ٽائٽانڪ
آر ايم ايس ٽائيٽينڪ (RMS Titanic)[1] هڪ برطانوي اسٽيم جهاز هو. ان کي جهاز ٺاهيندڙن ڪمپني هارلينڊ ۽ وولف پاران بيلفاسٽ، اتر آئرلينڊ، برطانيه ۾ وائيٽ اسٽار لائن ڪمپني لاءِ ٺاهيو ويو هو.[2] ٽائيٽينڪ سمنڊ ۾ پنهنجي پهرين سفر دوران, هڪ برفاني ٽڪري سان ٽڪرائڻ کان پوء ٻڏي ويو. ٽائيٽينڪ اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ جي تري ۾ ٻڏي ويو.
ٽائيٽينڪ 11 اپريل 1912 تي ڪوب بندرگاهه، بيلفاسٽ تي پهتو. | |
| ڪيريئر | |
|---|---|
| مالڪ: | وائيٽ اسٽار لائن |
| ٺاهيندڙ: | : هارلينڊ ۽ وولف شپ يارڊ، بيلفاسٽ، اتر آئرلينڊ |
| ڪئپٽن: | ايڊورڊ جان سمٿ |
| پاڻيءَ ۾ آندو | 31 مارچ 1909 |
| نالو: | N/A |
| پهرين سفر جي روانگي: | سائوٿمپٽن، انگلينڊ، 10 اپريل 1912 تي |
| پهرين سفر جي آمد: | نيو يارڪ شهر، آمريڪا، 18 اپريل 1912، آر ايم ايس ڪارپيٿيا ذريعي |
| قسمت: | 14 اپريل 1912 تي رات 11:40 تي برفاني ٽڪري سان ٽڪرائجي ويو. 15 اپريل 1912 تي صبح جو 2:20 تي ٻڏي ويو؛ 1985 ۾ ڊاڪٽر رابرٽ بالارڊ پاران دريافت ڪيل تباهي. |
| موجوده جڳھ: | 41°43′55″N, 49°56′45″W |
| خرچ: | 75,00,000 آمريڪي ڊالر (موجوده قيمت: 22,35,37,887 ڊالر) |
| عام خاصيتون | |
| مجموعي وزن: | 46,328 GRT ٽن |
| هلائڻ وزن: | 52,310 ڊگهو ٽن |
| ڊيگهه: | 882 فوٽ 9 انچ (269 ميٽر) |
| بيم: | 92 فوٽ 6 انچ (28 ميٽر) |
| ڊرافٽ: | 34 فوٽ 7 انچ (10.5 ميٽر) |
| طاقت: | : 26 ميل في ڪلاڪ جي رفتار تائين پهچڻ جي قابل |
| پروپلشن (توانائي): | ٻه برونز ٽرپل بليڊ سائڊ پروپيلر. هڪ برونز ٽرپل بليڊ سينٽرل پروپيلر |
| وڌ ۾ وڌ رفتار: | 23 ناٽ (26.5 ميل في ڪلاڪ؛ 42.6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) |
| مسافر ۽ عملو (پهريون ۽ واحد سفر): |
|
ٽائيٽينڪ جي سفر کان اڳ, ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته, ان جي پاڻي کان محفوظ بلڪ هيڊز جي ترتيب جي ڪري ۽ هڪ واقعو جنهن ۾ سندس وڏي ڀيڻ ("اولمپڪ") شامل هئي, هن ڊيزائن جي جهازن جو ٻڏڻ تقريبن ناممڪن هوندو.[3] وليم پيري (ان وقت هارلينڊ ۽ وولف, شپ يارڊ جتي جهاز ٺاهيا ويا هئا, جو مالڪ) فخر ڪيو هو ته اوشن لائنر نه ٻڏڻ وارا هئا.[4][5][6]
ٽائيٽينڪ جي ڊيگهه 882 فوٽ، 9 انچ (يا 269.1 ميٽر)، اوچائي 175 فوٽ (53.3 ميٽر)، 34 فوٽ، 7 انچ (يا 10.5 ميٽر)، ۽ ويڪر 92 فوٽ، 6 انچ (يا 28 ميٽر) هئي، ۽ ٽائيٽينڪ جو وزن 52,310 ٽن هو.
انگلينڊ جي ”هارلئنڊ ۽ وولف“ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ ۾ بيلفاسٽ شهر ۾ 3 مئي 1911ع تي ٽائٽانڪ (Titanic) جهاز جو لوهي ڍانچو مڪمل ڪري، خشڪي تان ترڪائي پاڻيءَ ۾ آندو. ان کانپوءِ ڏهه يارهن مهينا کن ان ۾ جهاز جو پکو هلائيندڙ انجڻ ٽربائين ۽ ٻيون مشينون لڳنديون رهيون. ڪمرا، هوٽل ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان ٺهندو رهيو. 2 اپريل 1912ع تي صبح جو ڇهين وڳي ٽائٽانڪ آخري چڪاس (Sea Trial) لاءِ جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن ۽ جهاز ٺاهيندڙن سان گڏ بيلفاسٽ بندرگاهه مان نڪتو. هر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو ۽ شام جو وري بندرگاهه ۾ آيو، جتي جهاز ٺاهيندڙ مستري مزور لٿا ۽ جهاز مالڪن حوالي ڪيو ويو. نئون جهاز مالڪن حوالي ڪرڻ کانپوءِ به هڪ ٻه ماڻهو، جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني، ان جهاز تي سال کن لاءِ رکندي آهي، جيئن ڪا ڪمي پيشي هجي ته اهي درج ڪندا رهن. سو هارلئنڊ ۽ وولف جهاز ساز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿامس (جنهن هي جهاز ٽائٽانڪ ڊزائين ڪيو هو) جهاز تي ئي ترسي پيو، جنهن کي هاڻ مسافر کڻي نيويارڪ وڃڻو هو. (جهاز جي حادثي ۾ اهو ايم ڊي ۽ ڪجهه ٻيا شپ يارڊ جا انجنيئر پڻ هاڃي جو شڪار ٿي ويا)
بيلفاسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ جهاز سائوٿ مپٽن جي بندرگاهه ۾ پنهنجي پهرين سفر (Maiden Voyage) جي تياري لاءِ آيو. ظاهر آهي جهاز ٺاهڻ وارا فقط جهاز ٺاهي ڏيندا. تيل پاڻي، کاڌو پيتو، هنڌ بسترا ته نه ڏيندا. اهي شيون مالڪ يا انهن جا نمائندا: جهاز هلائيندڙ آفيسر يا جهاز جو ڪاروبار هلائيندڙ ايجنسي وٺندي آهي. انهن ڏينهن ۾ جهاز تي ٻارڻ لاءِ تيل بدران ڪوئلو استعمال ٿيندو هو. انگليند ۾ ڪوئلو جام آهي پر ٽائٽانڪ جهاز جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ڏينهن ۾ ڪوئلي وارن جون هڙتالون هلي رهيون هيون ۽ پوءِ بندرگاهه ۾ بيٺل وائيٽ اسٽار جهازي ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن کان ٿورو ٿورو ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ به جيترو ڪوئلو کتو ٿي، اوترو ملي نه سگهيو ۽ ٽائٽانڪ کي گهٽ ڪوئلو کڻي Sail ڪرڻو پيو.
جهاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿ مپٽن بندرگاهه ڇڏڻ جي تاريخ اربع ڏينهن 10 اپريل 1912ع رکي وئي هئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ مال جهاز تي چڙهي ويو. ڪا به اهڙي تهڙي ڳالهه نه ٿي. لڳ ڀڳ ٻه هزار ٻه سئو پنجٽيهه مسافر چڙهيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جهاز هلائيندڙ ۽ ٻيو عملو 915 ڄڻا هئا. مسافرن ۾ چون ٿا ته ڪيترائي امير ماڻهو هئا. ڏهه کن ته ڪروڙ پتي آمريڪن هئا، جيڪي انگلينڊ گهمڻ کانپوءِ هاڻ آمريڪا موٽي رهيا هئا. باقي ماڻهو مشهور شخصيتون ائڪٽر، ائڪٽرياڻيون، سياستدان، وڏين نوڪرين وارا، سرڪاري ڪامورا ۽ واپاري هئا. انهن مسافرن ۾ اولمپڪ جهاز جا به مسافر هئا، جنهن جو جنگي جهاز سان ٽڪر ٿي پيو هو ۽ مرمت هيٺ هو ۽ ڪجهه مسافر ساڳيءَ ڪمپنيءَ جي هڪ ٻئي جهاز ”اوشنڪ“ جا به هئا، جنهن جهاز ڪوئلو نه ملڻ ڪري پنهنجو نيويارڪ وڃڻ جو سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو هو. مسافرن کان سواءِ جهاز تي ٽپال جا ٽي هزار کن ٿيلها، ڇهه هزار ٽن ٻارڻ ۽ ٻاڦ ٺاهڻ لاءِ ڪوئلو ۽ مسافرن جو هزار کن ٽن سامان ۽ ڪارگو هو. چيو وڃي ٿو ته جهاز تي چڙهيل مسافرن جي سامان ۾ ڪيترائي قيمتي هيرا جواهر ۽ ڳهه ڳٺا هئا. (پر سخت ڳولا کانپوءِ به ايتري مال ملڻ جي پڪ ٿي نه سگهي آهي، جو ٻڏل جهاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪائي ٻاهر ڪڍائڻ جو خرچ ڪجي).
برطانيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اڄ به ان رفتار وارا جهاز چئن پنجن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪريو، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃيو نڪرن. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته نيويارڪ ۽ انگلينڊ (برطانيا) آمهون سامهون لڳن ٿا، پر اهو ائين ڪاغذ جي نقشي تي لڳي ٿو. ڌرتي ڪاعذ وانگر سڌي ناهي، پر بال وانگر گول آهي. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ لاءِ ڪجهه گولائي وٺڻي پوي ٿي. حقيقت ۾ ٽائٽانڪ جي ڏينهن کان وٺي بلڪي ان کان به اڳ کان انگلينڊ کان آمريڪا وڃڻ لاءِ، ٻه ٽي رستا عام هئا، ۽ اڄ به اُهي ئي اختيار ڪيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ Great Circle وارو رستو سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿورو اتراهون پاسو ڏئي، سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سمنڊ اندر ڇوليون (ڪرنٽ)، ”ڪُن ۽ سمنڊ مٿان لڳندڙ هوائون جهاز لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ بهتر رفتار ۽ گهٽ لوڏن سان جهاز دنيا جي ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. ٽائٽانڪ جهاز به اهو ئي رستو ”گريٽ سرڪل“ وارو ورتو ۽ جنهن رستي جهاز Fastnet Rock نالي ٻيٽ (42.N, 47.W) کان لنگهي Nantucket ٻيٽ وٽان ٿي، نيويارڪ پهچي ٿو. اهو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاهر آهي، پر بهرحال ڪن ڪن هنڌن تي سال جي هنن ڏينهن ۾ برف جون ڇپون Ice berg نظر اچن ٿيون.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته قسمت ۾ ڇا لکيل آهي؟ اهو جهاز جنهن جي ٺهڻ وقت کان سڄي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو ته، هي جهاز ٻڏي نه سگهندو. ٻين لفظن ۾ ٽائٽانڪ جهاز Unsinkable آهي، ائين ٻڏي ويو ڄڻ ڪو خواب هجي. هو ڇا چوندا آهن ته قدرت چاهي ته ٻڏا ٻيڙا به پار اُڪاري ڇڏين. ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ وارو حساب آهي. ڪنهن کي خبر ته جهاز جو هڪ نه، ٻه نه، پر ذري گهٽ سڀ حصا ڦاٽي پوندا ۽ جهاز ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويندو. اهو به هڪ ڪارڻ آهي جو ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ هڪ اهم خبر ۽ واقعو چيو وڃي ٿو ۽ ٽائٽانڪ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي، نه ته پاڻيءَ وارا جهاز ته اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي ٻڏندا رهن ٿا.[7][8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ RMS is an acronym. RMS stands for Royal Mail Ship or Steamer. RMS is a ship prefix for vessels that carry mail under contract to the British Royal Mail.
- ↑ Broad, William J. (2018-04-03). "Faulty Rivets Emerge as Clues To Titanic Disaster". NYTimes.com. 2025-11-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "FACT CHECK: The Unsinkable Titanic". Snopes.com.
- ↑ McDaid, Laura (2019-08-03). "Belfast City Cemetery: 150 years of buried stories". BBC Home. 2025-11-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pirrie, William James, Viscount Pirrie". oxforddnb.com. 2025-11-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "You know how it sank. How was the Titanic dreamed up?". National Geographic. 2025-11-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-11 تي محفوظ ڪيل, 2016-11-20 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي
ٻاهرين لنڪس
[سنواريو]
وڪيميڊيا العام تي Titanic (ship, 1912) بابت زمرا
- RMS Titanic[مئل ڳنڍڻو] Citizendium
- Titanic Britannica
- CS1 errors: unsupported parameter
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from January 2021
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- RMS Titanic
- 1910s in the United Kingdom
- 1912
- اتر آئرلينڊ جا بحري جهاز
- بحري جهاز
- ٽائٽانڪ
- آر ايم ايس ٽائيٽينڪ
- آئرلينڊ جا بحري جھاز
- 1912 برطانيه ۾