وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو جولاءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پارڪ داس نيڪس ليسبن، پرتگال

پورچوگال يا پورچوگيز ريپبلڪ يا ريپبلڪا پورچوگئيسا اردو ۾ پرتگال يورپ جي ابيريائي اپٻيٽ ۾ آخري ڏکڻئ اولھ واري ھنڌ ائٽلانٽڪ سمنڊ تي واقع ھڪ ملڪ آهي. ھن ملڪ جي اوڀر ۽ اتر ۾ اسپين، اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ واقع آهي. ملڪ جي دفتري ۽ قومي ٻولي پورچوگيزي آھي. پورچوگال لفظ پورٽس ڪال نالي قديم رومي-ڪيلٽڪ شھر جي نالي مان نڪتل آھي; جنھن شھر واري جاء تي ھاڻوڪي پورچوگال جي اترئين ڀاڱي ۾ ڊوئرو ندي جي منھن لڳ ولا نووا ڊي گائيا واقع آهي. پورٽس ڪال ۾ لاطيني لفظ پورٽس جي معني آھي بندر, پر ڪال جي معني اڃان واضع ٿي نہ سگھي آهي. خيال آهي ته ابيريائي اپٻيٽ جي اتراولھ تي قابض ڪاسٽرو تھذيب وارا ماڻھو جيڪي ڪالئشي يا گالئشي يا گالنيشيا سڏيا ويندا ھئا، انھن جي نالي تان ڪال نالو ان شھر تي پيو