وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/جُولاءِ 23

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽائپ رائٽر
ٽائپ رائٽر
  • 1829ٽائپو گرافر نالي مشين جا حق ۽ واسطا وليم آسٽن برڊ جي نالي محفوظ ٿيا، اها مشين اڳتي هلي ٽائپ رائٽر (تصوير) جي نالي سان مشهور ٿي.
  • 1927 — انڊين برادڪاسٽنگ جو پهريون اسٽيشن ممبئي ۾ قائم ٿيو.
  • 1936عبدالله هارون جي رهائشگاهه ۾ سر شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، غلام حسين ھدايت الله، ميران محمد شاهه ۽ محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو.
  • 1939 — اسڪندرون ۽ انطاڪيه علائقن ترڪي سان الحاق جو فيصلو ڪيو.
  • 1952 — جمال عبد الناصر جي قيادت ۾ مصري فوج شاهه فاروق جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيو.
  • 1988ايم آر ڊي جنرل ضياءُ الحق جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ واري اعلان کي رد ڪري ڇڏيو.