ٽائيم( مصالحو)
ڏيک
ٽائيم هن انگريزي ڀاڄيءَ کي هتي خراساني اجوائن به سڏيندا آهن. هن جا به مارجورام وانگي رڳا پن مصالح وانگي ڪم ايندا آهن. هن جي پوکڻ ۽ سنڀالڻ جو رستو ساڳيو سيج وانگي آهي، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي. هر سال آڪٽوبر ۾ ٻج پوکجي، ۽ جڏهن گرم موسم ويجهي اچي، تڏهن گڏ ڪري ڇانوَ ۾ سڪائي ٻاٽليءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏجي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو