مواد ڏانھن هلو

ٽالپرن جي صاحبي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽالپرن جي صاحبي(انگريزي: The Rule of Talpurs) مرزا قليچ بيگ جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب جو نالو آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو تہ هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي آهي. ان جو ذڪر مرزا صاحب پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ ڪيو آهي. هي ڪتاب انگريزي زبان ۾ سال 1928ع ۾ لکيو ويو. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ هن ڪتاب جو نالو (Rules of Talpur) ڄاڻايو آهي [1] مرزا صاحب ”اي هسٽري آف سنڌ“ جلد ٻيو جي پيش لفظ ۾ اشارو ڏنو آهي ته پاڻ برٽش دور تي ڪتاب لکندو ۽ اُن جي آخر ۾ هر دور جي سماجي توڙي طبعي حالتن تي به روشني وڌي ويندي. اُن جو مطلب ته مرزا صاحب زندگيءَ جي بنهه آخر ۾ هن عنوان تي قلم کنيو ۽ ٽالپرن جي صاحبي (انگريزي) نالي ڪتاب لکي تيار ڪيو. منهنجي خيال ۾ سنڌبابت لکيل هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته مرزا صاحب کي ميرن بابت خاطر خواه ۽ مستند ڄاڻ هئي ۽ انگريزن جو دور سندس سامهون پئي هليو. انگريزي زبان ۾ لکيل هن ڪتاب کي مرزا صاحب پارن سنڌ جي تاريخ جو ٽيون جلد سمجهڻ کپي. هن اهم ڪتاب بابت سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن توڙي سنڌ ثقافت کاتي کي هن ڪتاب جي ڇپائي طرف توجهه ڏيڻ کپي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو تہ مرزا صاحب جنهن وقت سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو، اُن وقت نه ته ماخذن تائين پهچڻ آسان هو ۽ نه وري تحقيق جا جديد معيار اڃا رائج ٿيا هئا. اڄ جڏهن اسين سنڌ جي تاريخ بابت مرزا صاحب جي لکيل ڪتابن جو جائزو وٺنداسين تڏهن اُنهن ۾ اسان کي ڪي اوڻايون ۽ عيب به ڏسڻ ۾ ايندا. ان هوندي به پنهنجي لکجڻ واري وقت کان وٺي اڄوڪي دور تائين هنن ڪتابن جي نهايت وڏي اهميت آهي. شهرن ۽ مشاهيرن بابت مرزا صاحب جو ڪم اهميت جوڳو آهي. ان کان علاوه انگريزي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مٿي ذڪر ڪيل سندس ٻه ڪتاب مستقل اهميت رکندڙ ڪتاب آهن، ڇو ته اُهي هڪبين الاقوامي (انگريزي) ٻوليءَ ۾ آهن. اهوئي سبب آهي جو برطانوي انسائيڪلوپيڊيا کان وٺي هند جي تاريخي مطالعي ۾، مرزا قليچ بيگ جا هي ڪتاب حوالي طور ڪتب آيا آهن.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ببليوگرافي“ (اڻ ڇپيل)، ص ص 58- 59، ص 65.}
  2. {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون:" مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}