وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو فيبروري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪرونا جي مريضن جو تعداد گھٽايو
متحرڪ GIF غير موجودگي ۾ ، ۽ موجودگي جي صورت ۾ ، وبائي بيماري تي ضابطو آڻڻ جي روڪٿام پروپيگنڊا ڏيکاري ٿي. Animated GIF showing pathogen propagation in the absence of, and in the presence of, pandemic containment measures.

سماجي وٿي، سماجي وڇوٽي،(انگريزي ٻولي: Social distancing) يا جسماني وڇوٽي (انگريزي ٻولي: physical distancing)، ماڻهن جي وچ ۾ جسماني وڇوٽي (فاصلو) رکڻ ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ويجهو رابطو ۾ اچڻ جي تعداد کي گهٽائي هڪ پکڙجندڙ (متعدي) روڳ (بيماري) جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ غير دواسازي مداخلت يا عمل جو هڪ سيٽ آهي. سماجي وِٿيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان ڇهہ فُٽ يا ٻہ ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي، فاصلو) رکڻ ۽ وڏن گروهن (گروپن) جي ميڙ ۾ گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهي. ان اِمڪان کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان تہ هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ سان جسماني رابطي ۾ اچي ويندو، سماجي وِٿي رکڻ سان بيماري جي مٽاسٽا (منتقلي،ٽرانسميشن) کي دٻائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ موتَ ٿيندا. ان سان گڏوگڏ سُٺي ريت صحت صفائي (هائيجين) ۽ هٿ ڌوئڻ سان گڏيل اُپاءَ ڪرڻ پڻ شامل آهن. 2019-2020 جي ڪوروناوائرس مهاوبائي روڳ دوران ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) موجب "جسماني وٿي" کي "سماجي وٿي" جي متبادل طور اهو ويچار رکيو ويو آهي تہ اهو بيماري جي مٽاسٽا کي روڪي ٿو؛ جڏهن تہ ماڻهو سماجي طور تي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل رهي سگهن ٿا