واپرائيندڙ:Namdev tarachandani

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Goongi Boli[سنواريو]

( آزاد نظم)   نامديو تاراچنداڻي

زبان ۽ گلي جا هي زخم

هاڻ تـ لاعلاج پيا لڳن!

پندرهين آگسٽ تي ڇٽيل اهو تير

اسان کي گھايل ڪري

سمنڊ ۾ ترندڙ هن ٻيڙي ۾ کپي ويو!

اسان تـ اڃان

پنهنجي ٻولي سنڌيءَ ۾

لوليون ٻڌي

روئڻ ۽ کلڻ سکي رهيا هياسين!

ٿوري سمجھ اچڻ تي

سڀ سهڻ جي هير پئجي وئي.

۽ جوان ٿيڻ تي

ياد ڪري ـ ڀلجي وڃڻ جي!

هاڻ جڏهن

هيءُ شرير

ٽُنگر ٻيڙي هلائي ٿڪجي پيا آهن.

وڏو ٿي ويو آهي سوراخ ان تير جو!

پاڻي بـ اچڻ لڳو آهي ٻيڙي مان!

هاڻ اها ڪئين ترندي؟

۽ ڪيستائين

اسان کي ڊپ آهي

شايد جلد هڪـ ڏينهن

اسين درياھ ۾ اندر هونداسين

هزارن، لکن، مڇين ساڻ ترنداسين

ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ

وقت جي ٿاڦورا هڻندي

ضروري سڀ ٻوليون ڳالهائڻ لڳنداسين!

پنهنجي ٻولي ۾ فقط

اڪيلو روئڻ

۽ ٻين ساڻ کلڻ بچندو!

پوءِ

ڪن ٿورن کي سمجھ ۾ ايندڙ

اشارا ڪنداسين!

سمنڊ ۾ رهي

هر مگر مڇ سان دوستي ڪنداسين،

هزارن رنگين اڻـڇهيل ڪتابن جا پنا ڦاڙي

سهڻيون ٻيڙيون ٺاهينداسين،

سونهري مڇين ساڻ

مهاڻن وٽ موڪلڻ لاءِ ٽٻڪن ۽ ليڪن ۾

پنهنجي دانهن موڪلينداسين!

ٻيڙين وارا ادا مهاڻا

اُهي شلا ــ ليک

سمنڊ ڪناري مٽيءِ جي ڍير تي

رکندا ويندا ـــ

پلي وارو جيوتين ساڻ،

اُن جو نگھبان ٿيندو

ڌيري ڌيري

ڪنهن ڏينهن هڪـ نئون

”جيئرن جو دڙو“ ٺهي ويندو

۽ ائين هڪـ ڏينهن

منهنجي گونگي ٻولي

امر ٿي ويندي!!

Source : Sindhiana Magazine