ٻُوري نئن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻُوري نئن( Buri Nain) دادو ضلعي جي حدن ۾ کيرٿر عرف ڪاري جبل مان وھندڙ نئين مان ھڪ آھي، جيڪا شيخ نوتي جي ويجهو جبل مان نڪري ميرو واڻي چانڊين جي ڳوٺ کان ٿيندي ماڏي کان ٿورو اتر طرف اچي ايف،پي بند ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪجهہ وقت پهريان حڪومت پاران مٿس ھڪ ڊيم بہ جوڙايو[1] ويو آهي، جنهن جو مقصد پاڻي ذخيرو ڪري پوءِ ڪاڇي جي زمين ۽ مقامي ماڻهن جي تشنہ لبي کي سيرآب ڪرڻ ھو، پر بصد افسوس جو اھي حڪومتي ڪاوشون پنهنجي معين مقصدن ۾ ڪامياب نظر نه ٿيون اچن.[2]

حوالا[سنواريو]