ٽنڊو الهيار قلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽنڊو الهيار قلعو

ٽنڊو الهيار قلعوانگريزي (Tando Allahyar Fort) سنڌ جي شهر ٽنڊوالهيار ۾ واقع آهي. هيءُ قلعو ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثاني1790ع ۾ جوڙايو هو. هيءُ قلعو وڏي ايراضي تي جوڙايل هو پر نيست نابود ٿي ويو آهي. قلعي جي چئني ڪنڊن تي برج يا مورچا جوڙايل هئا. سڄو قلعو ڪچو تعمير ٿيل هو. برجن وٽ تير اندوزي ۽ بندوق بازي لاءِ سوراخ ٺهيل آهن جيڪي دشمن تي نظر رکڻ ۽ حملي وقت جوابي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ جوڙايا ويا هئا. ٽنڊو الهيار قلعي جو مُک دروازو ڏکڻ پاسي تعمير ٿيل هو. هاڻ قلعو سالم حالت ۾ موجود نه آهي.[1]

حوالا[سنواريو]