مواد ڏانھن هلو

ٻوٿاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻوٿاڙي، جڏهن گابا ننڍا هوندا آهن، تڏهن ڪي ڪي گابا ڌوڙ (واري) کائيندا آهن، جا انهن کي نقصان ڪندي اهي. اها عادت گابن ۾ اهڙي پڪي ٿي ويندي اهي جو جهڙيان تهڙيان نہ ڇڏيندا آهن، تڏهن ڇا ڪبو آهي جو لاچار گابي کي منهن تي ٻوٿاري چاڙهبي آهي.

مُڃ جي نوڙيءَ سان گول کوپو ٽوپيءَ وانگر اهڙيءَ طرح ڳُتيندا آهن، جيئن اُن ۾ ٽنگ ٽنگ بيٺا هوندا آهن، جيئن گابي کي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف نہ ٿئي، ان کي ”ٻوٿاڙِي“ چون. گابي کي کير ڌارائي پوءِ منهن تي چارهي ٻنهي پاسن کان نوڙي وجهي ڪنن تان لاهي ڪِياڙيءَ تي ورائي ڇڏبي آهي، انهي ڪري ڌور وغيره کائي نه سگهندو. ڪجهه وقت ائين سنڀال ڪرڻ سان جيئن وڏيرو ٿيندو ۽ گاهه وغيره کائيندو يعني چرهو ٿيندو ويندو تيئن اها عادت از خود ڇڏي ڏيندو، پوءِ ٻوٿاڙي جو ڪوبه ضرور ڪونه آهي. ڪي ان کي ”مُڇي“ بہ چوندا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.