وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو جون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سانجھيءَ ويلي شھر جو نظارو

ھوسٽن (انگريزي:Houston) آمريڪي رياست ٽيڪساس جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون نمبر وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آدمشماري 2340580 آھي. ھي اتر آمريڪا کنڊ جو ڇھون وڏو شھر آھي. ھي شھر ڏکڻ اوڀر ٽيڪساس ۾ گيلويسٽن بي (Galveston Bay) ۽ ميڪسيڪو نار (Gulf of Mexico) جي ويجھو آباد آھي. شھر جي ڪل پکيڙ 1651 چورس ڪلوميٽر (637.4 چورس ميل) آھي. شھر جو گھڻو حصو ھيرس ڪائونٽي (Harris County) ۾ شامل آھي پر ڪجھ حصا فورٽ بينڊ (Fort Bend) ۽ مونٽگوميري (Montgomery) ڪائونٽيس ۾ شامل آھن. ھوسٽن جي شھر جو بنياد 30 آگسٽ 1836ع ۾ پيو. ھن شھر جو نالو ريپبلڪ آف ٽيڪساس جي صدر سام ھوسٽن (Sam Houston) جي نالي پٺيان پيو. سام ھوسٽن ٽيڪساس کي ميڪسيڪو کان ازاد ڪرايو ھو. ھي شھر ڪجھ عرصي تائين ريپبلڪ آف ٽيڪساس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رھيو. ويھين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. ھتي ٽيڪساس جو ميڊيڪل سينٽر، ناسا جو جانسن اسپيس سينٽر ۽ مشن ڪنٽرول سينٽر قائم ٿيا جيڪي ھن شھر جي وڌيڪ ترقيءَ جو باعث بنيا. ان سان گڏوگڏ ھوسٽن شپ سينٽر (Houston Ship Center) قائم ٿيڻ ۽ ٽيڪساس ۾ تيل جا ذخيرا ھٿ اچڻ سبب ھتي وڏي ترقي ٿي.