واپرائيندڙ بحث:Juma goth

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

السلام عليڪم[سنواريو]

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Juma goth

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,414 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم

--ھي رڪن منتظم آھي—محمد مجیب—  17:51, 27 نومبر 2015 (UTC)


(وڪيپيڊيا 15 / تقريبون / پاڪستان) Wikipedia 15/Events/Pakistan[سنواريو]

سائين Juma goth صاحب اسلام عليڪم وڪيپيڊيا15 سال جي ٿيڻ تي آئون هڪ وڪيپيڊين خاص طور سنڌي وڪيپيڊين هئڻ جي ناتي اوهان کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو. سائين محترم هن وقت وڪيپيڊيا15 لاءِ تقريب جو مقام لاهور ۾ رکيل آهي ، جيڪو تمام پري آهي، وڪيپيڊيا15 لاءِ اهڙي سالگرهه تقريب حيدرآباد سنڌ ۾ پاڻ گڏجي رکون ٿا ته جيئن پاڻ وڌ کان وڌ سنڌي ماڻهن ۾ وڪيپيڊيا خاص ڪري سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ هڪ بيداري پيدا ڪري سگهون ، آئون اهڙي تقريب لاءِ [وڪيپيڊيا 15 / تقريبون / پاڪستان https://meta.wikimedia.org/wiki/Wikipedia_15/Events/sd] تي درخواست ڏيڻ وارو هيس پر اهڙي درخواست ڏيڻ کان پهرئين مون سوچيو توهان سان ان لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪجي سائين توهان جي ڇا راءِ آهي، مهرباني ڪري جلد از جلد ٻڌيو ته جيئن پاڻ گڏيل صلاح سان وڪپيڊيا15 جي سالگرهه تقريب حيدرآباد سنڌ ۾ رکو ۽ ماڻهن ۾ وڪيپيڊيا خصوصن سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ روشناس ڪرايون، اميد ته بهتر ۽ حوصلي افزا جواب تمام جلد ڏيندا.حيدرآباد ۾ وڪيپيڊيا15 تقريب لاءِ هنڌ ، جڳهه يا مقام سنڌي لينگوج اٿارٽِي سنڌي ٻولءَ جو بااختيار ادارو ۾ رکڻ گهرجي ان لاءِ سنڌي ٻولي اختيارين سان پڻ ڳالهائڻو آهي مهرباني ڪري جلد مونسان رابطو ڪريو...--يوزر بحث:اسد علي جوڳي --اسد علي جوڳي 13:38, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

راءِ شماري ڏيو[سنواريو]

سائين محترم دوست صاحب

اسلام عليڪم ادا پنهنجي قيمتي راءِ ڏيو مهربانيون Wikipedia:منتظمين/راء_شماري/يوزر:اسد_علي_جوڳي يوزر بحث:اسد علي جوڳي --اسد علي جوڳي 13:38, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

صحيح سنڌي استعمال ڪريو[سنواريو]

ادا جمعا ڳوٺ توهان جي سنڌي وڪيپيڊيا ۾ خدمت لاءِ مهربانيون اميد ته وڌيڪ محنت ڪندا، هڪ گذارش ته توهان ڪيترائي لفظ اردو مثالطور( بلي (بلي کي سنڌيءَ ۾ سونٽي يا بيٽ چئبو آهي), کهيل (کهيل کي سنڌيءِ ۾ راند ۽ کيهيلنا کي کيڏڻ چئبو ) رکهڻ جڏنهن ته صحيع لفظ رکڻ آهي وغيرهه) جا استعمال ڪري رهيا آهيو پنهنجي مضمونن ۾ جيڪي ڳالهه نامناسب آهي اگر توهانکي سنڌي لِکڻ پڙهڻ ۾ ڪابه مشڪل آهي ته پهرئين سٺي نموني سنڌي پڙهڻ لِکڻ سکو ان لاءِ هڪ وڊيو پڻ مُک صفحي تي ڏسو.مضمون لِکڻ لاءِ هي آن لائن ڪي بورڊ استعمال ڪريو http://keymanweb.com/#snd,Keyboard_mbsindhi ..مهرباني--اسد علي جوڳي 15:15, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

Wikipedia:وڪي_منصوبو_پاڪستان_سُپر_ليگ ۾ رڪن لاءِ دستخط ڪريو[سنواريو]

Wikipedia:وڪي_منصوبو_پاڪستان_سُپر_ليگ#.D8.AA.D9.85.D8.A7.D9.85_.D8.B1.D9.8F.DA.AA.D9.90.D9.86 ۾ رڪن لاءِ دستخط ڪريو .۽ هي يوزر ڄاڻخانو سانچو:يوزر وڪي منصوبو پاڪستان سپر ليگ پنهنجي يوزر صفحي تي استعمال ڪريو ...--اسد علي جوڳي 16:30, 22 ڊسمبر 2015 (UTC)

Content Translation ۾ اردو ٻولي مان ترجمو[سنواريو]

اسلام عليڪم ادا اميد تہ خيريت سان هوندا، ادا توهان جي سنڌي وڪيپيڊيا لاءِڪيل محنت لاءِ مان اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان ۽ توهان جي ڪوشش کي سلام پيش ڪريان ٿو. ادا توهان کي هڪ گذارش آهي تہ جڏهن توهان ترجمو ڪريو تہ انگريزي وڪيپيڊيا جي بجاءِ اردو وڪيپيڊيا تان ڪريو ان سان توهان کي آساني رهندي. اردو وڪيپيڊيا تان جڏهن توهان ترجمو ڪندئو تہ توهان کي مواد پيسٽ ٿي ملندو پوءِ توهان ان جي ضروري لفظن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريو. ٻي گذارش توهان کي اها آهي تہ جيڪو بہ مضمون ترجمو ڪريو اهو سڄو مضمون ترجمو ڪريو ڇڏي نہ ڏيو جيڪڏهن توهان سڄو نٿا ڪري سگهو ٿا اردو واري مواد کي پيسٽ ڪري ڇڏيو بعد ۾ مان يا ٻيو ڪو دوست انکي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن ڪا ڳالھہ سمجھہ ۾ نہ اچي تہ پڇجو. مهرباني الله حافظ. مھتاب احمد (ڳالهہ) 03:32, 30 ڊسمبر 2015 (UTC)

سروس (خدمت) اعزاز توهان جي لاء![سنواريو]

خدمت اعزاز
عبدالغفار (يوزر:Juma goth) پاران وڪيپيڊيا ۾ مسلسل محنت ڪرڻ،نون مضمونن تخليق ڪرڻ سميت سنڌي وڪيپيڊيا جي خدمت ڪرڻ جي ڪوششن جي عيوض ، کيس هي اعزاز عطا ڪيو وڃي ٿو، اميد ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي ائين ئي خدمت ڪندا رهندا ۽ پنهنجي سرگرمي جاري رکندا ايندا، مهربانيون۔ --ھي رڪن منتظم آھي—اسد علي جوڳي Jogi don—  13:34, فيبروري 1 ،2016 (UTC)