ٽرانس ايٽلانٽڪ غلامن جو واپار

ٽرانس ايٽلانٽڪ غلامن جو واپار (Trans Atlantic Slave Trade) ۾ غلام واپارين پاران غلام آفريقي ماڻهن جي آمريڪا ڏانهن آمدورفت شامل هئي. هي واپار يورپ ۽ نئين دنيا ٻنهي کان غلامن جي جهازن ذريعي هلائي ويندي هئي. ڪجهه سفرن ۾، خاص طور تي شروعاتي مرحلن ۾، ٽڪنڊي واپاري رستو ۽ ان جي وچين گذرگاهه استعمال ڪيو ويو.[1] يورپين 15هين صدي ۾ ساحلي غلام واپار قائم ڪيو ۽ آمريڪا ڏانهن واپار 16هين صدي ۾ شروع ٿيو ۽ 19هين صدي تائين جاري رهيو.[2] ٽرانس ايٽلانٽڪ واپار ۾ گهڻو ڪري، مرڪزي ۽ اولهه آفريڪا مان غلامن کي منتقل ڪيو ويندو هو.
ٻين غلامن جي واپارين جي برعڪس، آفريڪا کان غلام کڻڻ وارا عام طور تي غلام اولهه ۽ وچ آفريڪا جي غلامن جي واپارين کان خريد ڪندا هئا. پرتگالي پنهنجي غلامي جي واپار لاء غلام گڏ ڪرڻ جا ماڳ، "باراڪون" ٺاهيا ته جيئن نوان خريد ڪيل غلام قيدين کي گڏ ڪري ايندڙ جهاز جي اچڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي. يورپين ڪجهه قلعن کي آفريقي مرڪزن طور، اصل ۾ سون جي واپار لاءِ، پر بعد ۾ غلامن لاءِ هلائيندا هئا. جڏهن ته، اتر يورپي غلام واپارين جو معمول جو طريقو اهو هو ته اهي پنهنجي جهاز کي غلام گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ مرڪز طور استعمال ڪندا هئا. ان جو مطلب اهو هو ته اهي جهاز پرتگالي جهازن جي ڀيٽ ۾ آفريقي ساحل تي گهڻو وقت گذاريندا هئا ۽ پهرين غلام جيڪا خريد ڪيا ويندا هئا انهن کي بورڊ تي وڌيڪ عرصي تائين قيد ۾ رهڻو پوندو هو.[3]

آسٽريليا کان پوءِ، ٻين آباد کنڊن جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ آبادي جي گھاٽائي تمام گهٽ هئي. انهن علائقن جي يورپي دريافت ڪندڙن کي پنهنجي سرگرمين لاءِ افرادي قوت جي ضرورت هئي، پر مقامي آبادي، جيڪا اڳ ۾ ئي گهٽ هئي، يورپين پاران آندل بيمارين سبب گهٽجي رهي هئي. مزدورن جي اها طلب يورپين ذريعي پوري نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته شروعاتي دور ۾ اهي لڏپلاڻ ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. ان جو حل اهو اختيار ڪيو ويو جيڪو اسپين جي آفريڪي نوآبادين مديرا ۽ ڪينري ٻيٽن جي ڪمند جي پوک لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، جتي آفريڪا مان غلام آندا ويندا هئا. آمريڪا ۾ غلامن کي ڪافي، تماڪ، ڪوڪو، ڪمند ۽ ڪپهه جي پوک، سون ۽ چانديءَ جي کاڻين، چانورن جي پوک، تعميراتي صنعت، جهازن لاءِ ڪاٺ ڪٽڻ، ماهر مزدورن ۽ گهريلو نوڪرن طور ڪم ڪرڻ لاءِ وڪرو ڪيو ويندو هو.[4] انگريزي نوآبادين ڏانهن موڪليل پهريان غلام بڻايل آفريقي هئا. انهن کي "معاهدي تحت ڪم ڪندڙ نوڪرن" (indentured servants) جي درجي ۾ رکيو ويو، جن جي قانوني حيثيت برطانيا ۽ آئرلينڊ مان آيل معاهدي تي ٻڌل مزدورن جهڙي هئي. 17هين صديءَ جي وچ ڌاري، غلامي هڪ نسلي ذات (racial caste) جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي، جنهن ۾ آفريقي غلام ۽ انهن جا ايندڙ نسل قانوني طور تي پنهنجي مالڪن جي ملڪيت هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته غلام مائرن مان پيدا ٿيندڙ ٻار به غلام ئي هوندا هئا (لاطيني اصطلاح: partus sequitur ventrem). ملڪيت هجڻ جي ناتي، انهن ماڻهن کي واپاري مال يا مزدورن جي اڪائين (units of labour) طور سمجهيو ويندو هو ۽ ٻين شين ۽ خدمتن سان گڏ مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيو ويندو هو؛ انهن جي قيمت جو دارومدار سندن صحت ۽ متوقع پيداواري صلاحيت تي هوندو هو.[5][6]
ائٽلانٽڪ ذريعي غلامن جي واپار ۾ ملوث وڏا ملڪ، واپار جي مقدار جي ترتيب سان هي هئا: پرتگال، برطانيا، اسپين، فرانس، هالينڊ، آمريڪا ۽ ڊنمارڪ هئا.[7] غلامن جي واپار جون وڏيون بندرگاهون ڏکڻ آمريڪا ۾ هيون؛ آمريڪا سان لاڳاپيل جهازن ذريعي آفريڪا مان غلام بڻايل ماڻهن جي منتقلي، يورپي بندرگاهن وارن جهازن جي ڀيٽ ۾ غالباً وڌيڪ هئي. موجوده اندازن مطابق، اٽڪل ھڪ ڪروڙ 27 لک آفريڪن کي آمريڪا منتقل ڪرڻ لاءِ غلامن جي جهازن تي چاڙهيو ويو هو. انهن مان 20 لک تائين ماڻهو سامونڊي سفر دوران فوت ٿي ويا.[8] [9] [10] ڪيترائي ٻيا ماڻهو غلامن کي پڪڙڻ لاءِ ڇاپن، جنگين ۽ غلامن جي واپارين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ساحل تائين پهچائڻ دوران مارجي ويا.[11] 19هين صدي جي شروع جي ويجهو، مختلف حڪومتن ان واپار تي پابندي لڳائڻ لاءِ قدم کنيا، جيتوڻيڪ غير قانوني اسمگلنگ جو سلسلو جاري رهيو. هاڻي ڪيترن ئي حڪومتون ٽرانس اٽلانٽڪ غلامن جي واپار تي معافي ورتيون آهن.
پس منظر
[سنواريو]تاريخ دان آفريڪي بادشاهتن ۽ يورپي واپارين جي وچ ۾ لاڳاپن جي نوعيت تي بحث ڪيو آهي. گيانا جي تاريخ دان والٽر روڊني (1972ع) دليل ڏنو ته اهو هڪ غير مساوي تعلق هو، جنهن ۾ آفريڪن کي معاشي طور تي وڌيڪ ترقي يافته يورپين سان "نوآبادياتي" طرز جي واپار تي مجبور ڪيو ويو؛ ان ۾ خام مال ۽ غلامن جي بدلي تيار ٿيل شيون حاصل ڪيون وينديون هيون. هن دليل ڏنو ته 16هين صديءَ کان شروع ٿيندڙ ان ئي واپار جي ڪري سندس دور ۾ آفريڪا پسمانده رهجي ويو. غير مساوي تعلقن واري ان خيال جي مخالفت جان ٿورنٽن ڪئي، جنهن دليل ڏنو ته،
"ائٽلانٽڪ غلامن جو واپار آفريقي معيشت لاءِ ايترو اهم نه هو جيترو انهن عالمن جو خيال آهي ۽ ان دور ۾ آفريقي پيداواري نظام صنعتي دور کان اڳ واري يورپ جي مقابلي کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکندو هو.
تنهن هوندي به، اين بيلي، ٿورنٽن جي ان تجويز تي تبصرو ڪندي ته آفريڪي ۽ يورپي ائٽلانٽڪ غلامن جي واپار ۾ برابر جا ڀائيوار هئا، لکيو:
"آفريڪن کي ڀائيوار سمجهڻ جو مطلب برابر جون شرطون ۽ واپار جي عالمي ۽ بين البراعظمي عملن تي اثر رسوخ آهي. آفريڪن جو پنهنجي ئي کنڊ تي وڏو اثر هو، پر انهن جو ان واپار جي بنيادي محرڪن تي ڪو به سڌو اثر نه هو، جهڙوڪ يورپ ۽ آمريڪا جون سرمائيدار ڪمپنيون، جهازن ۽ انشورنس جون ڪمپنيون يا آمريڪا ۾ زرعي فارمن جي نظامن جو هو ۽ انهن جو مغرب ۾ اڀرندڙ پيداواري مرڪزن تي ڪو به اثر نه وڌو."
16هين، 17هين ۽ 18هين صديون
[سنواريو]جاني نقصان
[سنواريو]غلامن جا حالات
[سنواريو]ٽرانس ائٽلانٽڪ غلامن جي واپار جي خاتمي کان اڳ ۽ پوءِ زرعي فارمن (پلانٽيشنز) تي غلاميءَ جا حالات
نئين دنيا (آمريڪا) ۾ منزلون
[سنواريو]غلاميءَ جي معيشت
[سنواريو]اثرات
[سنواريو]ائٽلانٽڪ غلامن جي واپار جو خاتمو
[سنواريو]ورثو
[سنواريو]معافي ۽ تلافي
[سنواريو]گيلري
[سنواريو]وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]- روٽس (2016) (Mini Television Drama Series)
- غلامن جو جهاز
- سامراجيت
- آمريڪا جا اصلوڪا رھاڪو
حوالا
[سنواريو]- ↑ Eltis 2025, p. 47.
- ↑ Diffie, Bailey (1963). Prelude to Empire: Portugal Overseas Before Henry the Navigator. University of Nebraska Press. ص. 58.
- ↑ Eltis 2025, p. 168.
- ↑ Covey, Herbert C.; Eisnach, Dwight, مرتب (2009). "Slave Cooking and Meals – Arrival in the Americas". What the Slaves Ate: Recollections of African American Foods and Foodways from the Slave Narratives. Santa Barbara, California: Greenwood Press. ص. 49–72. ISBN 978-0-313-37497-5. LCCN 2009003907.
- ↑ Fogel, Robert William (1994). Without Consent Or Contract: The Rise and Fall of American Slavery. W. W. Norton & Company. ص. 68. ISBN 978-0-393-31219-5.
- ↑ Berlin, Ira (9 April 2012). "The Discovery of the Americas and the Transatlantic Slave Trade". The Gilder Lehrman Institute of American History. اصل نسخو مان 17 January 2024 تي محفوظ ڪيل. 17 January 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Curtin, Philip D. (1969). The Atlantic Slave Trade: A Census. Madison, University of Wisconsin Press. ص. 210–213. ISBN 978-0-299-05400-7.
- ↑ Manning, Patrick (1992). "The Slave Trade: The Formal Demographics of a Global System". ۾ Inikori, Joseph E.; Engerman, Stanley L. (مرتب). The Atlantic Slave Trade: Effects on Economies, Societies and Peoples in Africa, the Americas, and Europe. Duke University Press. ص. 119–120. ISBN 0-8223-8237-7.
- ↑ Stannard, David (1993). American Holocaust. Oxford University Press.
- ↑ Eltis, David; Richardson, David (2002). "The Numbers Game". ۾ Northrup, David (مرتب). The Atlantic Slave Trade (2nd ڇاپو). Houghton Mifflin. ص. 95.
- ↑ Davidson, Basil (1980). The African Slave Trade. Little, Brown. ص. 94–98. ISBN 978-0-316-17439-8.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- SlaveVoyages – ٽرانس-ائٽلانٽڪ غلامن جي واپار بابت ڊيٽا بيس (انگريزي)
- UNESCO – غلامن جي واپار واري رستي جو منصوبو (انگريزي)
- مختصر جائزو: غلامن جي واپار بابت - بي بي سي نيوز (انگريزي)
- جوز اي. موسڪيرا، "اهي آفريڪي جن آفريڪين کي ئي وڪرو ڪيو"، ڪولمبيا، آڪٽوبر 2011 (اسپيني ٻوليءَ ۾)
- ڊجيٽل تاريخ - غلاميءَ جو دور (انگريزي)
- غلاميءَ کي سمجهڻ وارو تحرڪ (انگريزي)
- تاريخ جي نقاب ڪشائي - غلاميءَ جي يادگيري (انگريزي)
- خلاف عالمي تنظيم[مئل ڳنڍڻو] (انگريزي)
- شومبرگ سينٽر فار ريسرچ اِن بليڪ ڪلچر، نيو يارڪ پبلڪ لائبريري (انگريزي)
- لوڪنٽري ڊجيٽل هسٽري انيشيئيٽو (انگريزي)
- غلاميءَ جون تصويرون: آفريقي غلامن جي واپار ۽ شروعاتي آفريقي ڊائسپورا (وطن کان ٻاهر آباد آفريڪين) ۾ غلامن جي زندگيءَ جو بصري رڪارڊ آرڪائيو ڪيا ويا 2019-01-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (انگريزي)
- غلامن جو واپار ۽ آمريڪا ۾ غلامن جي زندگي: هڪ بصري رڪارڊ[مئل ڳنڍڻو] (انگريزي)
- نيشنل انڊر گرائونڊ ريل روڊ فريڊم سينٽر (انگريزي)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Wikipedia pages with incorrect protection templates
- Use British English from June 2025
- Harv and Sfn no-target errors
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from August 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- ٽرانس ائٽلانٽڪ غلامن جو واپار
- سامراجيت
- انساني لڏپلاڻ
- آفريڪي ڊائسپورا
- غلامن جو واپار
- آمريڪا ۾ غلامي
- آفريڪا ۾ غلامي
- آفريڪا جي تاريخ
- آمريڪا جي تاريخ
- ابتدائي جديد دور
- آمريڪا ۾ نوآباديات
- انساني حقن جي ڀڃڪڙي