وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو.

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو (انگريزي:Great Bath Mohenjo-daro) مهان سنان گھاٽ موهن جو دڙو قديم سنڌو سڀيتا جي سنڌ پاڪستان ۾ منهين جي دڙي  جي آثارن يا کنڊرات منجهان ڄاتل سڃاتل اڏاوت ۽ عالمي ورثو ماڳ آهي. قديم آثارن جي علم جون شاهديون اشارو ڪن ٿيون ته مها سنان گھاٽ قبل مسيح جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مٿاهين اڀريل دڙي کان جلد پوءِ تعمير ڪيو ويو هو.

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو جو هڪ ڏيک

مها سنان گھاٽ کي  قديم دنيا جو عام ماڻهن لاءِ آڳاٽو ترين پاڻي جو گھاٽ يا تلاءُ سڏيو ويو آهي. هن جي ماپ 11.88×7.01 ميٽر آهي ۽ ان جي گهرائي يا اونهائي 2.43 ميٽر آهي. مها سنان گھاٽ ۾ لهڻ لاءِ اتر کان ٻه ويڪريون ڏاڪڻون ۽ ڏکڻ کان هڪ ڏاڪڻ آهي.  ڏاڪڻن وٽ هڪ ميٽر ويڪرو ۽ 40 سينٽي ميٽر اوچي دڙي جيان اڏاوت موجود آهي. گھاٽ  ۾ هڪ ڪناري وٽ سوراخ به مليو آهي جيڪو  پاڻي  وجهڻ يا ڇوڙڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هوندو. گھاٽ جو فرش مضبوط ڪيل آهي جيڪو سرون رکي مٽي ۽ هڪ قسم جي مصالحي سان ٻڌل آهي. پاسي واريون ديوارون به ساڳي نموني جوڙيل آهن. گھاٽ کي وڌيڪ مضبوط ۽ واٽر پروف ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مصالحو (Bitumen) گھاٽ جي سائيڊن سان ۽ اندازي موجب فرش تي به استعمال ڪيل هئا. سرن جون لڙهون اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنار وٽ ڍڪيل آهن. محفوظ ڪيل ڪالمن کي ڪَنار سان ڏاڪا هئا. اهي ڪاٺ جي تختي يا دريءَ نما فريم سان بيهاريل هئا. گھاٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا هئا. هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اتر اولھ کان هو. گھاٽ جي اڏاوت جي ڪنار سان سلسليوار ڪمرا هئا ۽ هڪ ڪمري ۾ کوھ هو جيڪو شايد پاڻي جي کوٽ وقت گھاٽ کي ڀرڻ لاءِ ڪم آيو ٿي. گھاٽ جي ڀرڻ لاءِ مينهن جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو هوندو پر اهڙي اندر ڇوڙ واري اڏاوت نه ملي آهي. اهو ڊگهو گھاٽ واٽر پروف سرن سان جوڙيو ويو هوندو. اڪثر ماهر ان سان متفق آهن ته مها شنان گھاٽ خاص مذهبي ڏڻن ملهائڻ لاءِ جوڙيو ويو هوندو جتي پاڻي پاڪائي لاءِ ڪم ايندو هوندو ۽ وهنجندڙن جي ٻيهر پاڪيزگي يا کين ٻيهر پاڪ پويتر ٿيڻ لاءِ  هوندو