مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:ناري واد ۽ لوڪ وارتا/2026

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • گهرُوپَنو
  • 2026
  • 2025
  • 2024
  • 2023
  • 2022
  • 2021
  • 2020
  • 2019
  • ڪامنز هوم پيج
Feminism and Folklore Logo

ناري واد ۽ لوڪ وارتا وڪيپيڊيا تي هر سال منعقد ٿيندڙ عالمگير ليک لکڻ جي هڪ چٽاڀيٽي آهي، جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي درجيڪارين ۾ موجود جنسي فرق کي بهتر بنائڻ ۽ جنسي وِٿي کي ڀرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ لوڪ ثقافتن ۽ لوڪ ڪهاڻين ۾ عورتن بابت دستاويز تيار ڪرڻ آهي.

هن چٽاڀيٽيءَ جو بنيادي مقصد دنيا جي آزاد انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا ۾ انساني ثقافتي رنگارنگيءَ بابت مضمون گڏ ڪرڻ آهي۔ هن سال اسان جو ڌيان فيمينزم، عورتن جي سوانح حيات، ۽ صنفي موضوعن کي اجاگر ڪرڻ تي آهي، جيڪي “وڪي پِريتِ لوڪ وارتا” جي ڪُشادي موضوع اندر شامل آهن.

2019 کان وٺي، اسان پنهنجي عالمي وڪي پِريتِ هلچل جي حقيقي روح کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ گهڻ لساني وڪيپيڊين مقابلو پڻ شامل ڪيو آهي.

📅 وقت جو خاڪو (ٽائيم لائين)

1 فيبروري 202X 00:01 يو ٽي سي – 31 مارچ 202X 11:59 يوٽي سي

مُک موضوع

توهان اسان جي ڪم جي فهرست مان ڪنهن به مضمون جي چُونڊَ ڪري سگهو ٿا يا پنهنجي پسند جو موضوع به چونڊي سگهو ٿا، شرط هي آهي ته اهو بنيادي يعني مُکيه موضوع سان لاڳاپيل هجي.

لوڪ داستان

شرڪت ڪندڙ ڀاڱيدارن کي همٿايو وڃي ٿو ته هو دنيا جي مختلف ڀاڱن کان لوڪ ادب سان لاڳاپيل اَنِيڪ موضوعن کي ڳولهن. هن چٽاڀيٽيءَ ۾ هيٺيان موضوع شامل آهن، پر ان جو دائرو هنن موضوعن تائين محدود نه آهي:

  • لوڪ ميلا ۽ ناچ
  • راڳ رنگ ۽ رانديون
  • رڌپچاءَ جا کاڌا ۽ روايتي پوشاڪ
  • پرين جي آکاڻيون، ناٽڪ ۽ هُنر
  • ڌرم ۽ ڏندڪَٿا

لوڪ ادب ۾ ناريون

هي موضوع لوڪ سڀيتا ۾ گهڻو ڪري نظرانداز ٿيندڙ عورتن ۽ نرالي فردن جي ڪردار ۽ ڀاڱيدارين کي اجاگر ڪري ٿو:

  • لوڪ ڪلاڪار، ناچو، راڳي
  • سورميون ۽ ڏائنڻيون
  • لوڪ ادب ۾ صنفي ڪردار
  • ڏندڪٿا ۾ عورتون

قاعدا ۽ هدايتيون

  • ✅ نئون يا وڌايل مضمون گهٽ ۾ گهٽ 3000 بائيٽس ۽/يا 300 لفظن تي ٻَڌل هئڻ گهرجي.
  • ✅ مضمون خراب مشيني ترجمي تي ٻڌل نه هئڻ گهرجي.
  • ✅ مضمون 1 فيبروري کان 31 مارچ جي وچ واري عرصي دوران وڌايو يا تيار ڪيو ويو هجي.
  • ✅ مضمون فيمينزم يا لوڪ ساهت جي موضوع سان لاڳاپيل هجي.
  • ✅ مضمون يتيم نه هئڻ گهرجي.
  • ✅ ڪاپي رائيٽ جي ڪا به ڀڃڪڙي نه هجي؛ مناسب حوالا لازمي گُهربَل آهن.

اِنعامَ

🌍 بين الاقوامي انعام

  • 🥇 پهريون انعام: 300 آمريڪي ڊالر
  • 🥈 ٻيون انعام: 200 آمريڪي ڊالر
  • 🥉 ٽيون انعام: 100 آمريڪي ڊالر
  • 🏅 آٿت (مٿي 10 ڄڻا) کٽيندڙ: 50 آمريڪي ڊالر هر هڪ

📍 ڏيهي انعام

  • پهريون مقامي لاءِ انعام:25 آمريڪي ڊالر
  • ٻيون مقامي لاءِ انعام:20 آمريڪي ڊالر
  • بهترين جُوري مضمون لاءِ انعام:15 آمريڪي ڊالر

آرگنائيزر

نِرالو اَجر

هر ڀاڱيدار کي وڪيپيڊيا 25 ڊجيٽل پوسٽ ڪارڊ ملندو.


ڪارائتا ڳنڍڻا