واپرائيندڙ بحث:Olivenizam
بڪين جي سوڄ[سنواريو]
بڪين سوڄ واري بيماري کي ميڊيڪل جي زبان ۾ نيفرائٽس (nephritis) چئجي ٿو. هي بيماري بڪين ۾ مرض آوارن جاندارن، ڪيميائي دوائن ، نيڪال جي عمل ۾ رڪاوٽ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي جنهن جي ڪري بڪيو سڄي وينديون آهن جيڪڏهن ان مرض جو ترت علاج نه ڪيو ويو ته بڪيون فيل ٿي سگهن ٿيون بڪين ۾ سوڄ ڪڏهن جلدي پيدا ٿيندي آهي ته ڪڏهن آهستي آهستي سالن جي سفر ۾ . هتي مان ترت سوڄ کي بيان ڪيان ٿو. بڪي اسان جي جسم ۾ ڇاڻڻ جو ڪم ڪن ٿيون جيڪي رت مان بيڪار ۽ زهريلن مادن کي الڳ ڪنديون آهن بڪين ۾ سوڄ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن خاص ڪارڻ ڪري بڪين جي ڪم ۾ خلل پوي. بڪي جي سوڄ واري بيماري کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. وٿين جي درمياني سوڄ (interstitial nephritis بڪين جي ٻنهي نالين ۾ ڪجه وٿي هوندي آهي انهن ۾ سوڄ پيدا ٿيندي آهي جنهن جي ڪري بڪيون سڄي وينديون آهن اهو سوڄ الرجي جي ردعمل ڪري پيدا ٿيندي آهي ان کان علاوه پوٽاشيم جي گهٽتائي جي ڪري به ٿيندي آهي . پوٽاشيم هڪ معدنيات آهي جيڪو جسم جي مختلف عملن جي لاء ٻانهن ٻيلي آهي جيڪو دل جي ڌڙڪڻ، ۽ ڀڃ ڊاه جي عمل ۾ مدد ڪري ٿو. ان کان علاوه ڪيميائي دوائون به هن قسم جي سوڄ جو سبب بنجن ٿيون پائلونيفرائٽس(pylonephritis) هي به هڪ قسم جي بيماري آهي جنهن ۾ بڪين ۾ سوڄ پيدا ٿيندي آهي . بئڪٽريا جو هڪ قسم جنهن کي اشيريڪيا ڪولي (Escherichia coli) چئجي ٿو جيڪو ماڻهو جي آنڊي ۾ رهي ٿو. پائخاني سان گڏ خارج ٿي وري پيشاب جي نالي (urethra) وسيلي مثاني (kidney bladder) ۽ بڪين تائين پهچي ٿي ۽ ان جي ڪري بڪين ۾ سوڄ پيدا ٿيندي آهي. هونئن ته بئڪٽريا کي هن قسم جي سوڄ جو سبب سمجهيو وڃي ٿو پر ان کان علاوه ڪجه ٻيا سبب به آهن جيڪي بڪين کي سڄائين ٿا جن ۾ (1)پيشاب جو cytoscope وسيلي چڪاس(2)مثاني يا پيشاب نالين جي سرجري(3)پٿري جيڪا معدنيات ۽ بيڪار مادن جي جي گڏجڻ ڪري ٺهي ٿي هن قسم جي سوڄ جو سبب بنجن ٿا .
(3)گلومريولنيفرائٽس (Glomorulonephritis ) بڪين اندر سوراخدار سنهين نالين جو هڪ ڇڳو هوندو آهي جنهن کي (glomorule)چئجي ٿو ۽ ان جي هر هڪ سوراخدار سنهي نالي کي capillary چئبو آهي. هي ناليون رت کي ڇاڻين ٿيون انڪري ان ڇڳي کي بڪي جو ڇاڻيندڙ ايڪو سمجهيو ويندو آهي.جڏهن انهن ڇڳن ۾ ڪنهن پراڻي سرطان (cancer)اهڙي ڦرڙي جيڪو ڦسي رت جي ذريعي وهي اچي بڪين ۾ داخل ٿيندي آهي ته اهي ناليون ڦاٽي پونديون آهن رت پوري طرح سان ڇاڻي نه سگهنديون آهن جنهن جي ڪري بڪيون ترت ئي سڄي وينديون آهن. بڪين جي سوڄ جو خدشو انهن ماڻهن ۾ وڌيڪ آهي(1) جيڪي خانداني طور تي بڪين جي بيماري ۾ مبتلا آهن جن ۾ (2) اهي جن جي جسم جو دفاعي نظام هڪ بيماري لپس جي ڪري ڪمزور ٿي ويو هجي (3)اهي ماڻهو جيڪي اينٽي بائيوٽڪس ۽ درد ختم ڪندڙ دوائن جو وڌيڪ استعمال ڪندا آهن (4)اهي جن تازو پيشابي نظام جي ڪنهن حصي جو سرجري ڪرايو هجي
علامتون (symptoms)
هن بيماريون جون علامتون ان جي مختلف قسمن تي انحصار ڪن ٿيون پر تنهن هوندي به ڪجه علامتون جيڪي ٽنهي قسمن ۾ ملن ٿيون هي آهن. (1)نهانئين ۾ سور (2)پيشاب دوران ساڙو يا سور(3)بار بار پيشاب اچڻ (4)جهڙالي پيشاب (5)پيشاب ۾ رت ۽ گند (6)بڪين ۾ سور (7)جسم جي ڪجه حصن جهڙوڪ چهري ،ڄنگهن ،پيرن جو سڄي وڃڻ (8)الٽي (9)تيز بخار تقريبا 102فارن هائيٽ (10)وڌيل رت جو دٻاء (هاء بلڊ پريشر
ڀليڪار![سنواريو]
”سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.“
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)
سفارتخانو
السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.
اصول ۽ قاعدا توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
تعاون
|
-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم--مھتاب احمد (ڳالھ) 16:45, 21 نومبر 2017 (UTC)
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.