وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو اپريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاهي پنير

ننڍي کنڊ پاڪستان هندستان ۾ شاهي پنير جي تياري ۾ پنير، ٽماٽرم ۽ بصر استعمال ڪيا ويندا آهن. تياري کانپوءِ ان ۾ ملائي شامل ڪئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڌئونرو سان به تيار ڪيو ويندو آهي. مغل مغل کاڌا جي دور ۾ جن کاڌن ۾ ملائي استعمال ڪيو ويندو هيو، انهن کي شاهي کاڌا سمجهيو ويندو هيو. هي پڪوان ٽماٽر، بصر، زميني کاجو، مکڻ ۽ ملائي کي ٻوڙ ۾ وجهي تيار ڪيو ويندو آهي. پنير ڪيوب ۽ مختلف قسم جي مصالحن کي به ان ۾ وِڌو ويندو آهي. اهڙي طرح جي کاڌي (پڪوان) ۾ پنير مکڻ، تِکاڻ ۽ ڪڙائي پنير شامل آهي. پنير مکڻ تِکاڻ ۽ شاهي پنير جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته پنير مکڻ تِکاڻ (مصالحو) ۾ تمام گهڻو تِکاڻ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته پنير مکڻ مصالحي جي ڀيٽ ۾ شاهي پنير سُواد مِٺو هوندو آهي.