مواد ڏانھن هلو

يمامه جي جنگ

بيھڪ: 24°08′54″N 47°18′18″E / 24.1483°N 47.3050°E / 24.1483; 47.3050
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يمامه جي جنگ
سلسلو ارتداد جي فتني جي خلاف جنگون

يمامه جي جنگ ۾ شهيد ٿيڻ واري مسلمانن جو قبرستان
تاريخسال 11 هجري، ڊسمبر، 632 عيسوي
مقامعربستان جي علائقي يمامه ۾ عقربه جي ميدان ۾
نتيجو مسلمانن جي فتح ۽ مسيلمه ڪذاب جي قتل کان پوء ارتداد جي فتني جو خاتمو
شريڪ جنگ
خلافت راشده ۽ ٻيا سڀني مسلمان ٻنو حنيفه
مسيلمه ڪذاب ۽ هن جا پوئلڳ
سپهہ سالار ۽ رهنما

ابوبڪر صديق (رضي الله عنه)

  • خالد بن وليد (رضي الله عنه)
  • شرحبيل بن حسنه (رضي الله عنه)
  • زيد بن الخطاب (رضي الله عنه)
  • ابو دجانه (رضي الله عنه)
  • ابو حذيفه بن عتبہ (رضي الله عنه)
  • ابوجهل جو پٽ، عڪرمه (رضي الله عنه)
  • عمار بن ياسر (رضي الله عنه)
  • براء بن مالڪ (رضي الله عنه)
  • عبدالله بن سهيل (رضي الله عنه)
  • وحشي بن حرب (رضي الله عنه)
مسيلمه ڪذاب
رجال بن عنفوة الحنفي
محكم بن طفيل الحنفي
طاقت
10 کان تيرهن هزار پنجاھ هزار کان لک
نقصان
ٻارهن سو (1200) 10 کان 21 هزار (10000 - 21000)

يمامه جي جنگ (Battle of Yamama) جيڪا رسول الله جي وصال کان پوء، ديسمبر 632ع سال 10 هجري ۾ يمامه جي علائقي (موجوده نجد، سعودي عرب) ۾ مسلمانن جي فوج ۽ هڪ خود ساخته نبي، مسيلمه ڪذاب جي فوجن جي وچ ۾ خلافت راشده جي دور ۾ ردا جنگ (ارتداد جي فتني جي خلاف جنگن) جي حصي طور تي وڙهي وئي.

پس منظر

[سنواريو]

حضرت محمد ﷺ جي وصال کان پوءِ، ڪيترن ئي عرب قبيلا مديني جي اسلامي رياست خلاف بغاوت ڪئي ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. نبوت جا ڪوڙا دعويدار به مديني جي اسلامي رياست خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجون فوجون گڏ ڪيون. خليفي ابو بڪر انهن سڀني باغين سان منهن ڏيڻ لاءِ 11 لشڪر منظم ڪيا.

مسلمانن جو پهريون حملو

[سنواريو]

ابوبڪر عڪرمه کي هڪ لشڪر جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته اڳتي وڌن ۽ يمامه ۾ مسيلمه ڪذاب جي فوجن جو سامهون ڪرڻ، پر ان سان جنگ نه شروع ڪئين. عڪرمه وٽ دشمن جي گهڻي تعداد ۾ فوجن تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪافي فوج نه هئي. خالد بن وليد کي ٻين ننڍن مرتدين سان معاملو ڪرڻ کان پوءِ مسيلمه جي خلاف جنگ ڪندڙ فوجن جي ڪمانڊر طور چونڊيو ويو. عڪرمه کي هي مشن ڏيڻ ۾ ابوبڪر جو ارادو هو ته مسيلمه کي يمامه تائين محدود ڪيئن، جئين ته عڪرمه جي موجودگي م، مسيلمه ڪذاب حملي جي اميد ڪندي، پنهنجو ڳڙهه نه ڇڏي سگهندو ۽ مسيلمه ڪذاب جي ڳڙهه نه ڇڏڻ ۽ ٻاهر نڪري جنگ نه ڪئين جي فيصلي سان، خالد يمامه جي مداخلت کان سواءِ اتر-مرڪزي عرب جي ٻين باغين سان معاملو ڪرڻ لاءِ آزاد هوندو. عڪرمه پنهنجي لشڪر سان اڳتي وڌيو ۽ يمامه جي علائقي ۾ هڪ جاء تي پنهنجو ڪئمپ قائم ڪئي. جڏهن عڪرمه رضي الله عنه کي خالد جي هٿان طليحه اسدي (يمن کان هڪ ٻيو ڪوڙي نبوت جو دعويدار) جي شڪست جي خبر ملي، ته هو جنگ لاءِ بي صبر ٿيڻ لڳو. عڪرمه رضي الله عنه هڪ بي خوف ماڻهو ۽ هڪ طاقتور جنرل هو، پر هن ۾ خالد جي ٿڌي فيصلي ۽ صبر جي کوٽ هئي، اهي خوبيون جيڪي بهادر ڪمانڊر کي تڪڙي ڪمانڊر کان ممتاز ڪن ٿيون. ايندڙ ترقي جيڪا عڪرمه ٻڌي اها هئي ته شرحبيل بن حسنه ساڻس شامل ٿيڻ لاءِ مارچ ڪري رهيو آهي.

خليفي طرفان شرحبيل کي به هڪ لشڪر ڏنو ويو هو جنهن ۾ عڪرمه (رضي الله عنه) جي پيروي ڪرڻ ۽ وڌيڪ هدايتن جو انتظار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ڪجهه ڏينهن ۾، شرحبيل به ساڻس گڏ هوندو. پوءِ خبر آئي ته خالد هڪ مرتد قبيلي جي سردارني سلمي جي لشڪر کي شڪست ڏنيو آهي. عڪرمه (رضي الله عنه) وڌيڪ انتظار نه ڪري سگهيو ۽ هن پنهنجي لشڪر کي حرڪت ۾ آندو، اهو آڪٽوبر 632ع جي آخر ۾ (رجب جي آخر ۾، 11 هجري) ٿيو، پر کيس مسيلمه جي هٿان شڪست جو سامهون ڪرڻو پيو.

هن ابو بڪر کي خط لکيو ۽ کيس پنهنجي ڪاروائي جو مڪمل احوال ڏنو. عڪرمه جي تڪڙ ۽ کيس ڏنل حڪمن جي نافرماني تي ابو بڪر ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ هو. ابو بڪر کيس حڪم ڏنو ته عرفجه (رضي الله عنه) جي مدد لاءِ "مهره" ڏانهن مارچ ڪري ۽ ان کان پوءِ مهاجر (رضي الله عنه) جي مدد لاءِ يمن وڃي. شرحبيل يمامه جي علائقي ۾ رهيو. عڪرمه جي غلطي ۾ نه ڦاسي پوڻ لاءِ، ابو بڪر کيس لکيو: "جتي آهيو اتي رهو ۽ وڌيڪ هدايتن جو انتظار ڪريو."

خليفي خالد کي چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ۽ يمامه موڪليو ۽ کيس مسيلمه ڪذاب جي فوجن کي تباهه ڪرڻ جو مشن ڏنو. پنهنجي وڏي فوج کان علاوه، خالد جي ڪمان هيٺ شرحبيل جو لشڪر هوندو. خالد "بوته" پهتو، جتي سندس پراڻي فوج سندس انتظار ڪري رهي هئي. ان دوران، خليفي شرحبيل کي خالد بن الوليد جي ڪمان هيٺ ڪم ڪرڻ جو حڪم لکيو. خالد جي آمد کان ڪجهه ڏينهن اڳ شرحبيل پڻ عڪرمه واري غلطي جو ارتڪاب ڪريو؛ هن اڳتي وڌيو ۽ مسيلمه ڪذاب سان جهيڙو ڪيو، پر هن کي به شڪست جو سامهون ڪرڻو پيو . خالد کي خبر ملي ته مسيلمه 40,000 جنگجو فوج سان عقربه جي ميدان ۾ خيمه هنيو آهي.[1]

مسلمانن جو ٻيو حملو

[سنواريو]

عڪرمه ۽ شرحبيل خلاف انهن جي ٻن ڪامياب مقابلا، مسيلمه جي فوجن ۾ پاڻ ۾ اعتماد وڌايو ۽ مسيلمه جي چوڌاري ناقابل تسخيريءَ جو ماحول پيدا ڪيو، پر خالد مسلمان فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهن پوري محاذ تي حملي جو هڪ سلسلو شروع ڪيو. سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ جنگ هڪ اهڙي تنگ وادي ۾ ٿي جنهن ۾ ٻنهي مخالف فوجن جو رت هڪ نديءَ وانگر وهيو ۽ هڪ تنگ وادي ۾ جمع ٿي ويو، نتيجي طور، هي وادي "شعب الدم" (رت جي وادي) جي نالي سان مشهور ٿي ۽ اهو نالو اڃا تائين انهيءَ نالي سان مشهور آهي.

جنگ جو آخري مرحلو

[سنواريو]

جنگ توازن ۾ لٽڪي رهي هئي. جيئن ئي جنگ جو پهريون دور ختم ٿيو، جنگجو آرام ڪرڻ لاءِ پوئتي هٽي ويا. جنگ جو ايندڙ مرحلو، جيڪو مسلمانن جي ٻئي حملي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ايترو طاقتور ۽ فيصلا ڪن هو ته مرتد فوج وڏي حد تائين ٽٽي وئي. مسيلمه جي فوج جو صرف چوٿون حصو جنگ جي قابل رهيو، جيڪو باغ واري ڪوٽ ڏانهن پوئتي هٽي پناهه ورتي. جڏهن ته محاڪم (مرتدين جي ساڄي ونگ جو ڪمانڊر) هڪ ننڍڙي پوئين گارڊ سان انهن جي بچاء لاء مسلم کي مصروف رکيو.

مسلمان به ڀتين واري باغ ۾ پهتا، جتي 7,000 باغي ۽ مسيلمه پناهه ورتيا هئا. مسيلمه جا ماڻهو ڪوٽ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو، پر مسلمان باغ ۾ داخل ٿيڻ ۽ مسيلمه ۽ ٻين مرتد جنگجوئن کي مارڻ لاءِ بيچين هئا.

جلد ئي هڪ مسلمان سپاهي حضرت براء بن مالڪ رضي الله تعالي عنه پنهنجن ساٿين کان درخواست ڪيو ته کيس ڪوٽ جي ڀت تي چڙهڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن هو اتي موجود ڪوٽ جي دروازي تي موجود محافظن کي ماري دروازو کولي سگهي. هو باغ ۾ ٽپو ڏئي دروازو کولي ڇڏيو ۽ مسلمان باغ ۾ داخل ٿيا ۽ يمامه جي جنگ جو آخري مرحلو شروع ٿيو.

باغ واري ڪوٽ ۾ مقابلو

[سنواريو]

جيئن ئي براء بن مالڪ قلعي جو دروازو کولڻ ۾ ڪامياب ٿيو، مسلمان فوج باغ ۾ داخل ٿي ۽ مسيلمه جا ماڻهو پوئتي هٽڻ لڳا. جنگ وڌيڪ تيز ٿي وئي. مسيلمه اڃا تائين وڙهن لاء پڪو هو ۽ هن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو. جيئن ئي سندس بچيل ماڻهو هن جي ويجهو آيا، ته هو انهن سان گڏ جنگ ۾ شامل ٿي ويو. جنگ جو آخري مرحلو هاڻي عروج تي پهتو. مسلمان فوج باغين کي هر هنڌ دٻايو. وحشي بن حرب، جنهن احد جي جنگ ۾ پيغمبر محمد ﷺ جي چاچي حمزه (رضي الله عنه) کي قتل ڪيو هو ۽ نبي محمد انهن کي مڪي جي فتح وقت معاف ڪري ڇڏيو هو ۽ هو مسلمان ٿي، محمد جي صحابن ۾ شامل ٿي ويو هو، هن مسيلمه ڪذاب جي پيٽ کي پنهنجي نيلي، اهو ئي نيلو جيڪو هن حمزه بن عبدالمطلب کي مارڻ لاءِ مسلمانن خلاف استعمال ڪيو هو، سان نشانو بنائي ڦاڙي ڇڏيو، ساڳئي وقت معاويه بن ابي سفيان مسيلمه ڪذاب جو سر ڪٽي ڇڏيو. مسيلمه جي موت جي خبر سندس فوجن جي تباهي جو سبب بڻي. اهو باغ جتي جنگ جو آخري مرحلو ٿيو، اهو "حديقة الموت" (موت جو باغ) جي نالي سان مشهور ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ لڳ ڀڳ 7,000 باغي مارجي ويا هئا.

جنگ کان پوء جا تاثرات

[سنواريو]

مديني جي اسلامي رياست جي خلاف بغاوت کي ڪچليو ويو، ۽ فتح مسلمانن جي ٿي، پر مسلمان ان جنگ سان غم ۽ خوشي ٻن جو تجربو ڪيو. اھا مطمئن هئا ته نبوت جو ڪوڙو دعويدار مسيلمه ڪذاب مارجي ويو ۽ هنجو پيدا ڪيل انتشار ختم ٿي ويو، پر هن جنگ ۾ هزار کان مٿان صحابين جي شهادت، جنهن ۾ 360 حفاظ صحابه شامل هئا، انهن کي شديد غمگين ڪري ڇڏيو.[2]

اثرات

[سنواريو]

مسيلمه ڪذاب جي خاتمي ۽ سندس مرتد پوئلڳن جي تباهي سان گڏ، سڄي عربستان ۾ ٻيا سڀئي مرتد همت وڃائي ڇڏيا ۽ اهي ٻيهر مسلمان ٿي اسلام جي صفن ۾ موٽي آيا. ھي جنگ قرآن جي تاليف کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. محمد جي زندگي دوران، لکيل قرآن جا ڪيترائي حصا سندس ساٿين ۾ ورهائجي ويا هئا. جئين ته يمامه جي جنگ ۾ تقريبن 360 حفاظ (مسلمان جيڪي قرآن حفظ ڪري چڪن ٿا) شهيد ٿي ويا، نتيجي طور، ابوبڪر سندس مستقبل جي جانشين عمر جي اصرار تي، سڄي قرآن کي هڪ معياري متن ۾ محفوظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن زيد بن ثابت (جيڪا پاڻ حافظ هئا) کي قرآن جي سڀني ٽڪرن (چمڙي، پيپيرس يا کجيءَ جي ڇال تي جيڪا به صورت ۾ محفوظ هجڻ) ۽ ان سان گڏ اهو معيار ته قرآن جي هر آيت جن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن حفاظن پاران محفوظ آهن، کي هڪ معياري نسخي ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.[3][4][5]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:اسلام

24°08′54″N 47°18′18″E / 24.1483°N 47.3050°E / 24.1483; 47.3050

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. The Sword of Allah: Khalid bin al-Waleed, His Life and Campaigns. 
  2. Yilmaz, Omer (2015). The Age of Bliss: Khalid ibn Al-Walid. Clifton, NJ: Tughra Books. p. 54. ISBN 978-1-59784-379-9. 
  3. Usmani, Mohammad Taqi; Abdur Rehman, Rafiq (editor); Siddiqui, Mohammed Swaleh (translator) (2000). An approach to the Quranic sciences. Birmingham: Darul Ish'at. pp. 191–6.
  4. Hasan, Sayyid Siddiq; Nadwi, Abul Hasan Ali; Kidwai, A.R. (translator) (2000). The collection of the Qur'an. Karachi: Qur'anic Arabic Foundation. pp. 34–5.
  5. Buyukcelebi, Ismail. Living in the Shade of Islam. p. 109. ISBN 9781932099218.