وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو فيبروري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد سنڌ جي مشهور سياستدان جي ايم سيد جي ڌيءَ هئي. دُرِ شهوار پهرين سنڌياڻي هئي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي. درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي ڳوٺ سن، دادو ۾ جنم ورتو. درشهوار سيد هڪ اديب ۽ محقق هجڻ سان گڏ، سماجي ڪارڪن پڻ هئي. جڏهن درشهوار پڙهڻ جي عمر تي پهتي ته سندس تعليم وڏو مسئلو بڻجي ويو، ڇو ته سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي استاد هندو هئا جيڪي ورهاڱي سبب سنڌ ڇڏي ويا،ان لاءِ هن کي ڪراچي ۾ رهائش اختياري ڪرڻي پئي ۽ هن شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول مان حاصل ڪئي.