مواد ڏانھن هلو

وڳھ ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڳھ ڪوٽ(انگريزي: Wiggah Kot ) سنڌ ۾ سومرن جي دؤر ۾ ھڪ شھر جيڪو رڻ جي ڪڇ واري علائقي ۾ واقع ھيو. سومرن کي جڏهن سوڍن سن 1226ع ۾ امرڪوٽ مان هڪالي ڪڍيو، تڏهن هو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙا اتر طرف ملتان ۽ انهيءَ پاسي ويا ۽ ٻيا ڏکڻ ٿر ۽ لاڙ ڏي ويا، جتي انهن جي اڳ به حڪومت هئي. پر آهستي آهستي سوچن اُهو پاسو به هٿ ڪيو ۽ سومرن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيائون، تڏهن اونهن پنهنجو نئون راڄ ٺاهيو. سومرو ۽ ويڳو ٻه ڀائر هئا، جي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي پراڻ طرف رهندا هئا، جن اُتي پنهنجي بادشاهي جو بنياد وڌو. ان وقت ڪڇ جي راجا جو جوڙايل ڪوٽ، رحمڪي بازار جي پريان ڪڇ جي رڻ ۾ هوندو هو، سو ويڳي هٿ ڪيو ۽ اُهو سندس نالي پٺيان وڳهه ڪوٽ سڏجڻ ۾ آيو، جو ڍوري پُراڻ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. سومرن جو تيرهون حاڪم چنيسر هو، جنهن سن 1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه اتي حڪومت ڪئي.[1]. سندس ڏينهن ۾ ”ليلان“ جو مشهور واقعو ٿيو. اهو ڪڇ جي رڻ جو پاسو آهي ۽ چنيسر جي ڪوٽ جو ويرانو اڄ تائين اُتي بيٺو آهي، جتان بعضي بعضي آڳاٽي زماني جا سڪا لڀندا آهن. هي شهر 1809ع ۾ ڌرتيءَ جي سخت زلزلي سبب نابود ٿي ويو. جڏهن رڻ سمنڊ هو، تڏهن هي مکيه ساموندي بندر هو. هن جي پڪين سرن جي جاين جا نشان سال 1835ع (برنس جي وقت تائين) ڏسڻ ۾ پئي آيا 1745ع ۾ هڪ ڀڳل جهاز جو ڍانچو اتان هٿ ڪيو ويو هو، جو گپ ۾ 15 فوٽ هيٺ گتو پيو هو[2][1] .

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ”ائنٽيڪٽيز آف سنڌ“صفحو 172