وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو سيپٽمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گانڌيڌام جنڪشن اسٽيشن بورڊ


گانڌيڌام (انگريزي: Gandhidham) هندستان جي گجرات رياست ۾ ڪڇ ضلعي جو هڪ شهر آهي. هيءُ شهر 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي آيل سنڌين جي آبادڪاريءَ لاءِ قائم ڪيو ويو. هن شهر کي اهو نالو هندستان جي مهان اڳواڻ مهاتما گانڌيءَ جي نالي سان منسوب ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو. هيءُ شهر ڪڇ جو هڪ معاشي مرڪز آهي جيڪو گجرات رياست ۾ تيزيءَ سان ترقيءَ جون وکون کڻي رهيو آهي. هيءُ شهر گجرات رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان اٺون وڏو شهر آهي. هندستان جو مشهور ”ڪنڊلا بندرگاھ“ هن شهر کان فقط 14 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. 1947ع ۾ سنڌ جا هندو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي هندستان وڃڻ تي مجبور ٿيا. سنڌ مان لڏي آيل سنڌي هندو برادريءَ جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪڇ جي مهاراجه شري کنگهارجي جديجا پنهنجي 15000 ايڪڙ زمين ڀائي پرتاب ڏيالداس جي حوالي ڪئي. ڀائي پرتاب ”سنڌو ٻيهر آبادڪاري ڪارپوريشن لميٽيڊ“ جي نالي سان هڪ ادارو جوڙيو جنهن جو چيئرمين آچاريه ڪرپلاڻي ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر پرتاب ڏيالداس مقرر ٿيو. هن اداري جو مقصد پنهنجي سنڌ مان لڏي آيل هندن کي پنهنجا ذاتي اجها ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ هو. هن شهر جي پيڙھ جو پٿر مهاتما گانڌيءَ 1947ع ۾ رکيو ۽ شهر جو نالو ”گانڌيڌام“ رکيو ويو