مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2026/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شڪارپوري آچار شڪارپور، سنڌ ۾ ڏکڻ ايشيائي آچارن جو ھڪ قسم آھي.ھي آچار سڄي پاڪستان ۾ مشھور آھي، ايتري قدر جو ان کي گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ڏانھن پڻ برآمد ڪيو ويندو آھي. آچارن جي مشھور قسمن ۾ گڏيل آچار مشھور آھي جنھن ۾ گوگڻو، گجرون، ٿوم، چڻا، انب، مالٽو، ساوا مرچ، ۽ گل گوبي وغيره وڌا ويندا آھن. گھريلو آچارون پڻ مشھور قسمن مان آھن.

شڪاپور شھر ۾ آچار ٺاھڻ جا ٻارنھن وڏا ڪارخان آھن. ھنن ڪارخن شھر ۾ دڪانن جو ھڪ وڏو ڄار وڇائي ڇڏيو آھي. شھر ۾ گھريلو طور آچار ٺاھڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پڻ عورتن پاران سيٽ اپ قائم ڪيل آھن.