وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو جولاءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مايڪروسافٽ بنگ جو فلوئنٽ آئڪن
بنگ ۾ بنگ چيٽ ذريعي جي.پي.ٽي-4 جو ٺاهيل "وڪيپيڊيا" ڏانهن اشارو ڪري پڇيل سوال تي بنگ چيٽ جو پيدا ڪيل مواد جو مثال"

بنگ (انگريزي ٻولي: Bing)، مشهور سافٽ ويئر ڪمپني مائڪروسافٽ جي ڳولا انجڻ آهي. بنگ اي آئي، جنهن کي بنگ چيٽ جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ هٿراڌو ڏاهپ (اي آءِ) چيٽ بوٽ آهي جيڪو مائيڪروسافٽ پاران تيار ڪيو ويو ۽ 2023 ۾ جاري ڪيو ويو. اهو اوپن اي آءِ جي جي پي ٽي-بنيادي وڏي ٻولي ماڊل (فائونڊيشنل لارج لينگويج ماڊل، ايل ايل ايم) جي مٿان ٺهيل آهي ۽ ٻنهي جي ڳانڍاپي کي استعمال ڪندي پرک هيٺ ۽ تقويت سکيا ٽيڪنڪ سان بهتر ڪيو ويو آهي. بنگ اي آءِ چيٽ (ڪچهري) جي اوزار طور ڪم ڪري سگهي ٿو. جنهن وسيلي مختلف قسم جو مواد لکي، نظمن کان وٺي ڪري گيتن، ڪهاڻين، رپورٽن تائين؛ هن وقت برائوزر ۾ کليل ويب سائيٽ تي واهپيندڙ کي ڄاڻ ۽ بصيرت مهيا ڪري ٿو؛ ۽ متن جي بنياد تي لوگو، ڊرائنگ، آرٽ ورڪ، يا ان کي ٻي تصوير ٺاهڻ (اميج ڪريئيٽر) جي بنياد تي ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو. بنگ اي آءِ اميج ڪريئيٽر کي سڀني ٻولين تائين وڌائي رهيو آهي.