وڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2017

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گهر ميڊيا 2022 2021 2020 2019 2018 2017 2016 2015
وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو

وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو ھڪ آن لائن ترميمي ڊوڙ آھي، جنھن جو مقصد ايشيا جي وڪيپيڊيا برادرين جي وچ ۾ موجود پرڀرائيءَ کي گھٽائڻ ۽ انھن کي ھڪ ٻي جي ويجھو آڻڻ آھي.

اھڙو وڪي نويس جيڪو تمام وڪين ۾ سڀ کان وڌيڪ مضمون تخليق ڪندو ان کي "وڪيپيڊيا جو ايشيائي سفير" جي اعزاز سان نوازيو ويندو.

اصول

مختصر لفظن ۾ : ايشيائي موضوعن تي اھڙا نوان مضمون جيڪي گھٽ ۾ گھٽ 3000 بائٽ ۽ 300 لفظن پر تي جڙيل ھجن ۽ نومبر 2017ع ۾ ٺھيل ھجن.

تفصيل:

  1. مضمون تازو جڙيل ھجن يعني جن کي 1 نومبر 2017 0:00ع کان 30 نومبر 2017ع 23:59 جي وچ ۾ لکيو ويو ھجي.
  2. مضمون گھٽ ۾ گھٽ 3،000 بائيٽ ۽ تقريباً 300 لفظن تي جڙيل ھجن.
  3. مضمون قابل ذڪر موضوعن تي ھجن ۽ معياري ھجن.
  4. مضمون مناسب حوالن سان ٺھيل ھجن ۽ مشڪوڪ يا متنازع مواد کان عاري ۽ قابل تصديق معلومات وارا ھجن.
  5. مڪمل طور تي مشيني ترجمي تي ٺھيل مضمون ناقابل قبول ھوندا.
  6. مضمون فھرست جي شڪل ۾ نہ ھجن.
  7. اھڙي فھرست قابل قبول آھي جيڪا سھولت جي غرض سان ٺاھي وئي ھجي (ھي اختيار صرف چونڊ مضمونن جي لاءِ آھي)
  8. مضمون معلومات ڀريا ھجن.
  9. مضمون صرف ايشيائي ملڪن ۽ علائقن سان لاڳاپيل ھجن (مضمون نويس واپرسئيندڙ پنھنجي ملڪ سان لاڳاپيل موضوعن تي نہ لکي، مثال طور پاڪستاني واپرائيندڙ پاڪستان سان لاڳاپيل مضمون تحرير نہ ڪن.)

ناظم

داخلا

پنھنجي ڪم جي داخلا ڪيئن ڪجي

جيڪڏھن توھان پھرين نومبر 2017ع کان 30 نومبر 2017ع جي وچ ۾ ڪو مضمون لکيو آھي، جيڪو ايشيا کنڊ سان لاڳاپيل ڪنھن بہ موضوع تي آھي، ان جو وزن 3000 بائيٽ آھي ۽ ان ۾ حوالا ۽ ڄاڻ خانن کان سواءِ، 300 لفظ (گھٽ ۾ گھٽ حد) آھن، تہ توھان ھتي ٽڙڪ ڪريو ۽ سبمٽ () تي ٽڙڪ ڪري پنھنجي مضمون (جنھن واپرائيندڙ مضمون شروع ڪيو، اھو ئي داخل ڪرائي سگھي ٿو ٻي جو مضمون توھان جي نالي سان، يا توھان جو مضمون ڪنھن ٻي واپرائيندڙ سان ھتي داخل ٿي نہ سگھندو) جو نالو لکو ۽ نيڪسٽ تي ٽڙڪ ڪريو، جيڪڏھن توھان جو مضمون لاڳاپيل شرطن تي پورو لھي ٿو، تہ تڏھن ئي ھيٺ نيڪسٽ تي ٽڙڪ ڪري سگھندئو. اھڙي طرح توھان جي ڪم جي داخلا ٿي ويندي.

اڳوڻيون ڊوڙون