وھربينا
ڏيک
وهرَبِينا هي مشهور ولايتي يڪ – سالو آهي، جنهن جو وڻ پنج اٺ فوٽ وڏو ٿيندو اهي. هن جي لاءِ زمين ڀلي ۽ پنن جي ڀاڻ سان گڏ پل بهتر آهي. ٻج آڪٽوبر ۾يا اڳڀرو پوکبو آهي. جڏهن چار پن ڪڍي تڏهن ٽپائي ٻئي هنڌ رکجي، جتي گل ڪرائڻا هجنس. پاڻي سنڀال سان ڏجي، جو هو گهڻي گهم نه سهندا آهن. ٻج ولايت کان ايندو آهي.[1] هن جون مکِڙيون چپٽيءَ سان پٽيون ته پوءِ ججها گل ڪندو ۽ گهاٽ وٺندو. بعضي هنن کي سائي مَک نقصان رسائيندي آهي. تماڪ جو دونهون انهن جو علاج آهي. گرم هوا ۾ اُس جي تابش کان بچائجين. هن جا ڪيترائي قسم ٿا ٿين: اڇا، گلابي، ڪارا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي. ڪي وري انهن رنگن مان زرافشاني، ليڪن وارا ۽ اکن يا داغن وارا ٿين ٿا.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو