وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو ڊسمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو

سنڌو رياست/بادشاهت (انگريزي: Sindhu Kingdom) هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنا آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنا هئي ندي يا درياهه. جنهن جي پٺيان هن سڄي پرڳڻي تي تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي. هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي.