وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/27 جُولاءِ 2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زھره جو پٽو
زھره جو پٽو
  • ... ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا ڪتاب مصر جي جامع الازهر جي نصاب ۾ شامل آهن.
  • ... ته نورواهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواهه نالو پيو.
  • ... ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف جي شروعات ڪلهوڙا دور مان ٿيل ڀائنجي ٿي، جتي قاضي قاضن جي شاعري جي هڪ ستٽجي جواب ۾ ابو الحسن تنقيدي بيت لکيو هو.
  • ... ته سج اڀرڻ ۽ سج لھڻ جي وقت گلابي چمڪ افق جي مٿان لڳ ڀڳ 10 ڊگري - 20 ڊگري تي ٿيندي آھي، ان کي زھره جو پٽو چيو ويندو آهي.
  • ... ته مڙس جي وفات کان پوءِ لسٻيلي رياست جي حڪمران مائي چاڳلي ٿي، خودمختيار حڪومت سبب ڪن پاڙيسري سردارن کي حسد ٿيڻ لڳو ۽ ڪاوڙ وچان چوڻ لڳا ته، ڏاڙهي ڪانهي ڏيهه ۾، تڏهن چاڳلي ٿي چاڳ ڪري.
  • ... ته پاڪستان جي آئين ۾ چوٿين ترميم 21 نومبر 1975ع تي نافذ ٿي، جنهن مطابق سنگين ڏوھ ۾ ملوث مبينه ڏوھاري کي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ عدالتي اختيارن کي ختم ڪيو ويو.