واپرائيندڙ بحث:Ahpalh

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قابل احترام سائين عبدالحڪيم پلهه ۽ احسان احمد عرساڻي

منتظم وڪي پيڊيا فري انسائيڪلوپيڊيا سنڌي سيڪشن


موضوع:

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ووو.سنڌِيلا.آرگ) پاران ووو.وڪيپيڊيا.آرگ ويب تي سنڌي ٻوليءَ ۾ 2000 کان وڌيڪ آرٽيڪل شايع ڪرڻ بابت
[سنواريو]

سائين اوهان انٽرنيٽ تي جاري مفت ڄاڻ چيڪلي/ (ڄاڻيٺِي) ووو.وڪيپيڊيا.آرگ جي سنڌي حصي جا منتظم آهيو، وڪي پيڊيا جي ويب سائيٽ پوري دنيا ۾ ماڻهن تائين موضاتي ڄاڻ پهچائڻ جو معتبر ذريعو بڻيل آهي. انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي ترقي جتي انسان ذات جي روز مره جي ڪم ڪار ۾ تمام گهڻيون آسانيون پيدا ڪيون آهن ۽ ماڻهن ۾ موجود جاگرافيائي فاصلا گھٽايا آهن، اتي انٽرنيٽ تي گھربل ڄاڻ تائين هر عام خاص جي ترت پهچ کي آسان بڻايو آهي ۽ مختلف سماجن، عام ماڻهن ۽ سائنسن جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻيل هڪ وڏي خال کي ڀرڻ ۾ پڻ هزارين سالن جو سفر ٿورڙن سالن ۾ مڪمل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وڪي پيڊيا (انٽرنيٽ تي مفت ڄاڻ چيڪلو) ۽ ان جون ڀينر ويب سائيٽون عالمي طور تي پڻ هڪ وڏو ۽ عوامي ادارو بڻجي اڀريون آهن.

وڪي پيڊيا مفت ڄاڻ چيڪلو ويب سائيٽ جو سنڌي سيڪشن ووو.سد.وڪيپيڊيا.آرگ/ پڻ سنڌي سماج يا دنيا جي مختلف خطن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن تائين سنڌيءَ ۾ ترت ۽ ڀروسي جوڳي ڄاڻ پهچائڻ جو ڪارائتو ذريعو بڻيل آهي.

اسان جو ادارو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ووو.سنڌِيلا.آرگ) سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ توڙي عام سنڌي ماڻهن تائين سندن مادري زبان ۾ تعليم ۽ سکيا واري مقصد هيٺ سن 1991 کان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي اداري پاران 170 کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي ڪتاب پڻ شايع ڪيا ويا آهن، جن ۾ اڪثريت لغتن ۽ لسانيات سان لاڳاپيل ٻين ڪتابن جي آهي. تازو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جاري ڪئي پئي وڃي، جنهن جا 2 جلد مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. هڪ اندازي موجب 52 الف ب اکرن تي مشتمل ان انسائيڪلوپيڊيا ۾ 7000 کان وڌيڪ انسائيڪلوپيڊيائي داخلائون هونديون. جنهن ۾ 80 سيڪڙو سنڌ متعلق ۽ 20 سيڪڙو آفاقي معلومات ڏني ويندي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جيئن ته ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي معياري ڪم ڪري چڪي آهي ۽ ڪندي رهندي، جيڪو اسان چاهيون ٿا ته وڪي پيڊيا فري انسائيڪلوپيڊيا جي سنڌي سيڪشن جي ويب سائيٽ تي پڻ شايع ڪجي ته جيئن عام ماڻهن تائين ڀروسي جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اوهان جي اداري جو ساٿ نڀائيندي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پنهنجي قائم ٿيڻ واري مقصد کي اڳتي وڌائي.


ان سلسلي ۾ اوهان کي گذارش آهي ته وڪي پيڊيا فري انسائيڪلوپيڊيا جي ويب سائيٽ تي مواد جو ڄار شايع ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ جو طريقو يا ضرورتون ڪهڙيون آهن تن کان اسان کي به آگاهه ڪيو، ۽ معياري ڄاڻ شايع ڪرڻ لاءِ ڪهڙين شين کي ڌيان ۾ رکيو وڃي ان باري ۾ بنيادي ڄاڻ مهيا ڪريو، ۽ ان سان لاڳاپيل ڪي اهڙيون ٻيون ٽيڪنڪس پڻ ٻڌايو جن کي استعمال ۾ آڻيندي اسان جو ادارو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وڪي پيڊيا فري انسائيڪلوپيڊيا تي پنهنجو معياري مواد شايع ڪري سگهي يا وري وري بحيثيت سنڌي سيڪشن جي منتظم هجڻ جي اوهان جي نظر ۾ وڪي پيڊيا تي سنڌيءَ ۾ ڪهڙي مواد جي ترت ضرورت آهي، يا وري اهو پڻ ته وڪي پيڊيا جو منتظم يا با پنهنجي شايع ڪيل معلومات تي اختيار رکندڙ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙن قدمن جي ضرورت آهي. انهن شين کان اسان کي آگاهه ڪندا ته اسان پنهنجو عملي ڪم اڳتي وڌائيندي سنڌي اوپن انسائيڪلوپيڊيا کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.


نيڪ تمنائن سان

جواب جا منتظر


انيس ڪاڪا

(انچارج سنڌي انفرميٽڪس)


فهد حسين ميمڻ

سافٽ ويئر ڊولپر


(سنڌي لئنگئيج اٿارٽي – حيدرآباد سنڌ1)

نوٽ: هن خط جي متن جو نقل اوهان جي ذاتي برق ٽپال پتي aursani@yahoo.com تي پڻ موقليو ويو آهي، جڏهن ته عبدالحڪيم پلهه جو برق ٽپال پتو معلوم نه آهي، اوهان کي گذارش آهي ته اهو پڻ ٻڌايو ته ان تي پڻ برق ٽپال ڪري سگهجي.اسان جو برق ٽپال پتو sindhila@yahoo.com آهي

Invite to WikiConference India 2011[سنواريو]


Hi Ahpalh,

The First WikiConference India is being organized in Mumbai and will take place on 18-20 November 2011.
You can see our Official website, the Facebook event and our Scholarship form.

But the activities start now with the 100 day long WikiOutreach.

Call for participation is now open, please submit your entries here. (last date for submission is 30 August 2011)

As you are part of Wikimedia India community we invite you to be there for conference and share your experience. Thank you for your contributions.

We look forward to see you at Mumbai on 18-20 November 2011

undo redirected[سنواريو]

ادا ، زمرو:سانچو documentation ۽ سانچو:دستاويز ٻه الڳ شيون آهن پهريون (زمرو:سانچو documentation) هڪ زمرو Category آهي ۽ ٻيو (سانچو:دستاويز) هڪ سانچو Template آهي جيڪي توهان چوري هڪ اهم خلطي ڪئي آهي مهرباني ڪري اها واپس ٻيهر اصل حالت ۾ آڻيو،--اسد علي جوڳي 05:22, 12 ڊسمبر 2015 (UTC)

Talkback[سنواريو]

سانچو:Talkback جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 23:51, 9 فيبروري 2019 (UTC)