مواد ڏانھن هلو

ٽاور بلٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽاور بلٽ -يا- ٽاور بولٽ جاءِ جي درين ۽ دروازن کي اندران بند ڪرڻ لاءِ ھن قسم جا بلٽ استعمال ڪيا ويندا آھن. ھي لوھ، پتل يا بنگار (Bronze) قسم جي ڌاتن جا ھوندا آھن ۽ انھن کي تاڪن جي اندرئين طرف مٿئين ۽ ھيٺئين حصن تي يا ڪڏھن ھڪ تاڪ جي دروازي لاءِ وچ ۾ پڻ لڳايو ويندو آھي..[1] اھو ھڪ خاص قسم جو ننڍڙو ڪڙو ھوندو آھي جنھن سان عارضي طور تي دروازي کي بند ڪري ڪنھن جي بغير اجازت جي داخلا کي روڪبو آھي . دري جي تاڪ ۾ لڳائي پردو يا پرائيويسي ، ھوا يا روشنيءَ کي ڪنٽرول ڪبو آهي.لڳائڻ وقت ان ڪڙي جي بيھڪ اڪثر ڪري ٽاور وانگر اڀي ھوندي آھي ان ڪري ان ڪڙي جو نالو ٽاور بولٽ يا ثور بلٽ پئجي ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو