وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو مئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڄيـٺمل پرسرام گلراجاڻي (جنم: آڪٽوبر1885ع حيدرآباد سنڌ، ديهانت: 6 جولاءِ 1948 ممبئي) سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو صحافي، شاعر ۽ ليکڪ هو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.جي ايم سيد موجب ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي 1985ع ۾ جڏهن تہ جوتواڻي موجب 1986 ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. جيٺمل جي والد جي مالي حالت سٺي نه هئڻ جي ڪري هو ڪاليجي تعليم پرائي نه سگهيو. هن اشروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي ورتي. ان کان پوءِ سيڪينڊري تعليم ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ مان پرايائين. 1902ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ روزگار جي لحاظ کان ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڪتابن جو دڪان کوليو، ان کان پوءِ 1903ع ۾ ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ ۾ ماستري شروع ڪيائين. 1910ع ۾ ”سنڌ مدرسته الاسلام“ ۾ ڪجهه وقت ماستري ڪيائين ۽ پوءِ نيو هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو، پر اتان به 1911ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ راڄنيتي معاملن ۾ حصو وٺڻ لڳو. اڳتي هلي 1933ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ڪاليج ۾ هن 1941ع تائين پڙهايو. ڄيٺمل يارهن سالن جو هو جو هن پنهنجن ڪجهه دوستن سان گڏجي حيدرآباد ۾ ”هوپفل سوسائٽي“ نالي سان هڪ هم عمر ساٿين جي ٽولي قائم ڪئي. جنهن جو مقصد نوجوانن ۾ سٺن خيالن جو پرچار ڪرڻ هو.