مواد ڏانھن هلو

ٽياڪڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽياڪڙي (Arbitration) ڪنهن به ڦڏي جو اهڙو نبيرو،[1] جيڪو ٻن وڙهيل ڌرين جي وچ ۾ سندن مرضيءَ سان طئي ٿيل ٽين امين ڌر عدالتن کان ٻاهر ڪري ۽ ان فيصلي کي مڃڻ جي حوالي سان لاڳاپيل ڌُريون ٻڌل هُجن.[2] جيڪو ماڻهو ٻن ڌُرين جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار نڀائيندو آهي، انکي ٽياڪڙ ڪرڻ وارو سڏبو آهي.[3] اصطلاح کي ٽياڪڙيءَ جي حوالي سان به مڃيو ويندو آهي. ان تصور مطابق امين ڌُر ٻن وڙهيل ڌُرين سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪري سندن وچ ۾ سرچاءَ واري صورتحال پيدا ڪري کين کيرکنڊ ڪندي آهي. امانتي فيصلا، واپار، ڏوهن ۽ سرحدي معاملن بابت به ڪيا ويندا آهن. هي فيصلا ٻن قسمن يعني رضاڪارانه مڃتا ۽ پابنديءَ وارا ٿيندا آهن، ان وضاحت مطابق ڪنهن معاهدي کي مڃڻ کان پوءِ وڙهيل ڌريون تڪرار جي ٻيهراُٿڻ جي صورت ۾ امين مقرر ڪرڻ تي راضي هونديون آهن.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "ٽياڪڙي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 08 فيبروري 2025۔ 
  2. 2.0 2.1 "ٽياڪڙي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 08 فيبروري 2025۔ 
  3. "ٽياڪڙي ڪرڻ- ٽياڪڙ بڻجڻ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 08 فيبروري 2025۔