وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2025/مهينو جون
ڏيک
پريم تنواڻي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناليوارو گياني، ليکڪ، محقق، ۽ ديوناگري لپيءَ جو سرگرم حامي هو. هن سڄي ڄمار سنڌي ٻولي، ساھت، ثقافت، ۽ قومي سڃاڻپ جي واڌاري لاءِ ارپي ڇڏي. ھو هڪ اهڙو نرالو فڪري ماڻھو هو، جيڪو نه رڳو علمي دنيا ۾، پر سوشل ميڊيا جي ذريعي به سنڌي ماڻھن ۾ ڏاڍو مقبول ۽ قابلِ عزت رهيو. ھو ۵ جون ۲۰۲۵ تي پرلوڪ پڌاري ويو.