مواد ڏانھن هلو

ٻگرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻَگِرو:(انگريزي: Bagro plant ) هي سڀ ڪنهن هنڌ ٿئي پر نرم زمين ۾ ڀلو ٿئي. هي ٻوٽو فوٽ ڏيڍ کن ڊگهو ۽ پکڙيل ٿيندو آهي. مريڙي ۽ لُلر کان گهڻو پکڙيل هوندو آهي. پن ۾ پنج ڦاڪون ٿينديون اٿس. ڏانڊي اڇي رنگ جي ۽ ڦيڦي ٿئي. منجهس اڇي رنگ جا وڻندڙ گل ٿين جن مان سائي رنگ جون ڦريون ڦٽيو نڪرن. پچڻ تي ڦرين جو رنگ ناسي ٿئي ۽ منجهن ڪاري رنگ جو ٻچ داڻا داڻا هوندو آهي. ڪچي ٻگري جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ مارُو ماڻهو پاڻيءَ ۾ اوٻاري نپوڙي لوڻ مرچ وجهي ڌُپِڪاري کائين. هن ٻوٽي کي اُٺ گهڻي چاهه سان کائيندا آهن. رڍون، ٻڪريون، گڏهه ۽ ڍڳيون به کائينديون آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو