وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو نومبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اتر ڪوريا جو جهنڊو
اتر ڪوريا جا ماڻهو سنچون قتل عام جي ميوزيم جو دورو ڪري رهيا آهن

اتر ڪوريا ، هڪ اتر اوڀر ايشيائي مُلڪ آهي. هن ملڪ جو سرڪاري نالو (Democratic Peoples Republic of Korea) آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان ان کي ڪوريا سڏيو ويو. هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ چين، اتر اوڀر ۾ روس، اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾ پيلو سمنڊ (Yellow Sea) آهن. اتر ڪوريا، ٻيٽ نما ڪوريا جي اترئين حصي تي ٻڌل هڪ جابلو ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 122098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ (Piyong Yong) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ پائي ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي هتان جي سرڪاري ٻولي ڪورين آهي. موسم گرمين ۾ گرم ۽ گھميل پر خوشگوار هوندي آهي، جڏهن ته سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. اتر ڪوريا جي مکيا زرعي پيداوار چانور، مڪئي، جَوَ، پٽاٽا، جوئر، ڪڻڪ، صوف، مٺا پٽاٽا، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ ميوا آهن، هتان جي مکيا صنعتن ۾ مشينري، آبي توانائي، ڪيميائي شيون، فولاد، ڪپڙو، سيمنٽ، پيٽروليم جي صفائي ۽ ايلومينيم آهن ۽ جڏهن ته مکيا معدنيات ۾ ڪوئلو، لوهه، گرينائيٽ، پيٽروليم، شيهو، نڪل، ٽنگسٽن، جست، سون، چاندي، ٽامو، زنڪ ۽ موليبڊ نيم شامل آهي.