مواد ڏانھن هلو

ٻائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻائي:(انگريزي: Bai) يا شھزادي ٻائي : چچ بن سيلائيج جي ڌيءَ جو نالو جيڪا راجا ڏاهر جي ويڳي ڀيڻ ھئي. لئمبرڪ لکي ٿو ته :، چچ کي سندس راڻي سُهنديءَ مان ٻه پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو ڏهرسيه ۽ ٻئي جو ڏاهر هو، ۽ هن کي ٻائيءَ نالي هڪ ڌيءَ به هئي، جيڪا ائين پيو معلوم ٿئي ته سندس ٻيءَ زال مان هئي. چچنامي جي مرزا قليچ بيگ واري ترجمي ۾ لکيل آهي تہ:ٻائي ڏاهر ۽ ڏهر سيهه جي سڳي ڀيڻ نه هئي، سا ڳالهه ڏاهر جي طرفان بعد ۾ چيل هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن ان کي ”جاٽن جي ڌي“ جي بري لقب سان ياد ڪيو هو-[1] لئمبرڪ چچ نامي جي ڪھاڻي دھرائي لکي ٿو ته:چچ جي ڌيءَ ٻائي، پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏهرسيه جي حفاظت هيٺ، برهمڻ آباد ۾ رهندي هئي. ”تذڪري“ جي تحرير مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هوءَ ڏهرسيه جي تخت تي ويهڻ واري وقت کان پنج سال پوءِ ئي شاديءَ جي لائق عمر کي پهتي هئي، جنهن مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته هوءَ چچ جي دنيوي زندگيءَ جي بلڪل آخري وقت ۾ ڄائي هوندي. هن جي سڱ جي ”رمل جي بادشاهه سوڀن راءِ ڀاٽيه“ گهر ڪئي، جيڪو اسان کي پاڙيسري بادشاهيءَ جو، جنهن کي اسين اڄ جيسلمير جي نالي سان سڃاڻون ٿا، حڪمران سمجهڻ گهرجي. ڏهرسيه کي اها ڳالهه ڏاڍي پسند آئي ۽ هن انهيءَ سڱ جو خيرمقدم ڪيو، عظيم الشان ڏاج تيار ڪيو ۽ ٻائيءَ کي موزون حفاظتي دستي سان ڏاهر ڏانهن الور ڏياري موڪليو، ڇاڪاڻ ته ”ڀاٽيه“ جي بادشاهه اهو شرط وڌو هو ته ٻائيءَ جي شاديءَ جي ڏاج طور هڪ سرحدي قلعو کيس ڏنو وڃي. آخري انتظامن ٿيڻ تائين، ڏاهر کي هڪ مشهور ۽ معروف جوتشيءَ سان پنهنجي بادشاهيءَ جي معاملات جي متعلق مشوري ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويئي، ۽ هو انهيءَ جوتشيءَ کان پڇي ويٺو ته گرهه ٻائيءَ جي قسمت متعلق ڪهڙي اڳڪٿي ڪن ٿا. جوتشيءَ جواب ڏنو ته سندس حساب ڏيکاري ٿو ته شهزادي الور جي قلعي جي چوديواريءَ کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندي ۽ هن سان انهيءَ بادشاهه کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي شادي ڪرڻي نه آهي، جنهن جو هندستان-يعني- سنڌ- جي بادشاهيءَ تي قبضو هجي. انهيءَ ڳالهه ڏاهر کي فڪر مند ڪري ڇڏيو ۽ هن پنهنجي پيءُ جي وزير ٻڌيمان سان مشورو ڪيو. انهيءَ شخص تسليم ڪيو ته ڪنهن بادشاهه لاءِ اها ڳالهه ته ناممڪن هئي، جو هو پنهنجي موروثي ملڪ کان محروم ٿيڻ تي خاموشيءَ سان راضي ٿي ويهي رهي، ۽ جيئن ته گرهه غلط ٿي نٿا سگهن- هو ۽ ڏاهر جوتشيءَ جي اڳڪٿيءَ ۾ مڪمل عقيدو رکندا هئا- ان ڪري سنڌ ملڪ جي بادشاهيءَ جي هٿان نڪري وڃڻ کي فقط ان صورت ۾ٽاري سگهجي ٿو ته ڏاهر بادشاهه پاڻ پنهنجي ڀيڻ سان ظاهري شاديءَ جو ڍونگ رچائي. ڏاهر اها پيشنگوئي پنهنجن خاص معتقد درٻارين کي ٻڌائي ۽ انهن دشوارين جي به نشاندهي ڪئي، ۽ جيڪي هرطرف کان، خواه هو ڪهڙي به رخ ۾ ڦري رهيو هو، سامهون نظر اچي رهيون هيون. ”پاڻ کي پنهنجي بادشاهيءَ کان محروم ڪرڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي؛“ ۽ ٻئي طرف، ”وزير ٻڌيمان جنهن ڳالهه کي مصلحت آميز سمجهي ٿو، تنهن ۾ اسان جي برهمڻ خاندان لاءِ بدناموسيءَ جي ڳالهه آهي“-ٻيا بادشاهه کين ذات نيات مان ڪڍي ڇڏين ها. بهرحال، حرفتي وزير هن ڳالهه جو عملي مظاهرو ڪيو ته ڪيئن نه دنيا وارن لاءِ انتهائي حيرت انگيز عجوبو پڻ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪنهن به دلچسپيءَ جو باعث نه ٿو رهي؛ ۽ هن دليل پيش ڪيو ته جيڪڏهن ڏاهر پنهنجي ڀيڻ سان ڪنهن ٻئي کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني ته هن جا بااثر امير ۽ رئيس سندن وفاداريون انهيءَ شخص ڏانهن منتقل ڪندا، جنهن جي قسمت ۾ لکيل هو ته اهو اڳي يا پوءِ سنڌ جي تخت جو مالڪ ٿيندو. ڏاهر وري پنهنجو اهو ٻه-طرفو مشڪل اميرن کي سمجهايو ۽ انهن سڀني يڪراءِ ٿي، سندس انهيءَ ڪم ۾ هن جي حمايت ڪرڻ قبول ڪئي، جيڪو هن جي خيال ۾، بادشاهيءَ کي سندس پنهنجن هٿن ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ضروري هو. چنانچه راجا ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ ٻائي جي شادي ڪئي ويئي؛ هنن جو پلو پلو سان باقاعدي طور ٻڌو ويو ۽ ٻنهي کي تخت تي گڏ ويهاريو ويو. باقي ٻيءَ ڳالهه لاءِ، ڏاهر پنهنجي ترار گهوٽ طور هن جي پاسي ۾ڇڏي ويو. ڏاهر پنهنجي وڏي ڀاءُ سان صلاح مشورو نه ڪيو هو، ۽ هاڻي هن دير سان پنهنجي ڪارستانيءَ لاءِ هن کي سمجهاڻي ۽ سبب ڏنا ۽ راڄنيتي ضرورت کي پنهنجي طر فان مذهب ۽ رسم رواج جي ڀڃڪڙيءَ لاءِ سبب طور پيش ڪيو. پر ڏهرسيه انهن خوش ڪن دليلن سان متاثر ڪونه ٿيڻو هو، ۽ ان کان پوءِ ”چچ نامو“ ٻنهي ڀائرن جي تڪرار کان پوءِ اختيار ڪيل حڪمت عملين جو تفصيل سان بيان ڪري ٿو. ڏهرسيه مڪاري ڪري پنهنجي طرفان ڏاهر کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، ۽ انهيءَ باري ۾ سڀني انديشن ۽ شڪن کي رفع ڪرڻ خاطر، الور ۾ اڪيلو داخل ٿيو. سياڻي ٻڌيمان جي صلاح کان سواءِ، ڏاهر پڪ ئي پڪ ڏهرسيه سان گڏجي، سندس ڇانوڻيءَ تائين وڃي ها. ۽ سچ پچ به ڏهرسيه سان گڏجي، هڪ ئي هاٿيءَ تي هن جي پٺيان ويهي، قلعي کان ٻاهر وڃي رهيو هو، جڏهن کيس آخري وقت تي هن ڳالهه تي آماده ڪيو ويو ته هو هڪدم قلعي جي صدر دروازي جي چوڪٽ کي چنبڙي پوي ۽ پاڻ کي هاٿيءَ کان جدا ڪري وٺي. دروازو ڏهرسيه جي پٺيان بند ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح ڏاهر صحيح سلامت الور ۾ رهجي ويو. ڏهرسيه ٿوروئي عرصو پوءِ، ڏاڍيءَ سهوليت سان، بخار ۾ مبتلا ٿي، وقتائتو مري ويو، ۽ ڏاهر کي سنڌ جي بادشاهيءَ جو واحد مالڪ بنائي ڇڏي ويو.[1].انهيءَ واقعي جي هڪ جدا روايت ”تاريخ معصوميءَ“ ۾ تحرير ٿيل آهي، جنهن موجب ڏهرسيه کي سندس ماءُ ۽ ڪن اميرن جي دليلن انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪري وڌو ته هو ڏاهر جي ٻائي سان ٿيل نالي ماتر شاديءَ کي کڻي تسليم ڪري، ۽ ٻنهي ڀائرن جي درميان راضي نامو ڪيو ويو. انهيءَ بيان ۾ هي پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهرسيه ان ملاقات کان جلد ئي پوءِ قدرتي سببن کان مري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو