مواد ڏانھن هلو

يوگنڊا جي قومي مسجد

يوگنڊا جي قومي مسجد
Uganda National Mosque
مسجد أوغندة الوطني
مسجد جو هوائي نظارو
يوگنڊا جي قومي مسجد is located in Kampala
يوگنڊا جي قومي مسجد
ڪمپالا ۾ مقام
بنيادي ڄاڻ
جاءِڪمپالا ٽڪري، ڪمپالا، يوگنڊا
مقانيت0°18′56″N 32°34′07″E / 0.315539°N 32.568591°E / 0.315539; 32.568591
مذهبي لاڳاپوسني اسلام
ملڪ يوگينڊا
انتظاميايوگنڊا مسلم سپريم ڪائونسل
ڪليسائي يا تنظيمي حيثيتمسجد
فعالي حيثيتفعال
تعميري ڄاڻ
اڏاوت جو قسممسجد
مڪمل ٿيو2006
خصوصيتون
گنجائش20,000 نمازي
قبا5
منارا1
منارن جي اوچائي50.5 ميٽر (166 فوٽ)
ماڳ جو ايراضو4.9 ha (12 ايڪڙ)
تعميري موادReinforced concrete

يوگنڊا جي قومي مسجد (انگريزي: Uganda National Mosque؛ عربي: مسجد أوغندة الوطني)، جيڪي اڳ ۾ قذافي قومي مسجد جي نالي سان مشهور هئي، يوگنڊا جي شهر ڪمپالا جي پراڻي ڪمپالا علائقي ۾ ڪمپالا ٽڪري تي واقع آهي. هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي، سال 2014ع جي آدمشماري جي موجب، آبادي جو %13.7 مسلمان هو،[1] اها اوڀر آفريڪا جي سڀ کان وڏي مسجد آهي،[2]

سال 2006ع ۾ مڪمل ٿيندڙ، هن مسجد ۾ 15,000 نمازين جي گنجائش آهي ۽ گيلري ۾ 1,100 وڌيڪ نمازين جي گنجائش آهي، جڏهن ته صحن 3,500 وڌيڪ عبادت ڪندڙن جي سهولت فراهم ڪري ٿو. ليبيا جي اڳوڻي اڳواڻ معمر قذافي هن مسجد کي يوگنڊا کي تحفي طور ۽ مسلمان آبادي جي فائدي لاءِ تعمير ڪرايو. مسجد جا 50.50 ميٽر (166 فوٽ) اچا مينار شهر جي اسڪائي لائين تي حاوي آهن.[3]

تاريخ

[سنواريو]
ايوان ۽ مينار سان گڏ مسجد

مسجد جي تعمير 1972 ۾ شروع ڪئي وئي هئي. ان کي شروعات ۾ پراڻي ڪمپالا قومي مسجد سڏيو ويندو هو. 1976 ۾ سياسي عدم استحڪام جي دور ۾ تعمير بند ٿي وئي ۽ 1979 ۾ امين جي معزول ٿيڻ کان پوءِ اهو لڳي رهيو هو ته مسجد مڪمل نه ٿي سگهي. بهرحال 2001 ۾ قذافي يوگنڊا ۾ اسلامي عقيدي کي تحفي طور تي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي.[2]

مڪمل ٿيل مسجد, قذافي قومي مسجد جي نالي سان جون 2007 ۾ سرڪاري طور تي کولي ويو ۽ يوگنڊا مسلم سپريم ڪائونسل جا هيڊ آفيس رکيا ويا.[4][5] ڪرنل قذافي جي موت کان پوءِ 2013 ۾ ان جو نالو "يوگنڊا قومي مسجد" رکيو ويو. ڇاڪاڻ ته نئين ليبيا انتظاميه "پراڻي نالي سان مسجد کي بحال ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي."[6]

مسجد جي 50.5 ميٽر (166 فوٽ) مينار ۾ چوٽي تائين پهچڻ لاءِ 272 ڏاڪڻيون آهن.[7]

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. . 2022-04-13 {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد); Missing or empty |url= (مدد)
  2. 1 2 . 2019-09-28. 2022-04-13 {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد); Missing or empty |url= (مدد)
  3. . August 24, 2006. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد); Missing or empty |url= (مدد)
  4. "Kayongo free to enter Gaddafi Mosque-Mubajje". Uganda People News. Ultimate Media Consult. 28 May 2012 تي حاصل ڪيل.
  5. "Libyans open Old Kampala mosque". Newvision.co.ug. 8 June 2007. اصل نسخو مان 2015-06-26 تي محفوظ ڪيل.
  6. "Old Kampala mosque drops Gaddafi name". The Observer. اصل نسخو مان June 21, 2015 تي محفوظ ڪيل.
  7. "Kampala, Uganda: A mosque atop the city". Christian Science Monitor. ISSN 0882-7729. 2022-04-13 تي حاصل ڪيل.

ٻاهرين لنڪس

[سنواريو]