وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو مَئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ ايپل انڪارپوريشن جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر آھي، ان کان اڳ ھي اسٽيوو جابز جي ذيلي عھدي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ايپل ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آھي. ٽم آمريڪي شھر موبائيل الاباما ۾ 1 نومبر 1960ع تي پيدا ٿيو. ٽم جو والد ڊونلڊ ھڪ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندو ھو. ھن جي امڙ جيلڊن فارميسي ۾ ڪم ڪندي ھئي. ھن شروعاتي تعليم رابرٽسڊل ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. ھن بي ايس صنعتي انجنئرنگ جي سند آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي حاصل ڪئي. ايم بي اي جي سند ڊيوڪ يونيورسٽي جي فوڪوا اسڪول آف بزنسز مان 1988ع تي حاصل ڪئي. آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي بي ايس جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن 12 سال آئي بي ايم جي ذاتي ڪمپيوٽر جي واپار واري شعبي ۾ گذاريا، جنھن کان پوءِ ھن کي اتر آمريڪا جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان کا پوءِ ھي انٽيلجنس اليڪٽرانڪس نالي اداري ۾ پڻ رھيو، ھن 1997ع تي ڪامپيڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي جتي ھن ڇھن مھينن لاءِنائب صدر مقرر ڪيو ويو. ھن 1998ع تي ايپل ۾ شموليت اختيار ڪئي.