مواد ڏانھن هلو

ياس ٻيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ياس ٻيٽ
آسمان مان ياس ٻيٽ جو نظارو
Map
جاگرافي
مقانيت24°30′N 54°36′E / 24.500°N 54.600°E / 24.500; 54.600
انتظاميا
گڏيل عرب اماراتون

ياس ٻيٽ ( عربي ٻولي: جزيرہ ياس ) ابو ظهبي ، گڏيل عرب اماراتن ۾ هڪ بناوتي ٻيٽ آهي جنهن جو نالو عرب بني ياس قبيلي جي نالي تي رکيو ويو آهي. ھن ٻيٽ جي ڪل ايراضي 25 چورس ڪلوميٽر (9.7 mi2) آھي. اھو ٻيٽ وندر جي مقسد سان ٺاھيو ويو آھي ۽ ابو ظھبيءَ جي وڏن سيلاني منصوبن مان ھڪ آھي.

ياس ٻيٽ تي ياس مرينا سرڪٽ آهي، جيڪو 2009 کان وٺي فارموُلا وَن جي ابوظهبي گرئنڊ پرِڪس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. [1] ھتي فراري ورلڊ بہ آھي جيڪو ھڪ اميوزمينٽ پارڪ آھي. فراري ورلڊ ۾ دنيا جو سڀ کان تيز رولر ڪوسٽر فارمولا روسا آھي. [2]

ياس ٻيٽ کي نومبر 2009 ۾ ورلڊ ٽريول اوارڊز ۾ دنيا جي اول سيلاني منصوبي جو ختاب مليو. [3]

ترقي

[سنواريو]

ياس ٻيٽ کي ٺاھڻ جو ڪم 2006ع ۾ شروع ٿيو. ھن جو مقسد ياس ٻيٽ کي ھڪ گھڻ مقسدي، شاپنگ ، وندر ۽ گھمڻ جو مرڪز بڻائڻ ھيو.ھن منصوبي جي سيڙپڪ (investment) کي گھڻن اي ڀاڱن ۾ وڙھايو ويو ھيو.پروجيڪت پورو ٿيڻ جي تاريخ 2018 تيہ ڪئي وئي ھئي ۽ نيون شيون جوڙڻ جو ارادو پڻ ھيو . [1]

گهمڻ جون جڳھيون

[سنواريو]

فراري ورلڊ

[سنواريو]
فاراري ورلڊ ابو ظهبي ۾ دنيا جو سڀ کان تيز رولر ڪوسٽر، فارمولا روسا

فراري ورلڊ ھڪ اميوزمينٽ پارڪ آھي. اھو نومبر 2010 ۾ کوليو ويو. [4]

پارڪ جي گھڻين اي مشھور چيڪلن مان ھڪ آھي فارمولا روسا. اھو دنيا جو تيز ترين رولر ڪوسٽر آھي. ھن جي وڌ ۾ وڌ گتي 240 kmph آھي. [5]

ياس واٽر ورلڊ

[سنواريو]

ياس واٽر ورلڊ ياس ٻيٽ جو هڪ واٽر پارڪ آهي. ان ۾ سرف اپ! ببلز بيرل سلائيڊ آهي جيڪا دنيا ۾ سڀ کان وڏي سرف لائق شيٽ ويو سرف آهي. ورلڊ واٽر پارڪ ايسوسيئيشن ھن کي 2012 ۾ ليڊنگ ايج ايوارڊ سان نوازيو. [6]

هن پارڪ کي مئي 2013 ۾ لاس اينجلس ٽائمز پاران دنيا جي 20 بهترين واٽر پارڪن مان هڪ قرار ڏنو ويو هو [7] ھن کي سي اين اين پاران جولاءِ 2013 ۾ دنيا جي 12 بهترين واٽر پارڪن مان هڪ طور پڻ درج ڪيو ويو هو [8] ھن کي 2013 جي وچ اوڀر جي اول سيلاني جڳھ لاءِ ورلڊ ٽريول ايوارڊز ايوارڊ پڻ مليو [9] پنهنجي پنجن سالن جي آپريشن دوران، ياس واٽر ورلڊ ابو ظهبي کي 35 کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ ان کي ورلڊ ٽريول ايوارڊز ۾ وچ اوڀر جي اول واٽر پارڪ طور ووٽ ڏنو ويو. 2018 ۾ ھتي سنيپليش شروع ٿيو جيڪو ھن علاقي جو اڪلوتو 5 ڊي واٽر ايڊوينچر آھي.

  1. 1 2 "Yas Island leisure destination in Abu Dhabi". dubaifaqs.com. اصل نسخو مان 12 November 2013 تي محفوظ ڪيل. 12 November 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. "Record Holders - Speed". Roller Coaster DataBase. 23 April 2023. اصل نسخو مان 14 October 2019 تي محفوظ ڪيل. 23 April 2023 تي حاصل ڪيل.
  3. "Yas Island named World's Leading Tourism Project". arabianbusiness.com. 11 November 2009. اصل نسخو مان 17 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.
  4. "Ferrari World Abu Dhabi Grand Opening". ferrariworldabudhabi.com. اصل نسخو مان 21 October 2017 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.
  5. "World's Fastest roller coaster". ferrariworldabudhabi.com. اصل نسخو مان 22 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.
  6. "Yas Waterworld Abu Dhabi takes home World Waterpark Association's inaugural Leading Edge Award - Yas Waterworld". yaswaterworld.com. اصل نسخو مان 17 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.
  7. "Photos: 20 best water parks in the world". Los Angeles Times. اصل نسخو مان 25 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.
  8. "12 of the world's best water parks". CNN. 31 July 2013. اصل نسخو مان 20 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.
  9. "Middle East's Leading Tourist Attraction 2013". worldtravelawards.com. اصل نسخو مان 17 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 17 October 2013 تي حاصل ڪيل.