وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/23 ڊسمبر 2014

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • سلامتي ڪاؤنسل جي پنج مستقل رڪنن کان سواءِ ڏھ غير مستقل رڪن بہ ھوندا آھن جن کي جنرل اسيمبلي ٻن ٻن سالن جي لاءِ چُونڊيندي آھي۔
  • ڪُلھي جون ھڏيون ڪنھن ھڏي سان ميل ناھن رکنديون ۽ بي قاعده انداز ۾ مليل ھونديون آھن ۽ انھن جو نالو بہ ڪجھ ناھي ھوندو.
  • ايڊز جون نشانيون ظاهر ٿيڻ کان اڳ ان جو وائرس انساني جسم ۾ ڪيترائي مهينا يا سالن تائين رهي سگهي ٿو.
  • سيپٽمبر 1980ع ۾ جڏهن عراق ایران تي حملو ڪيو ته صدام حسين ڇيو هيو تہ هو 3 ڏينهن ۾ تهران تي قبضو ڪري وٺندو.
  • ڪرڪيٽ جو پهريون عالمي ڪَپ 1975ع ۾ کيڏيو ويو، هر چئن سالن کانپوءِ هي عالمي مقابلو ٿيندو آهي، جڏنهن تہ عورتن جو ڪرڪيٽ عالمي ڪَپ 1973ع کان کيڏيو پيو وڃي.
  • انڊونيشيا جو جنرل سُهارتُو جڏهن اقتدار ڇڏيو ته ان جي خفيا دولت 35 بلين امريڪي ڊالر هُئي.
  • سورنهين صديءَ جي انتَ تائين يعني 1564ع تائين نئون سال مارچ جي انتَ (آخر) ۾ شروع ٿيندو هيو.