ٽوپي

ٽوپي يا ڪيپ (Cap) مٿي جي هڪ سادي ۽ سڌي پوشاڪ (headgear) آهي. ان جو پھريون ظھور 3200 ق.م جيترو قديم آهي.[1] انگريزي لفظ "cap" قديم فرانسيسي لفظ "chapeau" مان نڪتو آهي، جنھن جو مطلب آهي "مٿو ڍڪڻ". وقت سان گڏ هن لفظ جي معنيٰ ۾ تبديليون آيون آهن، پر اڃا تائين هي مٿي جي پوشاڪ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهي عام طور تي غير رسمي محفلن، راندين ۽ فيشن ۾ مشھور آهن. اهي اڪثر ڪري گرمائش لاءِ يا سج جي روشنيءَ کان اکين کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن. بيس بال ڪيپ (Baseball caps) دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عام استعمال ٿيندڙ ٽوپين مان هڪ آهي.
قسم
[سنواريو]

- سنڌي ٽوپي (Sindhi Cap): سنڌ جي هڪ قديم ۽ ثقافتي ٽوپي، جيڪا پنھنجي خوبصورت گلڪاري ۽ شيشي جي ڪم جي ڪري پوري دنيا ۾ مشھور آهي.
- بيس بال ڪيپ (Baseball cap): اڳيان نڪتل حصي (visor) واري ٽوپي.
- بيري (Beret): هڪ نرم ۽ گول فوجي يا فيشن جي ٽوپي.
- بيڻي (Beanie): بناوت واري اوني ٽوپي جيڪا مٿي سان چنبڙيل هوندي آهي.
- فيس (Fez): جنھن کي ترڪي يا رومي ٽوپي بہ چيو ويندو آهي.
- گانڌي ٽوپي (Gandhi cap): اڇي ڪپڙي جي سادي ٽوپي.
- ڪراڪل (Karakul): جنھن کي جناح ڪيپ بہ چيو ويندو آهي.
- ڪپا (Kippah): يھودي مردن پاران پاتل ننڍڙي ٽوپي.
- ٽربن (Turban): جنھن کي سنڌيءَ ۾ پڳ يا دستار چيو ويندو آهي.
- شنڪو (Shako): هڪ اوچي فوجي ٽوپي.
بيس بال ڪيپ جا قسم
[سنواريو]موجوده دور ۾ استعمال
[سنواريو]ٽوپيون شروع ۾ سج کان بچاءُ لاءِ هيون، پر هاڻي اهي راندين ۽ فيشن جي صنعت جو اهم حصو بڻجي چڪيون آهن.
رانديون
[سنواريو]راندين ۾ ٽوپين جو استعمال سج جي روشنيءَ کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو. سڀ کان پھريان بيس بال جي راند ۾ 1849ع ۾ اسٽرا (straw) جون ٽوپيون پاتيون ويون. هاڻي ڪرڪيٽ، گولف ۽ ٽينس جھڙين راندين ۾ بہ مخصوص ٽوپيون پاتيون وڃن ٿيون.
فيشن
[سنواريو]1980ع واري ڏهاڪي ۾ اسپورٽس ڪيپس عام عوام ۾ مشھور ٿيون. نيو ايرا (New Era) جھڙين ڪمپنين راندين جي ٽوپين کي عام ماڻهن لاءِ تيار ڪيو. هاڻي اهي ميوزڪ وڊيوز، فلمن ۽ فيشن رن وي (runways) تي عام نظر اچن ٿيون.
گيلري
[سنواريو]- 17 صدي عيسويءَ جي اطالوي ٽوپي.
- ريلوي انجنيئر جي ٽوپي.
- روايتي سنڌي ٽوپي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Who Invented The Hat? - Amazing Hat History". Fashionable Hats (in انگريزي). 28 March 2017. Retrieved 2020-11-17.