واپرائيندڙ بحث:Mehran Mangrio

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قدير مڱريو لاءِ پيغام هتي ڇڏيو


اسلام عليڪم۔

وڪيپيڊيا تي ڀلي ڪري آيا! آئون اميد ٿو ڪريا ته اوهان وڪيپيڊيا تي اسان جي سنڌي مضمون وڌائڻ لاءِ ضرور مدد ڪندا۔
ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ مون سان رابطو ڪري سگهو ٿا۔

  • جڏهن اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪريو ته آخر ۾ هي ( ~ اها نشاني چار دفعا - جيڪا پڻ ايڊٽ باڪس جي آپشن ۾ ڏنل آهي ۽ Esc بٽڻ جي هيٺان) نشاني ڏئي ڇڏيو اِها اوهان جي دستخط آهي۔
  • ڪنهن به صفحي تي ترميم ڪيو ته سانڍڻ کان پهريان پيش نگاهه ضرور ڏسندا ۽ بعد ۾ صفحو سانڍيو تي ڪلڪ ڪري ڇڏيندا ته اهو صفحو محفوظ ٿي ويندو.
  • نئون مضمون لکڻ لاءِ هيٺ ڏنل خاني ۾ عنوان لکي نئون مضمون لکو تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو.
  • وڌيڪ مدد لاءِ ضرور ڏسندا۔




اوهان جو مخلص:

مهراڻ مڱريو مون سان ڳالهه | منهنجو ڀاڱو



سائين مڱريو صاحب، اسلام عليڪم.

سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀلي ڪري آيا. اميد ته پنهنجون ڀاڱيداريون باقاعدگيءَ سان نڀائيندا رهندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن علمي خزاني کي شاهوڪار بڻائڻ ۾ پنهنجو قومي فرض ڀرپور نموني نڀائيندا رهندا.

ان کان سواءِ مهرباني ڪري سنڌي وڪي لغت پڻ گھمي ڏسندا ۽ ان لاءِ پڻ ڪي ڪاوشون آڇيندا.

اوهان جو پنهنجو،

احسان احمد عرساڻي

منتظم سنڌي وڪيپيڊيا

ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو[سنواريو]

سائين مڱريا صاحب، اسلام عليڪم.

توهان جو نياپو سمجھه ۾ نه اچي سگھيو. لڳي ٿو ته اکر غلط ٽائيپ ٿي ويا آهن. مهرباني ڪري ”سانڍيو” جو بٽڻ دٻائڻ کان پهرين هميشه ”پيش نگاه” تي نظر وجھندا ڪريو.

احسان احمد عرساڻي

ڪا به ناراضگي نه آهي[سنواريو]

سائين مڱريو صاحب، اسلام عليڪم.
توهان جو ڪم ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ڊگھي عرصي کان آئون ئي اڪيلو ڪم ڪري رهيو آهيان. توهان سان ڀلا ڪهڙي ناراضگي ٿي سگھي ٿي. آئون روز سائين اِن ٿيندو آهيان پر خبر ناهي ڪيئن مون کي توهان جي نياپي جو جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، جنهن لاءِ معافي طلب ٿو ڪريان. اصل ۾ ڪجھه مصروفيت به وڌي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجون تعليمي ذميواريون به ڪجھه سخت آهن. خير هاڻي اچون ٿا توهان جي مسئلي تي.
جيڪڏهن توهان ونڊوز ايڪس پي استعمال نه پيا ڪريو ته مهرباني ڪري پنهنجي ڳڻپيوڪر تي ونڊوز ايڪس پي نصب ڪندا. ان کان سواءِ پنهنجي انٽرنيٽ جھانگُوءَ Internet Browser جي View مينيو ۾ ويندا. اتي توهان کي Encodings جو آپشن نظر ايندو. انهن اينڪوڊڱس ۾ توهان کي يونيڪوڊ يُو ٽِي ايف 8 (Unicode UTF-8) به نظر ايندو. توهان يونيڪوڊ يُو ٽِي ايف جي چونڊ ڪندا. منهنجي خيال ۾ ته اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ توهان کي اکر درست نظر اچڻ گھرجن. ان کان سواءِ ٿي سگھي ته Internet Explorer کان سواءِ ٻيو ڪو انٽرنيٽ جھانگُو، جهڙوڪ Mozilla Firefox به استعمال ڪري ڏسندا. ڪي صفحا وري موزيلا فائرفاڪس تي بهتر ٿا ڏسجن.
توهان جو تعارفي صفحو ڏسي مون کي ٿورو مونجھارو ضرور ٿيو آهي. ڪٿي توهان جو نالو قدير مڱريو لکيل آهي ته ڪٿي وري مهراڻ مڱريو. بهرحال دعائن ۾ ياد رکندا. اوهان جو پنهنجو،


احسان احمد عرساڻي Aursani 13:13, 25 سيپٽمبر 2007 (UTC)


ڳڻپيوڪر ڪلڪ ڪريو.

احسان احمد عرساڻي Aursani 16:30, 25 سيپٽمبر 2007 (UTC)

ايم بي سارنگ ستار فانٽ[سنواريو]

قدير صاحب توهان پنهنجي ڳڻپيوڪر تي MBSarangSattar فانٽ نصب ڪري ڏسو.
احسان احمد عرساڻي Aursani 09:06, 26 سيپٽمبر 2007 (UTC)

هدايت[سنواريو]

مڱريا صاحب توهان کي هدايت ٿي ڪجي ته ڪنهن به مضمون ۽ ان جي مباحثي صفحي تي ڪو به نامناسب لفظ نه لکندا ۽ مون تي ذاتي تنقيد کان پاسو ڪندا. توهان تازو ئي حرامپائيءَ جهڙو ڪنو لفظ استعمال ڪيو آهي. آئون ان کي مٽايان ٿو ۽ توهان کي تنبيهه ٿو ڪريان ته وري اهڙو لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا.

Aursani 17:55, 3 آڪٽوبر 2007 (UTC)


آخري هدايت[سنواريو]

مڱريا صاحب، اسلام عليڪم. توهان جيئن ئي سنڌي وڪيپيڊيا تي کاتو کوليو هو، تيئن ئي مون توهان کي ڀليڪار ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ توهان کي سنڌي لکڻ يا پڙهڻ ۾ جيڪا مشڪل پيش اچي رهي هئي، ان ۾ به مون کان جيڪو ٿي سگھيو اهو مون توهان لاءِ ڪيو هو. پر آئون ڏسان پيو توهان جو رويو بهتر ٿيندو نه ٿو نظر اچي. مون توهان کي مون تي ذاتي تنقيد ڪرڻ کان روڪيو آهي. بهتر ٿيندو ته توهان ان کان پاسو ڪندا. اها تنبيهه آئون آخري ڀيرو ڪري رهيو آهيان.

احسان احمد عرساڻي Aursani 08:59, 10 آڪٽوبر 2007 (UTC)

هڪ ڀيرو وري آخري تنبيهه[سنواريو]

ادا مڱريا صاحب، توهان جي نالي ۾ غلطي ٿي هئي، جيڪا درست ڪري ڇڏي اٿم. ٻيو اهو ته باقي سمورو نياپو توهان جي لاءِ ئي لکيل هو. سنڌي اکر درست نظر نه اچڻ جو مسئلو توهان سان ئي هو. ان ۾ جيترو مون کان سهڪار ٿي سگھيو هو اهو مون ڪيو هو. توهان ظفر جا مثال يا حوالا ڏيڻ جي تڪليف نه ڪريو. توهان کي ٻين جا ٽاڪ پيج پڙهڻ ۽ انهن جا حوالا ڏيڻ جي تمام گھڻي خراب عادت آهي. مون ٻين کي ڪجھه به لکيو هجي يا ٻين مون کي ڪجھه به لکيو هجي ... ان ڳالهه کان توهان جو واسطو نه هوڻ گھرجي. مون توهان کي کاتو کولڻ شرط ئي ڀليڪار ڪئي هئي ۽ صرف ايترو عرض ڪيو هو ته ان وقت آئون وڪيپيڊيا تي اڪيلو ئي ڪم ڪري رهيو هوس. مون اهو ڪڏهن به ڪو نه چيو آهي ته سمورو ڪم مون ڪيو آهي. ڪيترا ئي ماڻهو آيا ۽ ڪجھه ڪم ڪري هليا ويا. هن وقت خدا جي مهربانيءَ سان توهان ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ آئون دعا ٿو ڪريان ته توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو. پر هڪ ڀيرو وري تنبيهه ڪندس ته مهرباني ڪري مون تي ذاتي تنقيد کان پاسو ڪندا. مون کي پنهنجي باري ۾ اناب شناب ڪا نه وڻندي آهي.
آئون توهان جو وڏو هرگز به نه آهيان... هرڀرو بي تڪلف نه ٿيو. منهنجو توهان سان ڪو به ذاتي واسطو نه آهي. آئون توهان جو استاد ڪو نه آهيان. آئون توهان کي سڃاڻان ئي ڪو نه ٿو. باقي ڳالهه رهي عزت جي، ته آئون به توهان جي عزت ڪريان ٿو.
مون توهان کان ڪڏهن به ڪو نه پڇيو آهي ته توهان ڪهڙي ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهو ٿا ۽ نه ئي مون کي توهان جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪا ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪو شوق. مون کي ٻين جا ٽاڪ پيج يا تعارفي صفحا پڙهڻ جي نه ته ڪو شوق آهي. ۽ نه ئي وقت. اردو ۽ انگريزي وڪيپيڊيا جا لنڪ توهان پاڻ وٽ ئي محفوظ رکو ۽ منهنجي باري ۾ لکڻ ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. ان ۾ ئي اسان سڀني جي بهتري آهي. آئون اميد ٿو ڪريان ته هن کان پوءِ توهان وري منهنجي باري ۾ ڳالهائڻ جي تڪليف ڪا نه ڪندا ۽ نه ئي منهنجي ٽاڪ پيج تي ڪو نياپو ڇڏيندا. باقي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به مدد جي ضرورت هجي ته آئون سدائين خدمت لاءِ حاضر آهيان، ضرور رابطو ڪندا.

احسان احمد عرساڻي Aursani 09:38, 12 آڪٽوبر 2007 (UTC)

خالي صفحا رکڻ کان پاسو ڪريو[سنواريو]

سائين مڱريا صاحب، مهرباني ڪري غير ضروري تڪڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪندا. خالي صفحا ڪنهن به ڪم جا ناهن ٿيندا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪا به معلومات ناهي ٿيندي. ان ڪري اوهان کي عرض ٿو ڪجي ته خالي صفحا جوڙڻ کان پاسو ڪندا. اوهان جي تعاون جي اڳواٽ مهرباني Aursani 09:23, 20 ڊسمبر 2007 (UTC)

سهڻا سائين واپس اچو[سنواريو]

مڱريا صاحب جڏهن به سنڌي پيڊيا تي واپس ٿيو ته منهنجي ٽاڪ پيج تي مون سان ضرور رابطو ڪندا مان اوهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيان. اميد ته اوهان ۽ اسان گڏجي سنڌي ٻوليءَ لاءِ گهڻو ڪجه ڪري سگهون ٿا Alixafar 18:19, 20 نومبر 2011 (UTC)

وڪيپيڊيا 15 / تقريب /حيدرآباد سنڌ پاڪستان[سنواريو]

سائين محترم دوست صاحب

اسلام عليڪم تمام مهرباني آئون وڪيپيڊيا تقريب لاءِ حيدرآباد سنڌ جو مقام تجويز ڪيو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، 7 تمام وڪيپيڊين جيڪي سنڌ ۾ آهن يا ٻاهرين ملڪن ۾ آهن انهن کي پڻ دعوت ڏيو.مهربانيون....اسد علي جوڳي [وڪيپيڊيا 15 / تقريبون /حيدرآباد سنڌ پاڪستان https://meta.wikimedia.org/wiki/Wikipedia_15/Events/Hyderabad,_Sindh_Pakistan] يوزر بحث:اسد علي جوڳي --اسد علي جوڳي 09:20, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

Asalama alaekum[سنواريو]

مہران بھائی

آپ میری مدد کردینگے اسکو سندھی زبان میں translate کردیں

https://ur.m.wikipedia.org/wiki/شاہ_عقیق_بابا# Hammadsaeed (ڳالھ) 11:49, 9 مارچ 2017 (UTC)

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب 20مئي-24مئي 2017/ ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت[سنواريو]

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب 20مئي-24مئي 2017/ ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب / ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت سائين محترم دوست صاحب اسلام عليڪم توهان جي تمام وڏي مهرباني جو توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو کاتو ٺاهيو آهي، پر اسان اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته توهان اڃا سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪوئي ڀاڱيداري، تحرير ۽ ترميم ناهي ڪئي، اسان سمجهون ٿا ته توهان نوان يوزر آهيو تنهنڪري توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ، مضمونن ۾ ترميم ڪرڻ، حوالا، زمرا ۽ سانچا وجهڻ ۾ مشڪل پيش اپي رهي هوندي، وري به اسين توهان منجهان اميد ڪريون ٿا ته توهان ڪجهه نه ڪجهه سنڌي وڪيپيڊيا تي ترميمون ڪرڻ شروع ڪندا. سائين محترم (محترمه) توهان سميت تمام نون سنڌي وڪيپيڊيا يوزرس جي سنڌي وڪيپيڊيا ۽ وڪيپيڊيا بابت سکيا ۽ تربيت لاءِ اسان ڪراچيءَ ۾ هڪ تربيتي (آگاهي) ورڪشاپ ۽ گڏجاڻي ورڪشاپ رٿيو آهي جيڪا 20 مئي 2017 بروز ڇنڇر، يا 23 مئي اڱارو، 24 مئي 2017 اربع جي ڏينهن ٿيندي، حتمي ڏينهن ۽ تاريخ تمام جلد بڌائينداسين، اسان توهان کي دل جي گهرائين سان ان ۾ توهان جي شِرڪت جي لاءِ دعوت ڏيون ٿا.اميد ته ضرور شرڪت ڪندا، هي ورڪشاپ انڪري به اهم آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا جي ڏهه سال جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙي نوعيت جو ورڪشاپ آهي، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي ڏهين سالگرهه پڻ ملهائي ويندي

اسانجي وڏي عرصي کان ڪيل اڻ ٿڪ محنتن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ وڪيپيڊيا تقريب لاءِ ڪراچي سنڌ جو مقام رکيو ويو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، تمام سنڌي وڪيپيڊين (سنڌي وڪيپيڊيا تي يوزر کاتو رکندڙ شخصيتون) جيڪي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آهن انهن کي دعوت ڏيوٿا انهن سميت ٻيا تمام اهي نوجوان، وڏا ، اديون شاگر، شاگردياڻيون جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا سان دلچسپي رکن ٿا کين پڻ ان تقريب (ورڪشاپ) ۾ اچڻ جي کُلي ٿام دعوت آهي .

وڌيڪ تفصيلات لاءِ توهان اسانجي سنڌي وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج کي لائيڪ ۽ فالوو ڪريو، 

۽ هنن نمبرز تي رابطو ڪريو

  • جوڳي اسد | 031520679273
  • مهتاب احمد | 03023390644

برقي پتو (اي ميل) jogiasad.sdwiki@gmail.com

.مهربانيون.... توهان جو خادم اسد علي جوڳي

سنڌي وڪيپيڊيا (ڳالھ) 12:44, 29 اپريل 2017 (UTC)


Khowar Wikipedia[سنواريو]

محترم جناب، السلام علیکم، آپ ویکیپیڈیا پر بہت ہی اچھا اور معیاری کام کررہے ہیں اللہ آپ کو اجر عطا فرمائے کہ آپ اردو زبان کے ویکیپیڈیا کو ایک عالمی انسائکلوپیڈیا بنانے کی جدوجہد میں شریک ہیں.جیسا کہ آپ کو پتہ ہے کہ شمالی علاقہ جات، سوات، ضلع چترال، ہندوستان، افغانستان اور سنکیانگ چین میں بولی جانے والی زبان کھوار میں راقم الحروف نے ویکیپیڈیا تخلیق کیا ہے اور تمام ترجمے کا کام مکمل ہوچکا ہے لیکن کھوار ویکیپیڈیا کو تکنیکی مسائل کا سامنا ہے جیسے ماڈیول، سانچہ جات، ابواب اور دیگر مشکل اور ٹیکنیکل کام کو آگے بڑہانے میں کھوار ویکیپیڈیا کو آپ کی مدد کی ضرروت ہے مجھے معلوم ہے کہ آپ کھوار زبان میں مضموں نہیں لکھ سکتے لیکن ماڈیول، سانچہ جات، ابواب زمرہ جات اور انٹرویکی لنکس بنانے میں ہمارے ساتھ تعاون کرسکتے ہیں، تاکہ جب کھوار زبان کی تاریخ لکھی جائے گی تو اس میں آپ کی کھوار کے لیے تکنیکی کام اور خدمات کو بھی شامل کیا جاسکے، آپ کھوار ویکیپیڈیا کا صفحہ اول یہاں[1] پر دیکھ سکتے ہیں امید ہے کہ آپ اردو ویکیپڈیا کی طرح روزانہ کھوار ویکیپڈیا میں بھی اپنی خدمات سے اہل کھوار کو بھی مستفید کرکے شکریہ کا موقع دیں گے،ہمیں کھوار ویکیپیڈیا کے لیے آپ کی مندرجہ زیل تکنیکی کام میں مدد کی ضرورت ہے:-ؔ۱۔ ماڈیول بنانا۲۔ سانچے بنانا۳۔ مضامین میں انٹرویکی لنکس کا اندراج۴۔ ابواب بنانا۵۔ انفوباکس بنانا۶۔ ناوباکس بنانا۷۔ سانچہ جات اور ماڈیول سے اغلاط کی درستگی۸۔ مزیددیگر انتظامی کام وغیرہآپ کا بہت بہت شکریہ --Rachitrali (ڳالھ) 09:12, 24 جنوري 2019 (UTC)