مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2025/مهينو جولاءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام نظام الدين جو مقبرو

ڄام نظام الدين سمو سنڌ ۾ سمن جو راڄ جو آخري حاڪم جنھن کي سنڌ جا ماڻهو قرب ۽ محبت منجهان ڄام نندو سڏيندا هئا. ڄام نظام الدين سمن جي دور جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25 ربيع الاول 866ھ/ 29 ڊسمبر 1461ع کان 914ھ/ 1508ع تائين نه رڳو ملڪ سنڌ تي فرمانروائي ڪئي، پر ماڻهن جي دلين تي به راڄ ڪيو. ڄام نظام الدين حڪومت جي انتظام ۾ مناسب سڌارا آندا ۽ چند لائق وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. اهڙن ناليرن اميرن ۾ دريا خان جو نالو عالم آشڪار آهي.