ٽائٽانڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

انگلينڊ جي ”هارلئنڊ ۽ وولف“ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ ۾ بيلفاسٽ شهر ۾ 3 مئي 1911ع تي ٽائٽانڪ (Titanic) جهاز جو لوهي ڍانچو مڪمل ڪري، خشڪي تان ترڪائي پاڻيءَ ۾ آندو. ان کانپوءِ ڏهه يارهن مهينا کن ان ۾ جهاز جو پکو هلائيندڙ انجڻ ٽربائين ۽ ٻيون مشينون لڳنديون رهيون. ڪمرا، هوٽل ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان ٺهندو رهيو. 2 اپريل 1912ع تي صبح جو ڇهين وڳي ٽائٽانڪ آخري چڪاس (Sea Trial) لاءِ جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن ۽ جهاز ٺاهيندڙن سان گڏ بيلفاسٽ بندرگاهه مان نڪتو. هر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو ۽ شام جو وري بندرگاهه ۾ آيو، جتي جهاز ٺاهيندڙ مستري مزور لٿا ۽ جهاز مالڪن حوالي ڪيو ويو. نئون جهاز مالڪن حوالي ڪرڻ کانپوءِ به هڪ ٻه ماڻهو، جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني، ان جهاز تي سال کن لاءِ رکندي آهي، جيئن ڪا ڪمي پيشي هجي ته اهي درج ڪندا رهن. سو هارلئنڊ ۽ وولف جهاز ساز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿامس (جنهن هي جهاز ٽائٽانڪ ڊزائين ڪيو هو) جهاز تي ئي ترسي پيو، جنهن کي هاڻ مسافر کڻي نيويارڪ وڃڻو هو. (جهاز جي حادثي ۾ اهو ايم ڊي ۽ ڪجهه ٻيا شپ يارڊ جا انجنيئر پڻ هاڃي جو شڪار ٿي ويا)

بيلفاسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ جهاز سائوٿ مپٽن جي بندرگاهه ۾ پنهنجي پهرين سفر (Maiden Voyage) جي تياري لاءِ آيو. ظاهر آهي جهاز ٺاهڻ وارا فقط جهاز ٺاهي ڏيندا. تيل پاڻي، کاڌو پيتو، هنڌ بسترا ته نه ڏيندا. اهي شيون مالڪ يا انهن جا نمائندا: جهاز هلائيندڙ آفيسر يا جهاز جو ڪاروبار هلائيندڙ ايجنسي وٺندي آهي. انهن ڏينهن ۾ جهاز تي ٻارڻ لاءِ تيل بدران ڪوئلو استعمال ٿيندو هو. انگليند ۾ ڪوئلو جام آهي پر ٽائٽانڪ جهاز جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ڏينهن ۾ ڪوئلي وارن جون هڙتالون هلي رهيون هيون ۽ پوءِ بندرگاهه ۾ بيٺل وائيٽ اسٽار جهازي ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن کان ٿورو ٿورو ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ به جيترو ڪوئلو کتو ٿي، اوترو ملي نه سگهيو ۽ ٽائٽانڪ کي گهٽ ڪوئلو کڻي Sail ڪرڻو پيو.

جهاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿ مپٽن بندرگاهه ڇڏڻ جي تاريخ اربع ڏينهن 10 اپريل 1912ع رکي وئي هئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ مال جهاز تي چڙهي ويو. ڪا به اهڙي تهڙي ڳالهه نه ٿي. لڳ ڀڳ ٻه هزار ٻه سئو پنجٽيهه مسافر چڙهيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جهاز هلائيندڙ ۽ ٻيو عملو 915 ڄڻا هئا. مسافرن ۾ چون ٿا ته ڪيترائي امير ماڻهو هئا. ڏهه کن ته ڪروڙ پتي آمريڪن هئا، جيڪي انگلينڊ گهمڻ کانپوءِ هاڻ آمريڪا موٽي رهيا هئا. باقي ماڻهو مشهور شخصيتون ائڪٽر، ائڪٽرياڻيون، سياستدان، وڏين نوڪرين وارا، سرڪاري ڪامورا ۽ واپاري هئا. انهن مسافرن ۾ اولمپڪ جهاز جا به مسافر هئا، جنهن جو جنگي جهاز سان ٽڪر ٿي پيو هو ۽ مرمت هيٺ هو ۽ ڪجهه مسافر ساڳيءَ ڪمپنيءَ جي هڪ ٻئي جهاز ”اوشنڪ“ جا به هئا، جنهن جهاز ڪوئلو نه ملڻ ڪري پنهنجو نيويارڪ وڃڻ جو سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو هو. مسافرن کان سواءِ جهاز تي ٽپال جا ٽي هزار کن ٿيلها، ڇهه هزار ٽن ٻارڻ ۽ ٻاڦ ٺاهڻ لاءِ ڪوئلو ۽ مسافرن جو هزار کن ٽن سامان ۽ ڪارگو هو. چيو وڃي ٿو ته جهاز تي چڙهيل مسافرن جي سامان ۾ ڪيترائي قيمتي هيرا جواهر ۽ ڳهه ڳٺا هئا. (پر سخت ڳولا کانپوءِ به ايتري مال ملڻ جي پڪ ٿي نه سگهي آهي، جو ٻڏل جهاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪائي ٻاهر ڪڍائڻ جو خرچ ڪجي).

ٽائٽانڪ جهاز جو سائوٿ مپٽن مان نڪرڻ به حادثي کان خالي نه رهيو. ٽگن (Tug Boats) کيس ڇڪي بندرگاهه کان ٻاهر ڪڍيو ۽ هاڻي پنهنجي انجڻ ذريعي رفتار وڌائي رهيو هو ته (اتي چئنل ۾ ئي آمريڪن لائين ڪمپني جو ”نيويارڪ“ نالي بيٺل جهاز ڀرسان اچي لنگهيو. سوڙهي چئنل مان ٻن جهازن جي وچ ۾ اُٿيل لهرن ”نيويارڪ“ جهاز کي دڪي طرف کڻي ڌڪو ڏنو ۽ هن جا پويان رسا ڇڄي پيا. ٽائٽانڪ جهاز يڪدم کڻي پنهنجي انجڻ بند ڪئي ۽ ”نيويارڪ“ جهاز سان ٽڪرائجڻ کان بچي ويو. بهرحال! اتان نڪرڻ بعد ٽائٽانڪ جهاز چربورگ ۽ پوءِ ڪئنس ٽائون (آئرلينڊ) پهتو، جتي ڪجهه مسافر لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا ۽ پوءِ خميس ڏينهن (11 اپريل 1912ع) منجهند جو ٻين وڳي ڪُئنس ٽائون (Queens Town) کان نيويارڪ ڏي روانو ٿيو.

برطانيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اڄ به ان رفتار وارا جهاز چئن پنجن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪريو، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃيو نڪرن. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته نيويارڪ ۽ انگلينڊ (برطانيا) آمهون سامهون لڳن ٿا، پر اهو ائين ڪاغذ جي نقشي تي لڳي ٿو. ڌرتي ڪاعذ وانگر سڌي ناهي، پر بال وانگر گول آهي. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ لاءِ ڪجهه گولائي وٺڻي پوي ٿي. حقيقت ۾ ٽائٽانڪ جي ڏينهن کان وٺي بلڪي ان کان به اڳ کان انگلينڊ کان آمريڪا وڃڻ لاءِ، ٻه ٽي رستا عام هئا، ۽ اڄ به اُهي ئي اختيار ڪيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ Great Circle وارو رستو سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿورو اتراهون پاسو ڏئي، سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سمنڊ اندر ڇوليون (ڪرنٽ)، ”ڪُن ۽ سمنڊ مٿان لڳندڙ هوائون جهاز لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ بهتر رفتار ۽ گهٽ لوڏن سان جهاز دنيا جي ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. ٽائٽانڪ جهاز به اهو ئي رستو ”گريٽ سرڪل“ وارو ورتو ۽ جنهن رستي جهاز Fastnet Rock نالي ٻيٽ (42.N, 47.W) کان لنگهي Nantucket ٻيٽ وٽان ٿي، نيويارڪ پهچي ٿو. اهو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاهر آهي، پر بهرحال ڪن ڪن هنڌن تي سال جي هنن ڏينهن ۾ برف جون ڇپون Ice berg نظر اچن ٿيون.

ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته قسمت ۾ ڇا لکيل آهي؟ اهو جهاز جنهن جي ٺهڻ وقت کان سڄي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو ته، هي جهاز ٻڏي نه سگهندو. ٻين لفظن ۾ ٽائٽانڪ جهاز Unsinkable آهي، ائين ٻڏي ويو ڄڻ ڪو خواب هجي. هو ڇا چوندا آهن ته قدرت چاهي ته ٻڏا ٻيڙا به پار اُڪاري ڇڏين. ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ وارو حساب آهي. ڪنهن کي خبر ته جهاز جو هڪ نه، ٻه نه، پر ذري گهٽ سڀ حصا ڦاٽي پوندا ۽ جهاز ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويندو. اهو به هڪ ڪارڻ آهي جو ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ هڪ اهم خبر ۽ واقعو چيو وڃي ٿو ۽ ٽائٽانڪ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي، نه ته پاڻيءَ وارا جهاز ته اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي ٻڏندا رهن ٿا. [1] [2]

حوالا[سنواريو]