٽيليوريم وارا مرڪب پهريون ڀيرو سال 1782ع ۾ ڪلينشلاٽن، ٽرانسلوانيا (هاڻي زلاٽنا، رومانيا) ۾ سون جي کاڻ ۾ آسٽريا جي معدنيات جي ماهر فرانز-جوزف مولر وون ريچينسٽائن پاران دريافت ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ اهو مارٽن هينريچ ڪلاپروٿ هو جنهن 1798ع ۾ نئين عنصر جو نالو، لاطيني ٽيلس، معني "ڌرتي"جي نالي تي ڏنو. سون جا ٽيليوريڊ معدنيات سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر قدرتي سون جا مرڪب آهن. بهرحال، اهي ٽيليوريم جو تجارتي طور تي اهم ذريعو نه آهن، جيڪو عام طور تي ٽامي ۽ شيھي جي پيداوار جي ضمني پيداوار جي طور تي ڪڍيو ويندو آهي.

تجارتي طور تي، ٽيليوريم جو بنيادي استعمال CdTe سولر پينل ۽ ٿرمو اليڪٽرڪ ڊوائيسز آهن. ٽامي (ٽيليوريم ڪاپر) ۽ اسٽيل مصر ۾ هڪ وڌيڪ روايتي استعمال، جتي ٽيليوريم مشيني صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿو، ٽيليوريم جي پيداوار جو هڪ وڏو حصو پڻ استعمال ڪري ٿو.

ٽيليوريم جو ڪو به حياتياتي ڪم نه آهي، جيتوڻيڪ فنگس ان کي سلفر ۽ سيلينيم جي جاءِ تي امينو ايسڊ جهڙوڪ ٽيليوريسسٽين ۽ ٽيليوريميٿيونائن ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. انسانن ۾، ٽيليوريم جزوي طور تي ڊائي ميٿائل ٽيليورائيڊ، (CH3)2Te ۾ ميٽابولائز ٿئي ٿو، هڪ گئس جنهن ۾ لہسن جهڙي بوءِ هوندي آهي جيڪا ٽيليوريم جي نمائش يا زهر جي متاثرين جي ساهه ۾ خارج ٿيندي آهي.

موجودگي

[سنواريو]
سلوانائيٽ تي اصلي ٽيليوريم ڪرسٽل (واتوڪولا، ويٽي ليوو، فجي). تصوير جي ويڪر 2 ملي ميٽر.

ڌرتيء جي ڪرسٽ ۾ پلاٽينم جي مقابلي ۾ ڪثرت سان، (تقريبن 1 μg/ڪلوگرام)، ناياب مستحڪم مضبوط عنصرن مان هڪ آهي.[1] اڃا تائين ته ٿئليم ڪرسٽل، لينٽانائيڊس ۾ سڀ کان ناياب، جي ڪثرت به 500 μg/ڪلوگرام آهي.[2]

زمين جي ڪرسٽ ۾ ٽيليوريم جي نايابيت ان جي ڪائناتي ڪثرت جو عڪس ناهي. ٽيليوريم ڪائنات ۾ روبيڊيم کان وڌيڪ ڪثرت سان آهي، پر ڌرتيء جي ڪرسٽ ۾ روبيڊيم 10,000 ڀيرا وڌيڪ ڪثرت سان آهي. زمين تي ٽيليوريم جي نايابيت کي، شمسي نيبولا ۾ اڳواٽ ترتيب ڏيڻ دوران حالتن جي ڪارڻ خيال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪجهه عنصرن جي مستحڪم شڪل (آڪسيجن ۽ پاڻي جي غير موجودگي ۾) آزاد هائيڊروجن جي گهٽتائي واري طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪئي وئي هئي. اهڙي حالت ۾، ڪجهه عنصر جيڪا غير مستحڪم هائيڊرائيڊ، جهڙوڪ ٽيليوريم ٺاهيندا هئا، انهن هائيڊرائيڊ جي بخارات ذريعي تيزي سان ختم ٿي ويا. ٽيليوريم ۽ سيلينيم اهي ڳرا عنصر آهن جيڪي هن عمل ذريعي سڀ کان وڌيڪ ختم ٿيا.

ٽيليوريم ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلي (يعني، عنصري) شڪل ۾ ملي ٿو، پر اهو گهڻو ڪري سون جي ٽيليوريڊ، جهڙوڪ ڪيلاورائٽ ۽ ڪرينيرائٽ، (AuTe2 جا ٻه مختلف پوليمورف)، پيٽزائٽ (Ag3AuTe2) ۽ سلوانائٽ (AgAuTe4) جي صورت مان ملي ٿو. سون پاڻ کي عام طور تي غير گڏيل مليو آهي. پر جڏهن ڪيميائي مرڪب جي طور تي مليو، اهو اڪثر ٽيليوريم سان گڏ ڪيو ويندو آهي.

جيتوڻيڪ، ٽيليوريم سون سان گڏ غير گڏيل شڪل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي ٿو. اهو وڌيڪ عام ڌاتو جي ٽيليوريڊز جي طور تي گڏ ٿيل ملي ٿو. ميلونائيٽ (NiTe2). قدرتي ٽيليوريٽ ۽ ٽيليوريٽ معدنيات پڻ ٿين ٿا. جيڪي زمين جي مٿاڇري جي ويجهو ٽيليوريڊز جي آڪسائيڊيشن سان ٺهندا آهن. سيلينيم جي برعڪس. ٽيليوريم عام طور تي آئن ريڊي ۾ وڏي فرق جي ڪري معدنيات ۾ سلفر کي تبديل نٿو ڪري. تنهن ڪري ڪيترن ئي عام سلفائيڊ معدنيات ۾ سيلينيم جي وڏي مقدار ۽ صرف ٽيليوريم جا نشان هوندا آهن. [3]

سال 1893ع جي سون جي تلاش (Gold Rush) ۾، ڪلگورلي ۾، جڏهن خالص سون جي ڳولا ڪري رهيا هئا، ڪچ ڌات ۾ هڪ پائريٽڪ مواد کي رد ڪري ڇڏيا ۽ ان کي کڏن کي ڀرڻ ۽ فٽ پاٿ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. سال 1896ع ۾، هن رد ڪيل (ٽيلنگ) مان ڪيلاورائيٽ، سون جو هڪ ٽيليوريڊ، دريافت ڪيو ويو، جيڪا هڪ ٻئي گولڊ رش کي جنم ڏنو جنهن ۾ گهٽين جي مائننگ شامل هئي.[4]

سال 2023 ۾ فلڪيات دانن ٻن نيوٽران تارن جي وچ ۾ ٽڪراءَ دوران ٽيليوريم جي تخليق جو پتو لڳايو.[5]

طبعي خاصيتون

[سنواريو]

Tellurium has two allotropes, crystalline and amorphous. When crystalline, tellurium is silvery-white with a metallic luster. The crystals are trigonal and chiral (space group 152 or 154 depending on the chirality), like the gray form of selenium. It is a brittle and easily pulverized metalloid. Amorphous tellurium is a black-brown powder prepared by precipitating it from a solution of tellurous acid or telluric acid (Te(OH)6). Tellurium is a semiconductor that shows greater electrical conductivity in certain directions depending on atomic alignment; the conductivity increases slightly when exposed to light (photoconductivity).[6] When molten, tellurium is corrosive to copper, iron, and stainless steel. Of the chalcogens (oxygen-family elements), tellurium has the highest melting and boiling points, at 722.66 ۽ 1٬261 K (449.51 ۽ 987.85 °C), respectively.[7]

ڪيميائي خاصيتون

[سنواريو]

Crystalline tellurium consists of parallel helical chains of Te atoms, with three atoms per turn. This gray material resists oxidation by air and is not volatile.[8]

همجاء

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Isotopes of tellurium

Naturally occurring tellurium has eight isotopes. Six of those isotopes, 120Te, 122Te, 123Te, 124Te, 125Te, and 126Te, are stable. The other two, 128Te and 130Te, are slightly radioactive,[9][10][11] with extremely long half-lives, including 2.2 × 1024 years for 128Te. This is the longest known half-life among all radionuclides[12] and is about 160 trillion (1012) times the age of the known universe.

A further 31 artificial radioisotopes of tellurium are known, with atomic masses ranging from 104 to 142 and with half-lives of 19 days or less. Also, 17 nuclear isomers are known, with half-lives up to 154 days. Except for beryllium-8 and beta-delayed alpha emission branches in some lighter nuclides, tellurium (104Te to 109Te) is the second lightest element with isotopes known to undergo alpha decay, antimony being the lightest.[9]

The atomic mass of tellurium (127.60 g·mol−1) exceeds that of iodine (126.90 g·mol−1), the next element in the periodic table.[13]

حوالا

[سنواريو]
  1. Ayres, Robert U.; Ayres, Leslie (2002). A handbook of industrial ecology. Edward Elgar Publishing. p. 396. ISBN 1-84064-506-7. https://books.google.com/books?id=g1Kb-xizc1wC&pg=PA396. 
  2. Suess, Hans; Urey, Harold (1956). "Abundances of the Elements". Reviews of Modern Physics 28 (1): 53–74. doi:10.1103/RevModPhys.28.53. Bibcode1956RvMP...28...53S. 
  3. Nekrasov, I. Y. (1996). "Phase Relations in the Selenide Telluride Systems". Geochemistry, mineralogy and genesis of gold deposits. Taylor & Francis. pp. 217–256. ISBN 978-90-5410-723-1. https://books.google.com/books?id=HUWRZecignoC&pg=PA217. 
  4. Fortey, Richard (2004). The Earth: An Intimate History. Harper Perennial. p. 230. ISBN 978-0-00-257011-4. 
  5. Sample, Ian (25 October 2023). "Creation of rare heavy elements witnessed in neutron-star collision" (en-GB ۾). The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/science/2023/oct/25/creation-of-rare-heavy-elements-witnessed-in-neutron-star-collision. 
  6. Berger, Lev Isaakovich (1997). "Tellurium". Semiconductor materials. CRC Press. pp. 89–91. ISBN 978-0-8493-8912-2. https://books.google.com/books?id=Ty5Ymlg_Mh0C&pg=PA89. 
  7. Periodic Table. ptable.com
  8. Greenwood, p. 752
  9. 9.0 9.1 Audi, G.; Bersillon, O.; Blachot, J.; Wapstra, A. H. (2003). "The NUBASE Evaluation of Nuclear and Decay Properties". Nuclear Physics A (Atomic Mass Data Center) 729 (1): 3–128. doi:10.1016/j.nuclphysa.2003.11.001. Bibcode2003NuPhA.729....3A. http://hal.in2p3.fr/in2p3-00014184. 
  10. "WWW Table of Radioactive Isotopes: Tellurium". Nuclear Science Division, Lawrence Berkeley National Laboratory. وقت 2010-02-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-01-16.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. Alessandrello, A.; Arnaboldi, C.; Brofferio, C.; Capelli, S.; Cremonesi, O.; Fiorini, E.; Nucciotti, A.; Pavan, M. et al. (2003). "New limits on naturally occurring electron capture of 123Te". Physical Review C 67 (1): 014323. doi:10.1103/PhysRevC.67.014323. Bibcode2003PhRvC..67a4323A. 
  12. "Noble Gas Research". Laboratory for Space Sciences, Washington University in St. Louis. وقت September 28, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-01-10.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. Emsley, John (2003). "Tellurium". Nature's building blocks: an A-Z guide to the elements. Oxford University Press. pp. 426–429. ISBN 978-0-19-850340-8. https://books.google.com/books?id=j-Xu07p3cKwC&pg=PA426.