وڪيپيڊيا:ھاٽ ڪيٽ
وڪيپيڊيا تي مضمونن ۾ زمرا وجھڻ جو ھڪ پاڻمرادو اوزار آھي. ان کي ڪم آڻڻ لاءِ ترجيحن ۾ وڃي ڪري ان کي پنھنجي وڪيپيڊيا واپرائيندڙ کاتي تي لاڳو ڪرڻو پوندو آهي پوءِ جنھن مضمون ۾ ان اوزار وسيلي زمرا وجھڻ چاھيو ته ان اوزار وسيلي لاڳاپيل ليک ۾ زمرا وجھي سگھجن ٿا. زمرا وجھڻ لاء مضمون کي پڇاڙيءَ ۾ + جوڙ جو نشان تي نھاريو ان تي ٺڙڪ ڪري لاڳاپيل زمري جو نالو لکو ۽ ٺيڪ آ (اوڪي) بٽڻ کي دٻايو يا انٽر ڪريو ته لاڳاپيل زمرو پاڻمرادو ان مضمون ۾ شامل ٿي ويندو ۽ ڪجھ گھڙيون مضمون تازو ٿي ويندو.
لاڳو سٽاءُ
[سنواريو]ھن سهولت کي چالو ڪرڻ لاءِ: منهنجون ترجيحات ← اوزار ← فوري زمرا بندي، صفحن ۾ زمرا تبديل ڪرڻ، شامل ڪرڻ ۽ هٽائڻ کي آسان بڻائڻ لاءِ، ان خاني کي چونڊي ڇڏيو.
ھن سهولت کي چالو ڪرڻ لاءِ: منھجون ترجيحون ← اوزار ← ڦڙت زمرابندي، صفحن ۾ زمرا وجھڻ، مٽائڻ، يا ھٽائڻ ۾ سولائيءَ جي لاءِ. خاني کي چونڊيو.
استعمال جو طريقو
[سنواريو]جڏهن به ڪو صفحو کولجي ٿو ته ترت زمرا بندي وارو اوزار ان صفحي ۾ موجود زمرا ڳولھي ٿو. جيڪڏهن زمرا موجود هجن ته هي اوزار انهن کي سولائيءَ سان هٽائڻ، تبديل ڪرڻ يا نوان شامل ڪرڻ جا اختيار مهيا ڪري ٿو. اهي اختيار (يا بٽڻ) صفحي جي بلڪل هيٺئين ڀاڱي ۾ زمرن سان گڏ ظاهر ٿين ٿا.
اختيارن جي وضاحت ھيٺ ڏنل آهي:
- "(-)": هن تي ٺڙڪ/ڪلڪ ڪرڻ سان زمرو پاڻمرادو هٽي ويندو.
- "(±)": هن تي ٺڙڪ/ڪلڪ ڪرڻ سان زمرو بدلائڻ يا وجھڻ لاءِ هڪ داخلا وارو خانو (input field) کولجي ٿو.
- "(+)": هن تي ٺڙڪ ڪرڻ سان نئون زمرو شامل ڪرڻ لاءِ خانو کولجي ٿو.
- "(++)": هن تي ٺڙڪ ڪري اوهين هڪ ئي وقت زمرن سان لاڳاپيل مختلف قسمن جي تبديليون ڪري سگهو ٿا.
تڪڙي زمرابندي انهن زمرن ۾ تبديلي نٿي آڻي سگهي جيڪي ڪنهن سانچي وغيره ذريعي ظاهر ٿين. تنهن ڪري هن اوزار سان رُڳو اهي زمرا تبديل ڪري سگهجن ٿا جيڪي صفحي جي اصل مواد ۾ موجود هجن.