وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2020/هفتو 10

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇا توھان کي خبر آهي...

فيبروري 2020[سنواريو]

  • 00:00,February 2020 (UTC)
آذربائيجان جي شهر گوبستان ۾ گَپ وارا ٻرندڙ جبل
آذربائيجان جي شهر گوبستان ۾ گَپ وارا ٻرندڙ جبل
فلپائن جي علائقي البي ۾ مايون ٻرندڙ جبل
فلپائن جي علائقي البي ۾ مايون ٻرندڙ جبل

 • …آسٽريليا دنيا جو اڪيلو کنڊ آهي جتي ڪوبہ فعال ٻرندڙ جبل (وئلڪينو) ناهي.

 • …آذربائيجان ۾ ٻين مُلڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ گپ وارا ٻرندڙ جبل آهن، جيڪي پُوري مُلڪ ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل آهن. دنيا جي 800 ٻرندڙ جبلن منجهان 350 ٻرندڙ جبل جمهوريا آذربائيجان ۾ آهن. مقامي ماڻهو انهن کي "يناردگ" (ٻرندڙ جبل)، "پل پائيلا" (ڇت يا ٿلهو)، "گيناچا" (ٽهڪندڙ پاڻي) ۽ "بوزداگ" (ڀورو رنگ جا جبل) وارن ٻرندڙ جبلن جي جاگرافيائي نالو سان گڏ سڏين ٿا.

 • … فلپائن جي علائقي البي ۾ مايون سڀ کان وڌيڪ فعال ٻرندڙ جبل (ووئلڪينو) آهي.

 • …ٻرندڙ جبلن (ولڪئنوز) جي ڦاٽڻ کي ڪيميائي ۽ اڏاوتي صنعتن سان گڏوگڏ دواسازي (فارماڪولاجي) ۾ وڻ ڪچو مال طور ڪم آڻيو ويندو آهي.

 • …5 سيپٽمبر، 2004 تي آذربائيجان جي ايراضيءَ ۾ سڀ کان وڏو گپ وارو ٻرندڙ جبل کي گينيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.

 • …ائيرنتيڪن ٻرندڙ جبل کي آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ ڦُڙت ٻرندڙ جبلن ۾ سمجهي سگهجي ٿو.

 • …آذربائيجان جو ٻيو نمبر وڏو گپ وارو ٻرندڙ جبل عثمان بوزدگ آهي. 23 سيپٽمبر 2018 تي، ان جي ڦاٽڻ سان گپ نڪتي، جيڪا 4 ڪلوميٽر ڊگهو هئي ۽ ان جي چير(ڦوٽ، ڏار) 80 ميٽر اونهو هئي.