ٽولا اوبلاسٽ
ڏيک
ٽولا اوبلاسٽ (Tula Oblast؛ روسي: Ту́льская о́бласть، ٽولسڪايا اوبلاسٽ) روس جو هڪ وفاقي ماتحت، اوبلاست آهي. 25,700 چورس ڪلوميٽر (9900 چورس ميل) تي پکڙيل، اهو جاگرافيائي طور تي يورپي روس ۾ واقع آهي ۽ انتظامي طور تي مرڪزي وفاقي ضلعي جو حصو آهي. سال 2010ع آدمشماري موجب ان جي آبادي سانچو:Ru-census2010 هئي.سانچو:Ru-census2010 اوبلاست جو سڀ کان وڏو شهر ۽ انتظامي مرڪز ٽولا شهر آهي.
ٽولا اوبلاسٽ جي اتر ۾ ماسڪو، اوڀر ۾ ريازان، ڏکڻ اوڀر ۾ لپيٽسڪ، ڏکڻ اولهه ۾ اوريول ۽ اولهه ۾ ڪالوگا اوبلاسٽ سان حدون آهن. تولا اوبلاسٽ روس جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ شهري ٿيل علائقن مان هڪ آهي ۽ علائقي جو گهڻو حصو تولا-نووموسڪووسڪ ايگلوميريشن، هڪ شهري علائقو جنهن جي آبادي 10 لک کان وڌيڪ آهي، ٺاهيندو آهي.