مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2025/مهينو جُولاءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو

سنڌو رياست/بادشاهت (انگريزي: Sindhu Kingdom) هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنا آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ. يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته پاڻ سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو.