وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/سانڍيل 2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آرڪائيو ٿيل


2018

1 نومبر

  • ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
  • ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
  • ... ته قديم يوناني رياستن ۾ جڏهن شهري آزاديءَ جو شعور وجود ۾ آيو، تڏهن عالمن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو جيڪو معاوضي تي سياست، مدنيت، فن تقرير اصول بلاغت، منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو.
  • ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
  • ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.

27 جُولاءِ

زھره جو پٽو
زھره جو پٽو
  • ... ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا ڪتاب مصر جي جامع الازهر جي نصاب ۾ شامل آهن.
  • ... ته نورواهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواهه نالو پيو.
  • ... ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف جي شروعات ڪلهوڙا دور مان ٿيل ڀائنجي ٿي، جتي قاضي قاضن جي شاعري جي هڪ ستٽجي جواب ۾ ابو الحسن تنقيدي بيت لکيو هو.
  • ... ته سج اڀرڻ ۽ سج لھڻ جي وقت گلابي چمڪ افق جي مٿان لڳ ڀڳ 10 ڊگري - 20 ڊگري تي ٿيندي آھي، ان کي زھره جو پٽو چيو ويندو آهي.
  • ... ته مڙس جي وفات کان پوءِ لسٻيلي رياست جي حڪمران مائي چاڳلي ٿي، خودمختيار حڪومت سبب ڪن پاڙيسري سردارن کي حسد ٿيڻ لڳو ۽ ڪاوڙ وچان چوڻ لڳا ته، ڏاڙهي ڪانهي ڏيهه ۾، تڏهن چاڳلي ٿي چاڳ ڪري.
  • ... ته پاڪستان جي آئين ۾ چوٿين ترميم 21 نومبر 1975ع تي نافذ ٿي، جنهن مطابق سنگين ڏوھ ۾ ملوث مبينه ڏوھاري کي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ عدالتي اختيارن کي ختم ڪيو ويو.

20 جُولاءِ

  • ... ته گهوٽڪي جو اصل نالو گهوٽہ آهي. هن شهر کي 1447ع ڌاري پير محسن شاھ ٻڌو هو.
  • ... ته سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي، هيءَ فلم پهريون ڀيرو ڪراچيءَ جي تاج محل سئنيما ۾ چئين بجي واري شو ۾ رليز ٿي.
  • ... ته سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.
  • ... ته سنڌ سڌار سنڌي ٻوليءِ ۾ پهرين اخبار تسليم ڪئي وڃي ٿي. هي اخبار تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ڪئي وئي. هن اخبار جا پهريان ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ، ساڌو هيرانند ۽ ٻيا ناليرا صحافي ٿي گذريا آهن.
  • ... ته پهرين سنڌي عورت جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي ان جو نالو ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد آهي.
  • ... ته آمنه جروار اها سنڌياڻي آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ شاهه جي رسالي کي حفظ ڪيو.
  • ... ته چاڪر خان رند (تصوير) بلوچ قوم جو پهريون نامور سردار هو. سندس والد مير شهڪ خان جي وفات کانپوءِ 30 سالن جي عمر ۾ سڀني بلوچ سردارن کيس پنهنجو اڳواڻ منتخب ڪيو.

15 جُولاءِ

  • ... ته شمسي سرشتي ۾ هن وقت تائين جن گرھن جي ڄاڻ پئي آهي، تن ۾ پلوٽو سڀني کان ڏورانھون گرھ آهي. پلوٽو جا پنج چنڊ آھن.
  • ... ته گورک هل اسٽيشن سنڌ جي حَسين ترين ۽ ٿڌي ترين جابلو چوٽي آهي. سمنڊ کان گورک جبل جي اوچائي 5688 فوٽ آهي.
  • ... ته حيدرآباد جي شاهي بازار 17 هين صديءَ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. مٿس نالو شاهي دروازي جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو.
  • ... ته ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس ڪميونسٽ مينيفسٽو لکي سوشلزم جو خاڪو اهو چئي پيش ڪيو ته جڏهن محنت اجتماعي آهي تڏهن اجورو به اجتماعي هجي.
  • ... ته شاهه جي رسالي جي شروعات سر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. ڪلياڻ جي معنيٰ آهي سک. گائڪيءَ موجب هي سر ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي.
  • ... ته ڪارو ڪڇو گينگ ڏواھارين جي منظم گروھن کي چيو ويندو آهي، جيڪي هندوستاني پنجاب ۾ ڪارا ڪڇا يا پوليس جون ورديون پائيندا آھن ۽ پنھنجي جسم تي گريس مليندا آھن.

2017

22 جُولاءِ

  • تہ فرڊيننڊ ميگلان پهريون ڀيرو زمين جو بحري چڪر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو فلپائن جي ويجھو مري ويو تہ ان جي جهاز تي موجود ھڪ ٻي مهم جو خوان سباسٽين ايلڪانو ان ٻيڙي جي اڳواڻي ڪئي ۽ اھڙي طرح ھو پهريون شخص بڻجي ويو جنھن جي سرڪردگي ۾ انسان زمين جي چوڌاري پهريون بحري سفر مڪمل ڪيو.
  • تہ تاريخ جون سو انتھائي متاثر ڪندڙ شخصيتون نالي ڪتاب ۾ مائيڪل ايڇ ھارٽ عمر بن خطاب کي اڄ تائين جي 100 متاثر ڪندڙ شخصيتن جي فھرست ۾ ٻاونجاھ درجي تي رکيو آهي.
  • تہ ارشميدس جون ايجاد ڪيل توپون ايتري قدر مضبوط ھيون جو سيراڪيوز جو گھيراءُ ڪرڻ واري جنرل ڪلاڊيس جي شهر تي قبضو ڪرڻ ۾ پورا ٽي سال لڳا. سيراڪيوز تي قبضو ڪرڻ کان بعد ڪلاڊيس ارشميدس کي معاف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر ھڪ سپاهي اُن کي غلطيءَ ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
  • تہ ڪتاب الاموات، ھڪ قديم مصري دستاويزن جو ميڙ آهي، جنهن ۾ منتر، مناجاتون، دعائون، ۽ حمد وغيره شامل آھن. ھي عام ماڻھو پنھنجي قبر يا تابوت ۾ رکڻ جي لاءِ خريد ڪندا ھيا، انھن جو عقيدو ھو تہ مرڻ کان بعد ان کي پڙھي ڪري ھو ڪجھ فائدا ۽ خصوصي مراعتون حاصل ڪري سگھندا.

7 جون

  • سلامتي ڪاؤنسل جي پنج مستقل رڪنن کان علاوه ڏھ غير مستقل رڪن بہ ھوندا آھن جن کي جنرل اسيمبلي ٻن ٻن سالن جي لاء منتخب ڪرندي آھي۔
  • ڪولھي جون ھڏيون ڪنھن ھڏي سان ميل ناھن رکنديون ۽ بي قاعده انداز ۾ مليل ھونديون آھن ۽ انھن جو نالو بہ ڪجھ ناھي ھوندو.
  • ايڊز جون علامتون ظاھر ٿيڻ کان پھريان ان جو وائرس انساني جسم ۾ ڪيترائي مھينا يا سالن تائين رھي سگھي ٿو۔
  • سيپٽمبر 1980ء ۾ جڏھن عراق ایران تي حملو ڪيو ھيو صدام حسين چيو ھيو تہ ھو 3 ڏينھن ۾ تھران تي قبضو ڪرندا۔
  • ڪرڪيٽ جو پھريون عالمي ڪپ 1975ع ۾ کيڏيو ويو، ھر چئن سالن کان پوء عالمي مقابلو ٿيندو آھي جڏھن تہ عورتن جو ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 1973ع ۾ کيڏيو ويو۔
  • انڊونيشيا جي جنرل سھارتو جڏھن اقتدار ڇڏيو تہ ان جي خفيہ دولت 35 بلين امريڪي ڊالر ھئي۔
  • سورھين صدي جي آخر تائين يعني 1564ع تائين نئون سال مارچ جي آخر ۾ شروع ٿيندو ھيو۔