مواد ڏانھن هلو

ٻيريون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻيريون يا ٻيرڙي(انگريزي: Wild berries) ٿر جي جهنگل ۾ اڪثر ننڍيون جهنگلي ٻيريون عام جام نظر ايندون آهن، جن جا ٻير ننڍڙا ڇاپري ٻيرن جهڙا ٿيندا آهن. انهن ٻيرن جي پاٽي، ٿر جي شهرن ۾ وڌ ۾ وڌ پئسي يا ٽَڪي وڪامندي آهي. باقي ٻهراڙين ۾ سڀڪو خدا جي ڏنل نعمت مفت کائي موجون ماڻيندو وتي. وڏيون سنڌي ٻيريون به ٿر ۾ ٿين ٿيون مگر اهي اڪثر ڪري ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ڏاڍيءَ محنت سان پوکيندا آهن ۽ ان کي هڪ عاليشان ميويداري درخت جي اهميت هوندي آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ عموماً ۽ ٻين هنڌ خصوصاً جهنگلي ٻيرين جا وڻ وڍي انهن کي سڪائي پوءِ ڏنڊا هڻي انهن جا پن ڇاڻي ڀانڊا ڀري رکندا آهن، ۽ اٺ يا ڏهه آنا مڻ جي حساب سان وڪيا ويندا آهن. انهن پنن کي پَلو چوندا آهن. گوار سان گڏ پلو ڏاگهن جو مکيه کاڄ آهي. سڪل ڪُٽيل گوار کي ڪٽي چوندا آهن. پلو ڪٺيءَ جهڙو قوت بخش نه آهي، ان ڪري زياده سستو آهي. جنهن سال برساتون گهٽ پون ۽ گوار جي پوک ٿوري ٿئي. تنهن سال پلي جو اگهه به چڙهي وڃي ۽ ڏاڍو مانائتو ملي. ٻير جا ڍنگهر گهرن جي لوڙهي لاءِ نهايت ڪارائتا آهن. ٿرپارڪر جا ماڻهو چوندا آهن ته اهي لوڙها شيهي جي ديوارن کان به وڌيڪ مضبوط آهن. اهو هن ڪري جو چور چڪار شيهي جي ديوار ٽپي ويندو مگر ٻير جو لوڙهو ٽپڻ ناممڪن آهي. باهه، سا ڪکن جي دشمن آهي، باقي ٻيو ڪو به دشمن ان لوڙهي تي غالب پئجي نه سگهندو، ڇو ته ٻير جا گهاٽا ۽ خمدار ڪنڊا نهايت خطرناڪ آهن.[1]جهنگلي ٻيريون سڄي ٿر ۾ عام آهن. اِهي ڀٽن تي ڪونه ٿين ۽ نرم زمين ۾ به گهٽ ٿينديون آهن، پر ڏهرن جي سخت زخمين ۾ جام ٿينديون آهن. ڪي ڪي يڪي تڙ سان ٿين، پر انهن جون به پاسن کان ٽاريون نڪري زمين سان لڳي بيهنديون آهن نه ته ٻه چار يا وڌيڪ شاخون ٿي زمين مان نڪرن، جي وڌنديون وينديون آهن. ڪي شاخون ننڍيون رهجيو وڃن ۽ ڪي وڌي وڏيون ٿين، پر سڀيئي گڏجي جڳهٽو ٿي بيهن. هرهڪ پن جي ڀرسان ٻه ڪنڊا، هڪ سنهو ۽ تکي نوڪ سان سڌو ۽ ٻيو ننڍو ۽ وريل ٿيندو آهي. اُن جا پن ڪُٽي ڳَرُ (ڦَٽَ ڦوڪڻو) جي مٿان ڏبا ته فائدو ٿيندو. هي وڻ اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. نومبر ڌاري ٻيرڙين ۾ ٻُور لڳندو آهي، جي اڇي رنگ جا ڦُليا هوندا آهن، جن مان پهريائين سائي رنگ جا ٻير ٿيندا آهن، جنهن کي ”ڪَڪِڙيُون“ يا ”آنٻوهِيل“ چون، انهن جو ذائقو کٽيرو ٿيندو آهي. ان بعد پچندا آهن تڏهين رنگ ڳاڙهو ٿي پوندو آهي ۽ ذائقو مٺو ٿي پوندو آهي، انهن کي ”اُگِريل“ ٻير چون. اُهي سنڌي ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن. زالون ۽ ٻار ٽولا ٺاهي جهنگ ۾ وڃي ٻير چونڊي ايندا آهن. ٿورا ٻير هوندا ته هٿن سان چونڊبا آهن. گهڻا هوندا ته لٺ سان ٻيرڙيءَ کي سَٽي ڇاڻي پوءِ هيٺ ويهي چونڊي وٺبا آهن. ائين ڪرڻ سان ڪچا ۽ آنٻوهيل ٻير ۽ پن به ڇڻي پوندا آهن. پر ماڻهو هڪ هڪ ڪري چونڊڻ جي هلاکيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪندا آهن. بعضي ڪي لٺ سان سٽڻ جي بدران ٿُڙ کي ڌوناڙيندا آهن، ته ڪچا ۽ آنٻوهيل ٻير ڪونه ڪِرندا، پر اُگريل يعني پڪل ٻير ڇڻي پوند آهن. اهو طريقو چڱو آهي. ڪي ماڻهو ٻيرڙين جي هيٺان ڪڇڙي جي جهال جهلي پوءِ ڌوپنڌاڙين يا لٺ سان سٽين ته جهال ڀرجيو پوي، پوءِ ان مان ڪچا ٻير ۽ ڪچرو ڪڍي باقي گڏ ڪن. انهيءَ نموني سان هلاکي گهٽ ٿيندي آهي. غريب ماڻهو ٻير چونڊي پاڻ به لائين، ۽ شهرن ۾ ٻين-چئين آني سير يا پاٽيءَ جي حساب سان وڪڻندا آهن، جنهن مان سندس ڪجهه گذر ٿيو پوي. سُڪي وڃڻ بعد مال کي کارائين، ٻڪرين جو ته خاص کاڌو آهي. ٻيرڙيءَ جي ڪاٺي مضبوط ۽ ڪم جو ڏانو جي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هن جا ٿلها بُنڊ ڪونه ٿين، پر تڏهن به ڪاٺي ڪجهه ٿلهيري ٿيندي آهي، جا پاکڙن، هَنَنَ ۽ جَنڊَن لاءِ بلڪل ڪارائتي آهي. کٽن جون ايسون ۽ اُپرا ٿين، جاين جا ڪايا ڪن ۽ ٻين به ڪيترين گهرو شين ٺاهڻ لاءِ ڪم اچي. ٻنين ۾ بيٺل ننڍين ٻيرين کي وڍي ٽي ڏينهن کن سُڪائي ڇاڻين ته پن ڇڻيو پون، باقي ڍنگهر بچن. پنن کي ”پَلو“ چون، جنهن سان ڪَرهيون ڀري رکندا آهن. پلو گرم آهي تنهنڪري سياري ۾ اُٺن ۽ ٻڪرين کي کارائين. ڪي گوارٽي سان گڏجي به کارائين. پَلو جالنگ ٻورن جي حساب سان ماڻهو وڪڻندا به آهن. ڍنگرن مان گهرن جا لوڙها ٺاهين، جي بلڪل مضبوط ٿيندا آهن. لوڙهي مان چور چڪار جي لنگهڻ جو ڪوبه انديشو نه رهندو آهي. رات جو سمهڻ وقت دروازي تي ڪونڀٽ جو ڏار وڍي ڏيئي ڇڏين، جو صبح جو اُٿڻ وقت لاهين، هن کي ’کڙاهه“ چون[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو